پنھنجي ٽائون ناظم کي علائقي جي مسئلن بابت درخواست


بخدمت جناب ٽائون ناظم صاحب
س  ـ و  ـ ر ٽائون،
بدين

جناب اعليٰ!

گذارش آھي ته اسان جي ٽائون جا تمام روڊ ڀڄي ڀور ٿي ويا آھن جنھن ڪري خاص مريضن کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي ۽ ان کان سواءِ سڄي ٽائون ۾ ڪچرن جا ڍير نظر اچن ٿا جنھن ڪري بيمارين پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آھي ۽ قدم قدم تي گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيٺو آھي جنھن ڪري ھلڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي.

ان ڪري سائين جن کي عرض ٿو ڪجي ته ذاتي دلچسپي وٺي اسان کي انھن آزارن مان ڪڍو. اوھان جو احسان ھميشھ ياد رھندو.

تاريخ
20 آگسٽ 2019ع
فقط
اوھان جا شڪر گذار
ر  ـ ي ۽ ٻيا
ٽائون جا رھواسي




Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت