احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزي
جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه
وسلم کُلُّ عَمَلِ ابۡنِ اٰدَمَ یُضَاعَفُ الۡحَسَنَۃُ بِعَشۡرِ اَمۡثَالِھَا
سَبۡعُمِاَءَۃِ ضِعۡفٍ قَالَ اللہُ تَعَالیٰ اِلاَّ الصَّوۡمُ فَاِنَّہٗ لِیۡ
وَاَنَا اَجۡزِیۡ بِہٖ یَدَعُ شَھۡوَتَہٗ وَطَعَامَہٗ مِنۡ اَجَلِیۡ لِلصَّاءِمِ
فَرۡحَتَانِ فَرۡحَۃٌ عِنۡدَ فِطۡرِہٖ وَفَرۡحَۃٌ عِنۡدَ بقَاءِ رَبِّہٖ
وَلَخَلُوۡفُ فِمِ الصَّاءِمِ اَطَیَبُ عِنۡدَ اللہِ مِنۡ رِیۡح، الۡمِسُکِ
وَالصِّیَامُ جُنَّۃٌ وِ اِذَا کَانَ یَوۡمُ صَوۡمِ اَحَدِکُمۡ فَلاَ یَرۡفَثُ
وَلاَ یَصۡخَبۡ فَاِنۡ سَبَّاہُ اَحَدٌ اَوۡ قَاتَلَہٗ فَلۡیَقُلۡ اِنِّیۡ
اِمۡرُءٌ صَاءِمٌ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب ھل یقول انی صاءم اذا شُتِمَ ج 1 ص
255۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل الصیام ج 1 ص 363۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام
باب ماجاء فی فضل الصیام ص 119)
”حضرت ابو هريرة ؓ کان روايت
آهي ته
پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته انسان جي هر نيڪ عمل جو ثواب ڏهوڻ کان ست سؤ
تائين وڌايو ويندو آهي (يعني امت محمدي جي نيڪ اعمال جي متعلق عام قانون قدرت اهو
ئي آهي ته هڪ نيڪيءَ جو ثواب ۽ اجر پهرين امتن جي لحاظ سان ڪم از ڪم ڏهوڻ تي ضرور
عطا ٿيندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن عمل ڪرڻ جي خاص حالات ۽ اخلاص وغيره جي ڪيفيات جي ڪري ان
کان به وڌيڪ ثواب عطا ٿيندو آهي، ايتري قدر جو بعض مقبول ٻانهن کي انهن جي اعمالِ
صالحه جو اجر و ثواب ست سؤ تائين عطا ڪيو ويندو) مگر الله پاڪ جو ارشاد آهي ته ”روزو
انهيءَ عام قانون کان مستثنيٰ ۽ بالاتر آهي، روزو ٻانهي جي طرف کان منهنجي لاءِ
خاص تحفو آهي ۽ آءُ ئي (جهڙيءَ طرح چاهيندس) ان جو اجر ۽ ثواب عطا ڪندس. منهنجو
ٻانهون منهنجي رضا جي لاءِ پنهنجي خواهشاتِ نفس ۽ پنهنجو کاڌو پيتو ڇڏي ڏيندو آهي.
(بس آءُ پاڻ ئي پنهنجي مرضيءَ جي مطابق ان جي انهيءَ قربانيءَ جو صلو ڏيندس)
روزيدار جي لاءِ ٻه خوشيون آهن. هڪ افطار ۽ روزي کولڻ جي وقت ۽ ٻئي پنهنجي مالڪ
سان ملاقات جي وقت ۽ قسم آهي ته روزيدار جي وات جي بدبوءِ الله پاڪ جي نزديڪ مشڪ
جي خوشبو کان به بهتر آهي (يعني انسانن جي لاءِ مشڪ جي خوشبو ۽ جيتري قدر سٺي ۽
پياري آهي الله پاڪ جي نزديڪ روزيدار جي وات جي بدبوءِ ۽ ان کان به سٺي آهي) ۽
روزو (دنيا ۾ شيطان ۽ نفس جي حلمن کان بچڻ جي لاءِ ۽ آخرت ۾ دوزخ جي باهه کان
حفاظت جي لاءِ) ڍال آهي. ۽ جڏهن توهان مان ڪنهن کي روزو هجي ته ان کي گهرجي ته اهو
بيهوده ۽ فحش ڳالهيون نه ڪري ۽ شور و شغب نه ڪري، ۽ اگر ٻيو ڪوئي ان سان بدڪلامي ۽
گاريون گند ڪري يا جهڳڙو ڪري ته روزيدار ان کي چوي ته آءُ روزيدار آهيان.“
هن حديث شريف ۾ فرمايو ويو آهي ته نيڪ عمل جي اجر و ثواب جي سلسلي ۾
ادنيٰ ۽ گهٽ درجو ڏهوڻ آهي، نيڪي ته هڪ هوندي مگر ان جو اجر و ثواب ڏهوڻ تي ڏنو
ويندو. ان کان پوءِ نيڪ عمل ڪرڻ وارن جي سچائي ۽ خلوص تي دارومدار هوندو آهي ته ان
جي رياضت ۽ مجاهدي ۽ ان جي خلوصِ نيت ۾ جيتري قدر پختگي ۽ مضبوطي ۽ ڪمال وڌندو
رهندو آهي اوتري قدر ان جي ثواب ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي. ايتري قدر جو بعض حالات
۾ هڪ نيڪيءَ تي ست سؤ ڀيرا وڌيڪ ثواب ملندو آهي گوياڪه اهو آخري درجو آهي ۽ الله
پاڪ اگر چاهي ته ان کان به وڌيڪ اضافو ۽ واڌارو ڪري سگهي ٿو.
روزي جي ايتري قدر ثواب ۽ فضيلت جا ٻه سبب آهن. پهريون هي ته روزو
ٻين ماڻهن جي نظرن کان لڪيل ۽ پوشيده هوندو آهي ٻين عبادتن جي برخلاف جو انهن ۾
اها وصف نه آهي، جيتريون به عبادتون آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ماڻهن جي نظرن
جي سامهون اينديون آهن جڏهن ته روزو ئي هڪ اهڙي عبادت آهي جنهن جو علم به الله پاڪ
کان سواءِ صرف روزيدار کي ئي هوندو آهي، لهذا روزو صرف الله پاڪ جي لاءِ ئي هوندو
آهي جو ان ۾ رياء ۽ ڏيکاءُ ۽ نمائش جو ڪوئي دخل نه هوندو آهي.
چنانچه الله پاڪ پنهنجي ارشاد فَاِنَّہٗ لِیۡ جي ذريعي انهيءَ طرف
اشارو فرمايو آهي ته روزو خاص منهنجي لاءِ ئي آهي ڇو جو روزو صورتاً پنهنجي لاءِ
ڪو وجود نه ٿو رکي جڏهن ته ٻيون عبادتون صورتن پنهنجي لاءِ وجود رکن ٿيون. ٻيو هي
ته روزي ۾ نفس ڪشي ۽ جسم جو نقصان آهي، ۽ وڌيڪ هي ته روز جي حالت ۾ انتهائي تڪليف
جون صورتون پيش اينديون آهن مثلن بک، اڃ وغيره ۽ انهن تي صبر ڪرڻون پوندو آهي.
جڏهن ته ٻين عبادتن ۾ نه ايتري تڪليف ۽ مشقت هوندي آهي ۽ نه پنهنجي طبيعت تي ايترو
جَبر ڪرڻو پوندو آهي.
روزي افطار ڪرڻ وقت روزيدار کي خوشي ٻن وجهن جي ڪري ٿي سگهي ٿي يا ته
ان ڪري جو اهو ئي اهو وقت هوندو آهي جو جڏهن روزيدار پنهنجو پاڻ کي الله پاڪ جي
حڪم ۽ پنهنجي پاڻ کي مطمئن محسوس ڪندو آهي ۽ سرور
و خوشيءَ جي ڪيفيت ۾ هوندو آهي. جيڪو ظاهر آهي ته اهو خوشيءَ جو سبب آهي ۽
پوري ڏينهن جي بک ۽ اڃ کان پوءِ ان کي کائڻ پيئڻ جي لاءِ ملندو آهي.
۽ هن حديث شريف ۾ هي به فرمايو ويو آهي ته ”روزيدار جي منهن جي
بدبوءِ الله پاڪ جي نزديڪ مشڪ کان به وڌيڪ پسنديده آهي.“ ان جو هڪ مطلب هي آهي ته
دنيا ۾ ئي الله پاڪ جي نزديڪ ان بدبوءِ جي قدر مشڪ جي خوشبوءِ کان به زياده
پسنديده آهي اها بيحد محبت جي علامت آهي ته الله پاڪ روزيدار سان بيحد محبت فرمائي
ٿو.
ٻيو مطلب هي آهي ته قيامت ۾ جڏهن روزيدار پنهنجي قبرن مان اٿندا ته
اها علامت هوندي ته انهن جي منهن مان هڪ خوشبوء جيڪا مشڪ کان به بهتر هوندي اها
ايندي. ٽيون مطلب هي آهي ته الله پاڪ آخرت ۾ روزيدار جي منهن جي بدبوءِ جو بدلو ۽
صلو خوشبوءَ جي صورت ۾ عطا ڪندو جيڪو مشڪ کان به زياده عمدو هوندو.
۽ هن حديث شريف جي آخري جملي جو مطلب هي آهي ته اگر ڪوئي شخص روزيدار
کي برو ڀلو چوي يا ان سان وڙهڻ جو ارادو ڪري ته اهو انهيءَ شخص کي انتقامن برو ڀلو
نه چوي ۽ ان سان وڙهڻ جي لاءِ تيار نه ٿئي بلڪه انهيءَ شخص کي هي چوي ته آئو
روزيدار آهيان. ۽ اها ڳالهه يا ته زبان سان چوي تانته دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن کان
باز اچي وڃي ڇو جو روزيدار جڏهن پنهنجي مدمقابل کي هي چوي ته آءُ روزيدار آهيان ته
ان جو مطلب هي هوندو ته آءُ چونڪه روزيدار آهيان تنهنڪري منهنجي لاءِ ته جائز نه
آهي ته تو سان لڙائي ۽ جهڳڙو ڪريان ۽ جڏهن آءُ وڙهڻ جي لاءِ تيار نه آهيان ته پوءِ
تنهنجي لاءِ به مناسب نه آهي ته اهڙي صورت ۽ حالت ۾ مون سان لڙائي ۽ جهڳڙي ڪرڻ جو
ارادو ڪرين يا ان جو مطلب هي آهي ته چونڪه آءُ روزيدار آهيان تنهنڪري هن وقت
تنهنجي لاءِ زبان درازي مناسب ۽ لائق نه آهي ڇو جو آءُ الله پاڪ جي ذمي ۽ حفاظت ۾
آهيان.
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment