احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان
۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ کَعۡبِ بۡنِ عُجۡزَۃَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ
وسلم اُحۡضُرُوا الۡمِنۡبَرَ فَحَضَرُنَا فَلَمَّا اِرۡتَقیٰ دَرَجَۃً قَالَ
اٰمِیۡن فَلَمَّا اِرۡتَقیٰ الَدّرَجَۃَ الثَانِیَۃَ قَال۔ آمِیۡن فَلَما
اِرۡتَقیٰ الدَّرَجَۃَ الثَالِثَۃَ قَالَ اٰمین فَلَماّ نَزَلَ قُلۡنَا یَا
رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم لَقَدۡ سَمِعۡنَا مِنۡکَ الۡیَوۡمَ شَیۡأًا مَا
کُنَّا نَسۡمَعُہٗ قَالَ اِنَّ جِبۡرَءِیۡلَ عَرَضَ لِیۡ فَقَالَ بَعُدَ مَنۡ
اَدَرَکَ رَمَضَانَ فَلَمۡ یُغۡفَرۡلَہٗ قُلۡتُ اٰمِیۡنَ فَلَمَّا رَقِیۡتُ
الثَّانِیَۃَ قَالَ بَعُدَ مَنۡ ذُکِرۡتَ عِنۡدَہٗ فَلَمۡ یُصَلِّ عَلَیۡکَ قُلۡتُ
اٰمِیۡنَ فَلَمَّا رَقِیۡتُ الثَّالِثَۃَ قَالَ بَعُدَ مَنۡ اَدۡرَکَ اَبَوَیۡہِ۔
الکِبَرُ عِنۡدَہٗ اَوۡاَحَدَھُمَا فَلَمۡ یُدۡخِلاَہُ الۡجَنَّۃَ قُلۡتُ اٰمِیۡنَ
۔ (الترغیب والترھیب ج 2 ص 18)
”حضرت ڪعب بن عجزة رضھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو
ته ممبر جي ويجهو اچو. اسين حاضر ٿياسون
جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ممبر جي پهرين ڏاڪي تي
پير مبارڪ رکيائون ته پوءِ به فرمايائون آمين ۽ جڏهن ٻئي ڏاڪي تي پير مبارڪ رکيو
ته پوءِ به فرمايائون آمين ۽ جڏهن ٽئين ڏاڪي تي قدم مبارڪ رکيائون ته پوءِ به
فرمايائون آمين. جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن خطبي کان فارغ ٿي ڪري هيٺ لهي آيا ته اسان عرض
ڪيو سون ته اسان اڄ اوهان کان (ممبر تي چڙهڻ وقت) اهڙي ڳالهه ٻڌي آهي جيڪا
پهريائين ڪڏهن به نه ٻڌي هئي پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته ان وقت حضرت جبرئيل
عليھ السلام مون وٽ آيو هيو (جڏهن پهرين ڏاڪي تي مون قدم رکيو ته) ان چيو ته هلاڪ
۽ برباد ٿئي اهو شخص جنهن کي رمضان المبارڪ جو مهينو مليو هجي پوءِ به ان جي مغفرت
نه ٿي هجي. مون چيو آمين. پوءِ جڏهن مون ٻئي ڏاڪي تي پير رکيو ته انهن چيو ته هلاڪ
ٿي وڃي اهو شخص جنهن جي سامهون اوهان جو مبارڪ نالو ورتو وڃي ۽ اهو اوهان تي درود
شريف نه پڙهي مون چيو آمين. پوءِ جڏهن مون ٽئين ڏاڪي تي پير رکيو ته انهن چيو ته
هلاڪ ۽ برباد ٿئي اهو شخص جنهن جي سامهون ان جا والدين يا انهن مان ڪوئي هڪ پوڙهپ
جي عمر کي پهچي وڃن ۽ اهي ان کي جنت ۾ داخل نه ڪرائين ته مون چيو آمين.“
هن حديث شريف ۾ حضرت جبرائيل عليھ السلام جن ٽن قسمن جي ماڻهن کي بد
دعا ڏني آهي، ۽ پاڻ ڪري ﷺ جن ان تي آمين فرمايو آهي. يقيني ڳالهه آهي ته اها دعا
ضرور قبول ٿئي هوندي ۽ ان جي قبول ٿيڻ ۾ ڪوئي به شڪ و شبهو نه آهي.
پهريون اهو شخص جنهن جي زندگيءَ ۾ رمضان المبارڪ جو مهينو اچي ۽ ان
جي بخشش نه ٿي سگهي هجي يعني هن مبارڪ مهيني جهڙو خير ۽ برڪت وارو مهينو به انساني
غفلت ۽ نافرمانيءَ ۾ گذاري ڇڏي ۽ پنهنجين خطائن ۽ غلطين جي معافي نه وٺي ۽ پنهنجي
بخشش نه ڪرائي سگهي ته ان شخص جي هلاڪ ۽ برباد ٿيڻ ۾ ڪوئي شڪ نه آهي.
ٻيو شخص جنهن جي لاءِ بد دعا ڪئي ويئي اهو آهي جنهن جي سامهون پاڻ
ڪريم ﷺ جن جو نالو مبارڪ ورتو وڃي ۽ اهو شخص پاڻ ڪريم ﷺ جن تي درود شريف نه پڙهي.
اهلِ علم حضرات ان جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته پوري عمر ۾ هڪ ڀيرو درود شريف جو
پڙهڻ عملن فرض آهي. البته ان ۾ اختلاف آهي ته جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جو ذڪر مبارڪ ٿئي
ته هر ڀيري درود شريف جو پڙهڻ واجب آهي يا نه، بعض اهلِ علم جي نزديڪ هر دفعي درود
شريف پڙهڻ واجب آهي ۽ ٻين اهلِ علمِ جي نزديڪ هر ڀيري درود شريف پڙهڻ مستحب آهي.
ٽيون شخص جنهن جي لاءِ بد دعا ڪئي ويئي اهو آهي جنهن جا ٻئي والدين
پوڙها هجن ۽ ٻئي موجود هجن يا انهن مان هڪ موجود هجي ۽ اهو شخص ايتري قدر خدمت نه
ڪري جو جنهن جي ڪري جنت جو مستحق بڻجي وڃي. اهلِ علم حضرات فرمايو آهي ته مباح ۽
جائز معاملن ۽ ڪمن ۾ والدين جي اطاعت و فرمانبرداري ڪرڻ ضروري آهي ۽ انهن سان حسنِ
سلوڪ ڪيو وڃي اگرچه اهي غير مسلم ئي ڇونه هجن.
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment