﷽ شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جو بيحد ٻاجهارو ۽ رحم وارو آهي . یَا رَبِّ صَلِّ وَسَلِّمۡ دَائِماً اَبَداً۔ عَلیٰ حَبِیۡبِکَ خَیۡرِ الۡخَلۡقِ کُلِّھِم۔ يا رب هميشه هميشه درود ۽ سلام موڪل پنهنجي پياري تي جيڪو ڀلو آهي ساري خلق کان مُحَمَّدٌ سَیِّدُ الۡکَونَیۡنِ وَالثَّقَلَیۡنِ ۔ وَالۡفَرِیۡقَیۡنِ مِنۡ عَرَبٍ وَّمِنۡ عَجَم۔ محمد ﷺ سردار آهي ٻنهي جهانن جو ۽ جن، انسان جو ۽ ٻنهي ٽولن يعني عرب ۽ عجم جو . نَبِیُّناَ الۡاٰمِرُ النَّاھِیۡ فَلاَ اَحَدٌ۔ اَبَرَّ فِیۡ قَوۡلِ لاَمِنۡہُ وَلاَ نَعَم۔ اسان جي نبي ﷺ جهڙو امر بالمعروف، نهي عن المنڪر چوڻ ۾ نه آهي انهن جهڙو ڪو به سچو ”نه“ ۽ ”ها“ چوڻ ۾ . ھُوَ الۡحَبِیۡبُ الَّذِیۡ تُرۡجیٰ شَفَاعَتُہٗ، لِکُلِّ ھَوۡلٍ مِّنَ الۡاَھۡوَالِ مُقۡتَحِم۔ اهو ئي آهي الله جو اهڙو پيارو جو ان ۾ ئي شفاعت جي اميد آهي هر هڪ خوف جي وقت جيڪي خوف اچڻ وارا آهن .