Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

دادوءَ جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾

 

دادوءَ جي ڇتي گرمي کان

حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾

 

12.07.2024 تي ٽيپهري جا 4 لڳي 12 منٽ ٿيا هيا، جو پروفيسر مختيار سمون ۽ جنيد ڏهرمون وٽ منهنجي آفيس اچي نڪتا. جاني ۽ اعجاز سيف صاحب کي مون مهمانن جي اچڻ جو اطلاع اڳ ۾ ئي ڏيئي ڇڏيو هو. سو ٿوري دير ۾ جاني ۽ اعجاز سيف پنهور به آفيس پهچي ويا. ريفريشمينٽ ڪرڻ کان پوءِ دوستن جو خيال هو ته هاڻي اڳتي نڪرجي، سفر وڏو آهي، مظفر انتظار ۾ آهي. سو اڌ منو ڪلاڪ جي ڪچهريءَ کان پوءِ، منهنجا سفري بيگ به منهنجي آفيس جي دوست ايڊووڪيٽ عاشق علي لنڊ، سائين مختيار سمون صاحب واري ڪار جي ڊڪيءَ ۾ رکرايا. ٻيجل به موجود هو. ٻيجل کي چمي ڏيئي موڪلائي پاڻ حيدرآباد ڏانهن روانو ٿياسين. ٻيجل جي چهري جي اداسي مان پڙهي چڪو هئس، پر نه چاهيندي به منهن جو پڪو ٿي، هن ڏي نهارڻ بنا ئي اڳتي وڌي ويس، مون کي خبر هئي ته جيڪڏهن مان ٻيجل ڏي نهاريان ها ته مان روئي پوان ها ۽ ٻيجل به. جيڪو مون کان برداشت نه ٿئي ها.

 ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي شڪيل احمد سيال هو. جنيد پنهنجو بٽون ڪار جي پٺين سيٽ تي رهائي آيو هو. جيڪو صحيح سلامت اتي ئي پيو هو. جتي هن رکيو هو. هن خدا جو شڪريو ادا ڪيو هو.

رات جو سوا اٺين ڌاري اسان مظفر جي فليٽ جي هيٺان پارڪنگ ايريا ۾ موجود هياسين. مظفر کوکر ۽ هن جا ٻه ننڍڙا اويس علي کوکر ۽ امان الله کوکر اڳ ۾ ئي اسان جي انتظار ۾ بيٺا هيا. هنن دوستن اسان جا بيگ لاهي پنهنجي ڪار جي ڊڪي ۾ سيٽنگ ڪندي رکي ڇڏيا. اسان لفٽ ذريعي ڇهين ماڙ تي اچي نڪتاسين. تمام سهڻي نموني سان سينگاريل، سجايل، صاف سٿرو فليٽ مظفر جي باذوق هجڻ جو ثبوت پيش ڪري رهيو هو. مظفر جو تعلق ڀان سعيد جي ڳوٺ باداڻي شريف سان آهي. مظفر ڀان پريس ڪلب جو ڪافي سالن کان صدر چونڊجندو رهيو آهي. (هاڻي هن سال 2025ع ۾ هو ڄامشوري پريس ڪلب جو به صدر چونڊيو ويو آهي). مظفر جو پنهنجي ڳوٺ ۾ مينهن جو واڙو ۽ پنهنجون زمينون آهن. هو صحافت سان گڏ زميداري پڻ ڪندو آهي. هن جا ننڍڙا حيدرآباد ۾ پڙهندا آهن. هن جي نياڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آهي. ڳوٺان هر ٻي ڏينهن هن جي فيملي لاءِ ڏهه ڪلو نج کير ايندو آهي.

هن هوادار فليٽ جي گيلري ۾ ٿڌي هوا جو طوفان گهُلي رهيو هو. جيڪو اسان جي خيالن کي حيدرآباد مان کڻي مالديپ پهچائڻ جا سانباها ڪري پيو. ٿوري دير کان پوءِ مظفر اسان جي ٿڪاوٽ کي سمجهندي چانهه ٺهرائي. نج کير جي چانهه جو مزو ئي پنهنجو آهي. ان منفرد چانهه ۾ مظفر جو خلوص به شامل هيو ۽ ان سان گڏ هن جي اسان لاءِ اٿاهه الفت پڻ. ان ڪري ان چانهه اسان جي سفر جا سمورا ٿڪ ۽ دُک درد دور ڪري ڇڏيا هيا. هن دور ۾ جڏهن هر جاءِ تي ڪيميڪل چانهه ملي، اتي نج کير واري چانهه جو ڪمال اهو هوندو آهي ته اها ريڊ بل وارو ڪم ڪندي آهي، توهان جي سٺي سفر واري ٿڪاوٽ کي دور ڪري، توهان کي فريش ڪري ڇڏيندي آهي.

چانهه پيئڻ کان پوءِ ڪچهريءَ دوران پروفيسر مختيار سمون صاحب ٻڌايو ته لاڙڪاڻي کان ڊرائيور ڊرائيونگ دوران موبائيل جو بي تحاشا استعمال ڪندي نظر آيو. هو انتهائي غير زميوار ڊرائيور هيو. هن جو سڄو ڌيان ڊرائيونگ تي نه پر موبائيل جي اسڪرين تي هيو. ڊرائيور وٽ ٻه موبائيلون هيون. جيڪي هو بار بار ڊرائيونگ ڪندي استعمال ۾ آڻي رهيو هو. پاڻ سيوھڻ واري روڊ کان حيدرآباد آياسين. ان تي جنيد به ان ڊرائيور جا ڪيترا قصا ٻڌايا. هن ٻڌايو ته باڪو ۾ ڊرائيور ڪميشن تي تمام گهڻو ڪم ڪندا آهن ۽ ان ڪميشن جي چڪر ۾ سياحن جا سر کڻندا آهن. لالچي ۽ بي ايمان ڊرائيور هر پوائنٽ تي اڳ ۾ ئي ڪميشن طئي ڪري ڇڏيندا آهن. جيڪي بعد ۾ وڃي انهن کان اوڳاڙيندا آهن. سو اهڙي قسم جون ويساهه گهاتيون ٻاهرين ملڪن ۾ گهڻيون ملنديون آهن. پر هاڻي ته اسان وٽ به عام جام ٿي ويو آهي. مسٽ ٽين پرسن ته جڳ مشهور سياسي رهنما آهي. ان ڪري سياحن کي ڊرائيورن کان گهڻو بچڻ گهرجي ۽ سياحن کي گهڻو محتاط رهڻ/ ٿيڻ/هجڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more