نئين دور جا نوان سبق (سبق اٺون) - ادل سومرو


سبق اٺون
ٺ ـــ ٺَڳُ
ٺڳ ڪا مختلف مخلوق ناهي، نه ئي اُنهن جي مٿي تي ڪي سڱ وغيره هوندا آهن. پر اُهي بلڪل اسان توهان جهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي چالاڪيءَ ۽ حرفت سان سادن سودن انسانن کي بيوقوف بڻائي ٺڳيندا آهن. ڪنهن به قسم جي ٺڳي ڪندڙ کي ٺڳ چيو ويندو آهي.
ٺڳن جي لاءِ ڪو خاص علائقو يا هنڌ مخصوص نه هوندو آهي پر اُهي هر هنڌ آباد هوندا آهن. ڪي علائقا ٺڳن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن ڇوته اُنهن علائقن جا ٺڳ تمام مشهور هوندا آهن.
جيئن ته اڳئين دور جا ماڻهو سادا ۽ اٻوجهه هوندا هئا، اُن ڪري اُن دور جي ٺڳن کي ماڻهن کي ٺڳڻ لاءِ ڪا گهڻي محنت نه ڪرڻي پوندي هئي ۽ اهي تمام سولائيءَ سان ماڻهن کي ٺڳي ۽ ڦري ويندا ها.
مثال طور:
ڪو ٺڳ، ڪنهن ماڻهو کي سندس رقم ٻيڻي ڪري ڏيڻ جي لالچ ڏئي، رقم يا سون ڦٻائي ويندو هو. اهڙي ريت ڪو ٺڳُ، ملاوٽ کان پاڪ خالص مرچ، ڪنهن سيٺ يا مالدار جي اکين ۾ هڻي سندس دولت هن کان ڌار ڪري هليو ويندو هو ۽ ٺڳ جي ٺڳيءَ جو شڪار ٿيل دولتمند مرچ لڳل اکين مان چهرا ڳوڙها ڳاڙهي آخرڪار ماٺ ڪري ويهندو هو.
جديد دور جي ٺڳن جا ٺڳيءَ وارا طريقا به جديد آهن. اڳئين دور جا ٺڳ پاڻ مڃيندا هئا ته اُهي ٺڳ آهن پر ماڊرن ٺڳ تمام مُهذب ۽ مانائتا آهن، تنهن ڪري اُهي پاڻ کي هرگز ٺڳ مڃڻ لاءِ تيار ناهن. هنن جي ٺڳڻ جا طريقا به نهايت حيرت انگيز ۽ مخفي آهن جو ٺڳجڻ واري ماڻهو کي في الحال پتو ئي نه پوندو ته هو ڪيئن ٺڳجي ويو.
ماڊرن ٺڳ، ڏيک ويک ۾ نهايت شريف ۽ معزز هوندا آهن، جنهن ڪري اُنهن جي خلاف ڪنهن کي آڱر کڻڻ جي به جرئت نه ٿيندي آهي. اُن ڪري ٺگجي ويل ماڻهو لاءِ سواءِ صبر جي ڪوبه رستو نه هوندو آهي.
ماڊرن ٺڳن وٽ دولت جو جادو هوندو آهي، جنهن ڪري هو پنهنجو سڀ ڪم سولائي سان ڪري ويندا آهن ۽ ڪٿي به سندن ٺڳيءَ جا نشان، ثبوت طور نه ملندا آهن. هو پنهنجي حرفت ۽ جادوگريءَ سان ماڻهن جي زمينن، جاين ۽ ملڪيتن جا کاتا پنهنجن نالن تي تبديل ڪرائي ڇڏيندا آهن.
ماڊرن يعني جديد ٺڳ روڊن رستن کي فقط نقشن ۾ ٺاهي اُنهن جا پئسا منظور ڪرائيندا آهن ۽ اهڙن رستن کي وري ٻوڏ ۾ لوڙهي ڇڏيندا آهن. هُو ماڻهن کي قبرن مان اُٿاري اُنهن کان قرضن جي دستاويزن تي صحيحون ڪرائي، سندن نالن ۾ پاڻ قرض وصول ڪندا آهن. ماڊرن ٺڳ مختلف کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ملاوٽ ڪري، وڌيڪ منافعو ڪمائي، ماڻهن جي صحت خلاف سازش ڪندا آهن. هُو سادن ماڻهن کي ٻاهرين دنيا جا خواب ڏيکاري، دُبئيءَ جا دلاسا ۽ عرب ڏانهن اُماڻڻ جا آسرا ڏيئي، ٺڳيندا آهن. ماڊرن ٺڳ، وڌيڪ وياج جي لالچ ڏئي حرصي ماڻهن جي ٽجوڙين کي خالي ڪري، کين دل جون بيماريون تحفي ۾ ڏيئي گُم ٿي ويندا آهن.
مطلب ته اسان جي سماج جي هر شعبي ۾ اُنهن ماڊرن ٺڳن جا اثر آهن ۽ اُهي سڌي يا اڻ سڌي طرح مختلف ماڻهن کي ٺڳين ٿا.

پيارا ٻارو!
توهان مستقبل جا اڏيندڙ آهيو. توهان پنهنجي پُختي ارادي ۽ ڏاهپ سان انهن دوکيبازن ۽ ٺڳن جي پاڙ پٽيندا ۽ اهڙو معاشرو تعمير ڪندا، جنهن ۾ اهڙن ٺڳن لاءِ ڪا جاءِ نه هُجي.

مشق
سوال نمبر 1:       روايتي ٺڳن ۽ ماڊرن ٺڳن جو فرق بيان ڪريو؟
سوال نمبر 2:       دل جي بيمارين جو دولت سان ڪهڙو تعلق آهي؟
سوال نمبر 3:       ماڊرن يعني جديد ٺڳن جي جادوگريءَ تي گهران نوٽ لکي ايندا.

نوان لفظ
لالچ  
:
ڪاريهر جي ڀيڻ
ٽجوڙي  
:
سيٺ جي ساههَ واري پيٽي
روڊ  
:
ٺيڪيدار جو خواب




فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Sindh Digital Readers




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت