شوال المڪرم جا ڇهه روزا



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
شوال المڪرم جا ڇهه روزا
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ  ؓ  أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم قَالَ  مَنْ صَامَ رَمَضَانَ ثُمَّ أَتْبَعَهُ سِتًّا مِنْ شَوَّالٍ كَانَ كَصِيَامِ الدَّهْرِ ‏ (مسلم شریف کتاب الصوم باب استحباب صوم ستۃ ایام من شوال اتباعاً لرمضان ج 1 ص 369۔ سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب صیام ستۃ ایام من شوال)

”حضرت ابو ايوب انصاري رضھ کان روايت آهي پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص رمضان المبارڪ جا روزا رکيا ان کان پوءِ شوال المڪرم جي مهيني ۾ ڇهه نفلي روزا رکيا ته ان جو اهو عمل هميشه روزي رکڻ جي برابر آهي.

هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته جيڪو شخص رمضان المبارڪ جي روزن کان پوءِ شوال المڪرم جا ڇهه روزا رکي ته ان کي پوري سال جي روزن رکڻ جو ثواب ملندو يعني اهي ڇهه روزا پوري سال جي روزن رکڻ جي برابر آهن.

شوال المڪرم جي ڇهن روزن جي لاءِ ضروري نه آهي ته اهي عيد الفطر کان پوءِ فورن ٻئي ڏينهن کان ئي رکڻ شروع ڪيا وڃن ۽ هي به ضروري نه آهي ته اهي روزا مسلسل ۽ لڳاتار رکيا وڃن بلڪه انهن روزن کي شوال جي مهيني ۾ علحده علحده به رکي سگهجي ٿو.

(نور الايضاح ڪتاب الصوم  فصل في اقسام الصوم ص 145. الدر المختار والردالمحتار ڪتاب الصوم مطلب في صوم الست من شوال ج 2 ص 171. فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ص 201)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت