Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

نيپالي ڇوڪري سان ملاقات

 

 

نيپالي ڇوڪري سان ملاقات

 

هلندي هلندي، جيئن ئي اڳيان پري کان فاسٽ فوڊ جو ريسٽورنٽ نظر آيو. تيئن ئي پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو هو. ڪو آسرو ٿيو ته ٻيلي ها هاڻي منزل تي پهچي ويا آهيون. بک به ڪيڏي خراب شي آهي. بک ۾ ماڻهو پاڻ کي به نه وڻي. هن هوٽل جو نالو Chicking Restaurant هيو. هن ۾ فقط فاسٽ فوڊ ئي هيو. اسان کي به ان جي ئي تلاش هئي. شيشي واري وڏي گيٽ کان اسان سڀ اندر داخل ٿياسين. ڪائونٽر تي ۽ ٽيبلن تي سروس لاءِ نوجوان سهڻيون ڇوڪريون بيٺيون هيون. جن کي خوبصورت ڊريس پاتل هئي. هتي به ڇوڪريون ئي سروس لاءِ اسان جي انتظار ۾ هيون. هر ٽيبل تي ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪري جي ڊيوٽي لڳل هئي. هنن خوبصورت نارين کي ڳاڙهي شرٽ، ڳاڙهي ٽوپي ۽ ڪاري پينٽ پاتل هئي. ٽوپي تي، شرٽ تي چڪنگ لکيل هيو. اسان ٻه ٽي ڊيل ملائي ڪري ورتيونسين. سڀني دوستن سٺي نموني سان هن ريفريشمينٽ جو مزو ورتو.

 مون کي جنيد چيو ته،” هي ڇوڪري نيپال جي ٿئي“.

 مون چيو،” نه يار، نيپال جي نه ٿي لڳي، ڪوريا جي آ“. مون هن ڏي ڏسندي چيو.

چيائين،”پڇانس“؟

چيم،”پڇينس ڀلي“.

نيٺ هن ڇوڪري کان بل ڏيڻ مهل پڇيو،” ته توهان نيپال جا آهيو نه“.

هن چيو،” ها مان نيپال جي آهيان“.

مون هن کي چيو،”کٽمنڊو جا آهيو ڇا“؟

چيائين،”نه“

وري چيم،”پوکرا جا“؟

چيائين،” نه“.

هن جي چهري ته مرڪ اچي وئي هئي. هن مرڪي مون کان پڇيو،“توهان نيپال گهمي آيا آهيو ڇا”؟.

مون چيو،“ها!، مان کٽمنڊو، پوکرا ۽ نيپال جا ڪافي شهر ڏسي آيو آهيان”.

“ڀلا ٻڌايو ته سهي ته توهان ڪٿان جا آهيون، يا نه ٻڌائڻ جو قسم کنيو اٿو”.؟ مون هن کا شرارت واري انداز ۾ پڇيو.

 نيٺ هن هڪڙي ڳوٺ جو نالو ٻڌايو جيڪو پرٿوي روڊ سان اچي پيو. اسان هن کي ٻڌايو ته اسان نيپال گهمي آيا آهيون. ڏاڍو خوبصورت ملڪ آهي. هن جا ماڻهو به ڏاڍا سهڻا آهن. هن جي ڳلن تي لالاڻ اچي ويئي هئي. هوءَ شرمائي رهي هئي. هن کي گذارش ڪئيسين ته اسان جون ڪجهه تصويرون ٺاهي. هن اسان جون اُتي ئي ڪجهه گروپ تصويرون ڪڍيون. ان کان پوءِ جنيد شرارت واري موڊ ۾ هن کي چيو ته،”سيلفي به ڪڍي وٺو“.

ان تي هن مرڪي ڏنو هو. هوءَ ڪا وڏي ڦوٽوگرافر هئي. هن شاندار سيلفي به ٺاهي اسان کي ڏيکاري.

 ان کان پوءِ جنيد هن کي چيو ته،“منهنجي دوست سان هڪڙي الڳ تصوير ڪڍرايو“.هن جنيد جي ڪنهن به ڳالهه کي نه ٽاريو ۽ هن ائين به ڪيو. اڃان هن مون سان تصوير ڪڍرائي بس ڪئي ته يوسف به اچي بيهي رهيو. ان نيپالي ڇوڪري کي چوڻ لڳو،“ هڪڙي مون سان به ٿي وڃي”. هن ويچاري يوسف سان به تصوير ڪڍرائي. ڏاڍي سٺي موڊ ۾ موڪلائي رواني ٿياسين.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more