مولوي حاجي احمد ”ملاح“
مولوي حاجي احمد ”ملاح“ 1877ع ۾ ڳوٺ ڪنڊي ضلعي بدين ۾ ڄائو. ديني تعليم حاصل
ڪرڻ کان پوءِ مدرسي مظھر العلوم ۾ مدرس مقرر ٿيو. ڪجھ وقت کان پوءِ خود پنهنجو
مدرسو قائم ڪيائين. قرآن شريف جو منظوم سنڌي ترجمو سندس اھم ڪمن منجھان آھي. شاعريءَ
۾ سندس منفرد انداز آھي. ٻارھن ڪتابن جي ھن مصنف 19 جولاءِ 1969ع تي بدين ۾ وفات
ڪئي.
مولوي حاجي احمد ملاح چوي ٿو ته:
موج مستي ڏينهن
ڏيڍ
دم ھئڻ جو ھڻ
نه ھونهين، تنهنجي ھستي ڏينهن ڏيڍ،
تون مٽي، آھين
آخر مٽيءَ ۾، موج مستي ڏينهن ڏيڍ.
اي انسان اھو ھوڪو نه ھڻ ته آئون آھيان،
ڇو ته تنهنجي ھستي ته فقط ڏيڍ ڏينهن آھي تون مٽي آھين ۽ مٽي ٿي ويندين يعني ھيءَ
دنيا ڇڏي ويندين! تون مزن ۽ موجن، عيش ۽ عشرت واري زندگي بسر ڪرڻ ۾ لڳو پيو آھين،
پر ھي مزا ڏينهن ڏيڍ کا مٿي نه آھن.
آھي حاڪم
ھيڪڙو، جنهن جو حڪم ھر جاءِ ھلي،
دوست تنهنجي
دست ۾، دستور دستي ڏينهن ڏيڍ
دنيا جو ته ھڪ حاڪم آھي، جنهن جو حڪم ھر
جاءِ ۽ ھر ھنڌ ھلي ٿو. اي منهنجا يار تون جيڪا ٻٽاڪ ھڻين ٿو ته مان ملڪ جو مالڪ ۽
حڪمران آھيان، پر تو واري حڪومت ۽ تو وارا قانون ڏيڍ ڏينهن لاءِ آھن.
خاڪ ۾ خاقان
پارا، خان سڀ بي خانمان،
بر بحر جون
بادشاھيون، باغ بستي ڏينهن ڏيڍ.
اي انسان توکي خبر ھجڻ گھرجي ته خاقان
جھڙا خان به مٽي ۾ ملي ويا ۽ سندن مان ۽ مرتبا مرڻ کان پوءِ ختم ٿي ويا. ھي زمين ۽
بحر جو حڪومتون بادشاھيون ۽ ھي باغ، ڳوٺ شھر ڏسين ٿو سي تو لاءِ صرف ڏينهن ڏيڍ لاءِ
آھن.
رات پٺيان ڏينهن
روشن، ڏينهن روشن بعد رات،
دل شڪستي ڪر نه
دلبر! دل شڪستي ڏينهن ڏيڍ.
اي انسان تون ڏسين پيو ته رات کان پوءِ
ڏينهن ۽ ڏينهن کان پوءِ رات اچي ٿي. مطلب ته ماڻھو مصيبتن ۾ ھجي ٿو ۽ ان تان اھي
مصيبتون ۽ تڪليفون ٽري وينديون، ان ڪري انسان ھمت نه ھار اھي تڪليفون فقط ڏيڍ ڏينهن
لاءِ آھن.
لِک منجھان
ڪن لَکَ کٽيا، ڪنَ لک لٽايا لِک مٿي،
بي خبر!
بيدار ٿي، بازار بستي ڏينهن ڏيڍ.
ڪي ماڻھو اھڙا به آھن جن پئسي (ذري) مان
محنت ڪري لک ڪمايا ۽ ڪي وري اھڙا به اٻوجھ آھن جو جنهن شيءِ جو ملھ ٽڪو به نه آھي
ان تي لک لٽائي ڇڏيا. اي انسان تون بي خبر نه ٿي بلڪ ننڊ مان سجاڳ ٿي ڪري پنهنجي
خالق جي عبادت ڪر ۽ مخلوق جي ڀلائي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙ. ھي بازاريون، بستيون،
واھڻ، ڳوٺ، شھر، صوبا، ملڪ ۽ دنيا ڏينهن ڏيڍ لاءِ آھن.
Comments
Post a Comment