رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان
۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ کَعۡبِ بۡنِ عُجۡزَۃَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ
وسلم اُحۡضُرُوا الۡمِنۡبَرَ فَحَضَرُنَا فَلَمَّا اِرۡتَقیٰ دَرَجَۃً قَالَ
اٰمِیۡن فَلَمَّا اِرۡتَقیٰ الَدّرَجَۃَ الثَانِیَۃَ قَال۔ آمِیۡن فَلَما
اِرۡتَقیٰ الدَّرَجَۃَ الثَالِثَۃَ قَالَ اٰمین فَلَماّ نَزَلَ قُلۡنَا یَا
رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم لَقَدۡ سَمِعۡنَا مِنۡکَ الۡیَوۡمَ شَیۡأًا مَا
کُنَّا نَسۡمَعُہٗ قَالَ اِنَّ جِبۡرَءِیۡلَ عَرَضَ لِیۡ فَقَالَ بَعُدَ مَنۡ
اَدَرَکَ رَمَضَانَ فَلَمۡ یُغۡفَرۡلَہٗ قُلۡتُ اٰمِیۡنَ فَلَمَّا رَقِیۡتُ
الثَّانِیَۃَ قَالَ بَعُدَ مَنۡ ذُکِرۡتَ عِنۡدَہٗ فَلَمۡ یُصَلِّ عَلَیۡکَ قُلۡتُ
اٰمِیۡنَ فَلَمَّا رَقِیۡتُ الثَّالِثَۃَ قَالَ بَعُدَ مَنۡ اَدۡرَکَ اَبَوَیۡہِ۔
الکِبَرُ عِنۡدَہٗ اَوۡاَحَدَھُمَا فَلَمۡ یُدۡخِلاَہُ الۡجَنَّۃَ قُلۡتُ اٰمِیۡنَ
۔ (الترغیب والترھیب ج 2 ص 18)
”حضرت ڪعب بن عجزة رضھ کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو
ته ممبر جي ويجهو اچو. اسين حاضر ٿياسون
جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ممبر جي پهرين ڏاڪي تي
پير مبارڪ رکيائون ته پوءِ به فرمايائون آمين ۽ جڏهن ٻئي ڏاڪي تي پير مبارڪ رکيو
ته پوءِ به فرمايائون آمين ۽ جڏهن ٽئين ڏاڪي تي قدم مبارڪ رکيائون ته پوءِ به
فرمايائون آمين. جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن خطبي کان فارغ ٿي ڪري هيٺ لهي آيا ته اسان عرض
ڪيو سون ته اسان اڄ اوهان کان (ممبر تي چڙهڻ وقت) اهڙي ڳالهه ٻڌي آهي جيڪا
پهريائين ڪڏهن به نه ٻڌي هئي پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته ان وقت حضرت جبرئيل
عليھ السلام مون وٽ آيو هيو (جڏهن پهرين ڏاڪي تي مون قدم رکيو ته) ان چيو ته هلاڪ
۽ برباد ٿئي اهو شخص جنهن کي رمضان المبارڪ جو مهينو مليو هجي پوءِ به ان جي مغفرت
نه ٿي هجي. مون چيو آمين. پوءِ جڏهن مون ٻئي ڏاڪي تي پير رکيو ته انهن چيو ته هلاڪ
ٿي وڃي اهو شخص جنهن جي سامهون اوهان جو مبارڪ نالو ورتو وڃي ۽ اهو اوهان تي درود
شريف نه پڙهي مون چيو آمين. پوءِ جڏهن مون ٽئين ڏاڪي تي پير رکيو ته انهن چيو ته
هلاڪ ۽ برباد ٿئي اهو شخص جنهن جي سامهون ان جا والدين يا انهن مان ڪوئي هڪ پوڙهپ
جي عمر کي پهچي وڃن ۽ اهي ان کي جنت ۾ داخل نه ڪرائين ته مون چيو آمين.“
هن حديث شريف ۾ حضرت جبرائيل عليھ السلام جن ٽن قسمن جي ماڻهن کي بد
دعا ڏني آهي، ۽ پاڻ ڪري ﷺ جن ان تي آمين فرمايو آهي. يقيني ڳالهه آهي ته اها دعا
ضرور قبول ٿئي هوندي ۽ ان جي قبول ٿيڻ ۾ ڪوئي به شڪ و شبهو نه آهي.
پهريون اهو شخص جنهن جي زندگيءَ ۾ رمضان المبارڪ جو مهينو اچي ۽ ان
جي بخشش نه ٿي سگهي هجي يعني هن مبارڪ مهيني جهڙو خير ۽ برڪت وارو مهينو به انساني
غفلت ۽ نافرمانيءَ ۾ گذاري ڇڏي ۽ پنهنجين خطائن ۽ غلطين جي معافي نه وٺي ۽ پنهنجي
بخشش نه ڪرائي سگهي ته ان شخص جي هلاڪ ۽ برباد ٿيڻ ۾ ڪوئي شڪ نه آهي.
ٻيو شخص جنهن جي لاءِ بد دعا ڪئي ويئي اهو آهي جنهن جي سامهون پاڻ
ڪريم ﷺ جن جو نالو مبارڪ ورتو وڃي ۽ اهو شخص پاڻ ڪريم ﷺ جن تي درود شريف نه پڙهي.
اهلِ علم حضرات ان جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته پوري عمر ۾ هڪ ڀيرو درود شريف جو
پڙهڻ عملن فرض آهي. البته ان ۾ اختلاف آهي ته جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جو ذڪر مبارڪ ٿئي
ته هر ڀيري درود شريف جو پڙهڻ واجب آهي يا نه، بعض اهلِ علم جي نزديڪ هر دفعي درود
شريف پڙهڻ واجب آهي ۽ ٻين اهلِ علمِ جي نزديڪ هر ڀيري درود شريف پڙهڻ مستحب آهي.
ٽيون شخص جنهن جي لاءِ بد دعا ڪئي ويئي اهو آهي جنهن جا ٻئي والدين
پوڙها هجن ۽ ٻئي موجود هجن يا انهن مان هڪ موجود هجي ۽ اهو شخص ايتري قدر خدمت نه
ڪري جو جنهن جي ڪري جنت جو مستحق بڻجي وڃي. اهلِ علم حضرات فرمايو آهي ته مباح ۽
جائز معاملن ۽ ڪمن ۾ والدين جي اطاعت و فرمانبرداري ڪرڻ ضروري آهي ۽ انهن سان حسنِ
سلوڪ ڪيو وڃي اگرچه اهي غير مسلم ئي ڇونه هجن.
Comments
Post a Comment