بس سروس چالو ڪرڻ لاءِ ايڊيٽر ڏانھن درخواست


ڳوٺ رئيس وليداد جوکيو
۽ ڀر وارا ڳوٺ.
ڪراچي.
خدمت ۾ جناب ايڊيٽر روزاني عوامي آواز

جناب اعليٰ:

مھرباني ڪري ھيٺيون چند سٽون، پنھنجي نامور اخبار جي ڪالمن ۾ شايع ڪري غريب عوام کي شڪر گذاريءَ جو موقعو عنايت ڪندا.

ڪراچي کان نوري آباد تائين بس سروس شروع ڪئي وڃي.

ڪراچي کان نوري آباد تائين سپر ھاءِ وي تي ٻھراڙي جا گھڻا ڳوٺ آھن، پر انھن جي آمدرفت لاءِ ڪوبه معقول بندوبست ڪونھي، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ ۾ ھلندڙ بسون، پھريان ته وچ رستي جو ڪوبه پئسينجر نه کڻنديون آھن. جيڪڏھن کڻن ٿيون ته حيدرآباد ۽ ڪراچي جون فل ڀاڙو وٺن ٿيون جو غريب عوام جي سگھ کان ٻاھر آھي.

ٻيو ته چڙھڻ ۽ لھڻ مھل ايترو ته جلد بازي ڪندا آھن، جو ڪنھن به وقت حادثو پيش اچي سگھي ٿو. تنھن ڪري گورنمنٽ ٽرانسپورٽ اٿارٽي کي عرض ٿو ڪجي ته انھي ايراضيءَ جي غريب پٺ تي پيل عوام جي سھولت لاءِ ڪراچي کان نوري آباد تائين بس سروس ھلائي وڃي.

ڳوٺاڻن جون صحيحون.





Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت