رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اِبۡنِ عُمَرَ رضہ ؓ اَنَّ النَّبِیَّ صلی اللہ علیہ وسلم قَالَ اِنَّ الۡجَنَّۃَ تُزَحۡرَفُ لِرَمَضَانَ مِنۡ رَأَسِ الۡحَوۡلٍ قَالَ فَاِذَا کَانَ اَوَّلُ یَوۡمٍ مِنۡ رَمۡضۡانَ ھَبَّتۡ رِیۡحٌ تَحۡتَ الۡعَرۡشِ مِنۡ وَرَقِ الۡجَنَّۃِ عَلٰی الۡحُوۡرِ الۡعِیۡنِ فَیَقُوۡلُ یاَ رَبِّ اجۡعَلۡ لَنَا مِنۡ عِبَادِکَ اَزۡوَاجًا تَقَرُّبِھِمۡ اَعۡیُنُنَا وَتَقَرَّ اَعۡیُنُھُمۡ بِنَا ۔ رواھ البیھقی فی شعب الایمان ۔ (مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم الفصل الثالث ج 1 ص 174(
”حضرت ابن عمر ؓ  کان روايت آهي ته 


پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته رمضان المبارڪ (جي استقبال جي لاءِ) جنت کي شروع سال کان آخر سال تائين آراسته ۽ سينگاريو ويندو آهي ۽ جڏهن رمضان جو پهريون ڏينهن هوندو آهي ته عرش جي هيٺان جنت جي وڻن جي پنن مان حورعين جي مٿي تي هوا هلندي آهي، پوءِ حورون چونديون آهن ته اي انسانن جا پروردگار! پنهنجي ٻانهن مان اسان جي لاءِ مڙس ٺاهه تانته انهن (جي محبت ۽ همنشيني جي ڪيف و سرور) سان اسان جون اکيون ٿڌيون ٿين ۽ انهن جون اکيون به اسان جي (ديدار ۽ ملاقات) جي ذريعي ٿڌيون ٿين.

هن حديث شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته 
”شروع سال کان جنت کي سينگاريو ويندو آهي.“ ممڪن آهي ته انهن مان مراد محرم الحرام جو پهريون ڏينهن هجي ليڪن اهو به بعيد نه آهي ته جنت ۽ رمضان المبارڪ جي اعتبار سان شروع سال مان مراد شوال المڪرم جو پهريون ڏينهن هجي.

خلاصو هي آهي ته رمضان جي آمد تي بخشش جي ڪثرت ۽ مغفرت عامه ۽ بلندي درجات وغيره کان علاوه جنت پورو سال پنهنجو سينگار ڪندي آهي. ۽ جنت جون حورون هي تمنا ۽ آرزو ڪنديون آهن ته ”اي الله پاڪ پنهنجن ٻانهن مان اسان جي لاءِ مڙس بڻاءِ.“ ٻانهن مان مراد خدا جا نيڪ ٻانهان آهن جيڪي رمضان المبارڪ جي ڏينهن ۾ روزا رکندا آهن ۽ راتين جو نماز تراويح ۾ مشغول هوندا آهن. چنانچه پاڻ ڪريم ﷺ جن جو ارشاد گرامي آهي ته جيڪو ٻانهو رمضان المبارڪ ۾ روزو رکندو آهي ته ان جي لاءِ هر ڏينهن روزي جي بدلي ۾ ان کي موتين جي خيمن ۾ حورعين مان هڪ حور گهر واريءَ جي طور تي عطا ڪئي ويندي آهي.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت