عبدالقادر منگي جي ياد
عبدالقادر منگي، 26 نومبر 1947ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي
جي رتي ديري شھر ۾ علي شير خان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس گهر جو نالو محمد
بچل ۽ ڇٺيءَ جو نالو عبدالقادر هو. ننڍپڻ ۾ سندس پالنا سندس مامي ديدار حسين منگي ڪئي.
مقابلي جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ/ ڪاليج پشاور ۾ داخل ٿيو،
جتان 1970ع ۾ ڊپلوماB.Sc فاريسٽري پاس ڪري سنڌ ۾
اچي رئنج فاريسٽ آفيسر مقرر ٿيو.
مئي 1975ع ۾ صوبائي سول سروس ۾ شامل ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر
طور کپري، گهاري، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي. 1988ع ۾ 18 گريڊ ۾ ترقي
حاصل ڪري، لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر مقرر ٿيو.
منگي صاحب علم ۽ ادب سان شغف، سنڌ جي تاريخ ۽
ثقافت سان محبت سبب تاريخي ماڳن مڪانن
۽ مشاهيرن تي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرايا. گهاري ۾ پنھنجي ايامڪاريءَ دؤران ڀنڀور ۽
ديبل تي 1983ع ۾ سيمينار ڪرايا ۽ ان موقعي تي پڙهيل مقالن کي سھيڙي “ڀنڀور ۽ ديبل” جي نالي سان سھيڙي ڪتابي شڪل ۾
آندائين.
جڏهن ٽنڊي الهيار ۾ بدلي ٿي آيو ته اتي به وتائي
فقير تي سيمينار ڪرايائين ۽ ان تي به ڪتاب ڇپايائين. اهي ٻئي دستاويز سنڌ جي تاريخ
۽ ثقافت ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
جنوري1992ع ۾ ٿر مٺيءَ جي نئين قائم ٿيل ضلعي ۾
بدلي ٿي. ٿر ۽ ٿرين جي ڏکن ۽ ڏولاون کي هن پنھنجو درد سمجهيو ۽ ٿرين کي سھوليتن ۽
بھتر زندگيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ‘ٿر سيمنار’ ڪرايو. ان سيمينار جي
رپورٽ ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪئي ۽ سرڪار کي سفارشون موڪليون. ان سال ئي ٿر ۾ ڪوئلي جي
دريافت ٿي. هن ٿر جي بھتري ۽ ترقيءَ جو بنياد وڌو. ٿر ۾ سندس خدمتن عيوض کيس اوارڊ
براءِ Services to Down Trodden people of Thar سگا پاران
1994ع ۾ مليو. پاڻ 2001ع ۾ حيدرآباد جو آخري ڪمشنر رهيو. پرويز مشرف جي نئين نظام
۾ نوابشاهه ۽ سکر جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر رهيو. سندس آخري مقرري بطور سيڪريٽري
ڪلچر، ٽوئرزم ۽ سوشل ويلفيئر جي ٿي، جتان 25 نومبر 2007ع تي رٽائرڊ ٿيو.
2009ع کان 2011ع
تائين گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل به رهيو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾
تقريباً هر موضوع تي ست هزار کن ڪتاب هوندا. سندس آتم ڪٿا ’جوئي آهيان سوئي آهيان‘
جي نالي سان سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان 2017ع ۾ ڇپي. 12 جون 2022ع تي ڪراچيءَ ۾
وفات ڪئي.
پرتاب کيس ڀيٽا ڏيندي ٻڌايو ته،“هڪ دفعي ائين ٿيو
جو اسان ٻارڙا سڀ ڪرڪيٽ راند کيڏي رهيا هياسين ته هو اتان گذريو پئي ويو. هن اوچتو
گاڏي بيهاري، هيٺ لهي آيو ۽ اسان سان پاڻ به راند کيڏڻ لڳو. اسان وٽ بيٽون، وڪيٽون
نه هيون. اسان ڪپڙن ڌوئڻ واري داٻڙي سوٽي سان راند کيڏي رهيا هياسين. وڪيٽن جي
جاءِ تي سروٽا رکي ڇڏيا هياسين. ٿوري دير کان پوءِ هو اتان هليو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن
کان پوءِ هن اسان لاءِ ڪرڪيٽ جو سڄو سامان موڪلي ڏنو. کاٽائو جاني کي چيائين
ته،”تون دڪان ۾ راندين جو سامان به رک“.
اهڙي ريت عبدالقادر منگي ٿر جي نوجوانن کي سيٽ ڪري
معاشري جو ذميوار فرد هئڻ جو ثبوت ڏنو. پرتاب ٻڌايو ته،”منهنجو چاچو نٿو رام انهن ڏينهن
۾ ايس ڊي ايم هيو. هو مون لاءِ ادبي ڪتاب وٺي ايندو هو. مون کي پڙهائيندو هو. چاچي
جي ڪري ٻيا سرڪاري ڪامورا به هنن جو خيال ڪندا هيا“.
ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ پرتاب به تيار ٿي ويهي رهيو
هيو. اسان هاڻي ناشتي جي لاءِ هيٺ هوٽل جي ڊائننگٽ ٽيبل تي اچي گڏ ٿيا هئاسين.
اسان کان اڳ ۾ ئي مظفر، جنيد ۽ يوسف بلوچ ويٺا هيا. ٿوري دير کان پوءِ پرتاب به
اچي ويو هو. ناشتي ۾ سلائيس/بريڊ، هاف فرائيڊ بيدو، صوف ڪچو سائو رس وارو، مشوري
(جنهن ۾ ڏونگي جو ٻورو، بصر، ٽماٽر، ڪڪڙ جو گوشت وغيره)، جيم جيلي، مکڻ جون ٽڪيون
۽ ٻيو گهڻو ڪجهه اچي وڃي پيو. مشوري قيمي جيان صفا چورو هيو. پر هن ۾ سٺو ذائقو
هيو. ان کان علاوه، جوس ۽ چانهه جو پڻ بندوبست ٿيل هو. چانهه پائوڊر واري ۽ ٽي بيگ
هئي. مون ٻه سلائيز گرم ڪرايا. اسان جي هن ٽرپ جي پيڪيج ۾ ناشتو به شامل هيو.
مزيدار ناشتو ڪري پاڻ هوٽل کان نڪري آياسين.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment