سلام - رُتبئه شهباز کي آهي سلام - خليل عارف سومرو






رُتبئه شهباز کي آهي سلام،
۽ سندس پرواز کي آهي سلام.

بادشاهي ۽ فقيري ويس ۾،
هِن مليل اعزاز کي آهي سلام.

هُو جُدا ناهي نبيءَ کان ڪنهن طرح،
ان سموري راز کي آهي سلام.

فڪر هن جي مان ملي ويساهه ٿو،
سوچ جي انداز کي آهي سلام،

پئي ڌمالن تي خُدائي رقص ۾،
ساز کي آواز کي آهي سلام،

هئي مجازيءَ ۾ حقيقي معرفت،
عشق جي همراز کي آهي سلام،

ڪوبه سيوهڻ ۾ سُمهي بُک تي نه ٿو،
هن نذر ۽ نياز کي آهي سلام.

فخر عارف هن تي پنجتن پاڪ کي،
منهنجو تن جي ناز کي آهي سلام.

خليل عارف سومرو

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت