نئين دور جا نوان سبق (سبق ڇهون) - ادل سومرو


سبق ڇهون
ٿ ـــ ٿورو
لفظ ٿوري جو عام طور ٻه معنائون نڪرن ٿيون. ٿورو معنيٰ احسان يا ڀلائي وغيره ۽ ٿورو معنيٰ گهٽ. ٿورن جا ڪيترائي نمونا ٿيندا آهن پر هت ٿورڙن ٿورن جو ذڪر ڪجي ٿو:

·         بدهاضمي جي شڪايت سبب يا پنهنجي وزن گهٽائڻ لاءِ ڪي ماڻهو ٿورو کائيندا آهن ۽ ملڪ جو اَن بچائي ملڪ تي ٿورو ڪندا آهن.

·         ڪي ماڻهو ٿورا ٻار پيدا ڪري، خانداني رٿا بنديءَ وارن ۽ عزرائيل تي ٿورو ڪندا آهن.

·         ڏاڍا ماڻهو، هيڻي کي مارائي، سندس لاش گم ڪرائي هن جي مائٽن کي ڪفن دفن جي خرچ کان بچائي مٿن ٿورو ڪندا آهن.

·         ذخيره اندوز، گُدامن ۾ انُ لڪائي، مُلڪ ۾ انُ ٿورو ڪري گُدام جي ڪوئن تي ٿورو ڪندا آهن. گُدام جا ڪوئا اَن کائي مچي پوندا آهن ۽ ذخيره اندوزن کي دعائون ڪندا آهن. ذخيره اندوز به ناجائز ڪمائيءَ ۽ ڪوئن جي دعائن سبب مچي پوندا آهن.

·         ڪو ٿورو وري ڳورو ٿو پوندو آهي، يعني ڳچي وٺندو آهي. ماسي ٻليءَ، ڄٽ شينهن تي ٿورو ڪري کيس پڙهائي اڪابر ڪيو ته موٽ ۾ ٻليءَ کي کائڻ آيو. تنهن ڪري ٻارو، ڳوري ٿوري کان هميشه پاسو ڪرڻ کپي.

·         ڪي ماڻهو، ڪنهن تي ٿورو ڪري، ڍنڍورو ڏيندا آهن، جيڪا ڪني عادت آهي. ڪنهن ماڻهو تي ٿورو ڪري (بشرطيڪه اهو ڳورو نه هجي) ڍنڍورو نه ڏجي. عظيم انسان، ڪنهن تي ڏکئي وقت ۾ ٿورو ڪري وساري ڇڏيندا آهن.

·         ڪي ماڻهو ڏاهن جي قول تي عمل ڪندي ڪچهريءَ ۾ ٿورو ڳالهائي ڪچهريءَ وارن تي ٿورو ڪندا آهن ۽ ٻين جون لٻاڙون صبر سان ٻڌندا آهن.

·         هوٽلن وارا ماڻهن کي بيمار جانورن جو گوشت کارائي، ڊاڪٽرن تي ٿورو ڪندا آهن. انهيءَ ٿوري جي ڊاڪٽرن کي خبر نه هوندي آهي، ان ڪري انهيءَ کي ”غائبانه ٿورو“ چئبو آهي.

·         اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڳالهيون ۽ واقعا غائبانه نموني جا ٿيندا آهن. نه گهوٽ کي خبر ته ڪنوار ڪاڻي آهي ۽ نه وري ڪنوار کي خبر ته گهوٽ منڊو آهي، بس شادي ٿي ويندي. ان کي ”غائبانه شادي“ چئبو آهي.

ٻارو! ياد رکڻ گهرجي ته:
ٿورا ٿڦيا به ويندا آهن. ايڊٽر صاحب ليکڪن جون لکڻيون شايع ڪري مٿن ٿورو ٿڦيندا آهن. مورو حالانڪه ٿورو ناهي پوءِ به عورتون زوريءَ مورو ڳائي ڍولڻ تي ٿورو  ٿڦينديون آهن:

مـــورو ته نــاهــي ٿــــورو
او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيان.

پيارا ٻارو!
اسان سڀني تي گهڻي کان گهڻا ٿورا اُنهيءَ مالڪ جا آهن، جنهن اسان کي مختلف نعمتن سان نوازيو آهي. سندس ٿورن جي موٽ ۾ اچو ته سندس ڳُڻ ڳايون. اوهان تي والدين جا ٿورا آهن. انهن ٿورن جي موٽ ۾ اوهان جو فرض آهي ته محنت ڪري ڪامياب انسان بڻجو، جيئن وطن ۽ والدين لاءِ فائديمند ثابت ٿيو.
مشق
سوال نمبر 1:       ڳوري ٿوري جا نقصان بيان ڪريو؟
سوال نمبر 2:       ظاهري ٿوري ۽ غائبانه ٿوري جي ڀيٽ ڪريو؟
سوال نمبر 3:       گُدام جي ڪوئن جي صحت تي گهران نوٽ لکي ايندا.

نوان لفظ
ڄَٽ  
:
جيڪو ملوڪ نه هجي
لٻاڙ
:
جنهن جي ٻڌڻ سان ڪن پچن
ڪنوار  
:
جيڪا روئي نه




فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Sindh Digital Readers





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت