پندرهين شعبان جو روزو



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
پندرهين شعبان جو روزو
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَلِّیٍ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم اِذا کَانَتۡ لَیۡلَۃُ النِّصۡفِ مِنۡ شَعۡبَانَ فَقُوۡمُوۡا لَیۡلَھَا وَصۡوۡمُوۡا نَھَارَھَا فَاِنَّ اللہَ یَنۡزَلُ فِیۡھَا لِغُرُوۡبِ الشَمۡسِ اِلٰی السَّمَآءِ الدُّنۡیَا فَیَقُوۡلُ اَلاَ مِنۡ مُسۡتَغۡفِرٍ فَاَغۡفِرُلَہٗ اِلاَ مُسۡتَرۡزِقٌ فَاَرۡزُقُہٗ اَلاَ مُبۡتَلِیً فَاُ عَافِیۡہِ اَلاَ کَذَا اَلاَ کَذا حَتّٰی یَطۡلُعَ الۡفَجۡرُ۔ (الترغیب والترھیب کتاب الصوم ج 2 ص 30 و سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام)
 ”حضرت علي ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جڏهن شعبان مهيني جي پندرهين جي رات اچي ته پوءِ توهين دربار خداونديءَ ۾ نفل پڙهو ۽ ڏينهن جو روزو رکو، ڇو جو انهيءَ رات ۾ سج لهڻ سان ئي الله پاڪ جي خاص تجلي ۽ رحمت پهرين آسمان تي لهندي آهي ۽ ارشاد ٿيندو آهي ته ڪوئي ٻانهون آهي جيڪو مون کان مغفرت ۽ بخشش طلب ڪري ته آءُ ان جي مغفرت جو فيصلو ڪريان، ڪوئي ٻانهون آهي جيڪو رزق گهري ته آءُ ان کي رزق ڏيڻ جو فيصلو ڪريان، 


ڪوئي ٻانهون آهي جيڪو مصيبت ۾ مبتلا هجي ۽ مون کان صحت ۽ عافيت ۽ تندرستي جو سوال ڪري ته آءُ ان کي تندرستي ۽ عافيت عطا ڪريان، اهڙيءَ طرح مختلف قسم جي حاجتمندن کي الله پاڪ جي طرف کان پڪار ٿيندي آهي ته اهي هن وقت مون کان پنهنجون حاجتون گهرن ته آءُ انهن کي عطا ڪريان. ۽ سج لهڻ کان وٺي سج اڀرڻ تائين الله پاڪ جي رحمت اهڙيءَ طرح پنهنجي ٻانهن کي انهيءَ رات ۾ پڪاريندي رهندي آهي.
۽ صاحب فتاويٰ عالمگيرية لکيو آهي ته پندرهين شعبان المعظم جو روزو رکڻ پسنديده ۽ بهتر آهي. (فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم ج 1 ص 202)





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت