Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

بي يارو مددگار

 

 

بي يارو مددگار

 

گهٽي مان ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. هتان جي لوڪل عورت برقعي ۾ نظر آئي. جڏهن ته هتان جي مردن ۽ عورتن جو رنگ سانورو/مشڪي آهي. هي شهر هڙومالي ڪافي وڏو شهر آهي. خاص ڪري اسلام آباد جي طرز تي ٺهيل آهي. هي شهر مالي شهر کان ڪار ۾ 15 يا 20 منٽن جي پنڌ تي آهي.

 اسان کي ڪافي ٽائيم ٿي ويو هو. اتي ويٺي ويٺي بورنگ ٿي رهي هئي. هون به هوٽل تي ايترو گهڻو نه ويهبو آهي. ٻين جو به خيال ڪرڻو هوندو آهي. اهو خيال رکجي ته متان اسان جي ڪري هوٽل واري جي گراهڪي نه خراب ٿي رهي هجي. ڇو ته اسان دوستن جو هڪڙي سڄي ٽيبل تي ئي قبضو هيو. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ پاسي ۾ ويٺل ڇوڪرن پاڻ ۾ سس پس ڪندي انگريزي ۾ اسان کي ٻڌائڻ لاءِ چوڻ لڳا ته مينهن وسڻ وارو آهي. پر اسان به نڪ جا پڪا جو اها ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، ڄڻ ته اسان جي ڪن تي جون ئي نه چري هجي. ڇو ته جنيد جي انتظار ۾ ويٺا هياسين. پر جنيد جو ڪو به اتو نه پتو. بس انتظار.. انتظار... انتظار... بي يارو مددگار.

 نيٺ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. سج اوڀر کان اڀري آيو. تقريبن ڪلاڪ کان پوءِ جنيد نڪري نروار ٿيو. چيائين،”اچو اچو، هوٽل بڪ ٿي ويئي آ، هڪڙي بنگالي دوست مهرباني ڪئي، هتي هوٽلون ڏاڍيون مهانگيون آهن“. نيٺ بيگ گهلائيندا، گهٽيون لتاڙيندا، پنڌ ڪندا، ڏهن منٽن جي پنڌ کان پوءِ هڪڙي گيسٽ هائوس وٽ اچي نڪتاسين. ان بلڊنگ ۾ هيٺان کان داخلا ئي ڏاڪڻ کان ٿي. ڏاڪڻ وٽ ڪو به ڪائونٽر وغيره نه هيو. اسان کي ٻين ماڙ تي وڃڻو هيو. ڪا به لفٽ ڪا نه هئي. ان ڪري بيگون اتي ئي ڏاڪڻ جي ڪنڊ وٽ رکرائي ٻين ماڙ تي چڙهڻ لڳاسين. ٻين ماڙ تي ڏاڪڻ سان ئي گڏ هڪڙو روم مليو هيو. جنيد ان روم جو دروازو کولي اندر داخل ٿيڻ لاءِ چيو.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more