عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
اتي ئي چڪنگ ريسٽورنٽ جي پاسي ۾ هڪڙي بينڪ هئي، ان
جي گيٽ وٽ بيٺل پوڙهي گارڊ کان پڇيوسين ته،”نيشنل آرٽ گيلري، صدر جي رهائش گاهه،
سلطان مسجد، سلطان ٽاور، ڪٿي آهن“.
هن ٻڌايو ته،”اهي سڀ گڏ هڪڙي
ئي پاسي آهن. توهان سامهون واري روڊ سان وڃو. روڊ جي سامهون ئي سامهون پريزيڊنٽ
هائوس آهي. (محمد فريد ديدي هتان جو صدر آهي). پوءِ ساڄي پاسي مڙي پئجو. باقي
مسجد، آرٽ گيلري اهي سڀ اڳيان آهن“.
هن ڏاڍي پيار سان سمجهايو هو. اسان هن جو شڪريو ادا
ڪري اڳتي نڪتاسين. هاڻي پيٽ ۾ ساهه پيو هو. ان ڪري هلڻ جهڙا ٿيا هياسين. چوندا آهن
ته ان ته ايمان . دوستن جي چهرن تي به رونق اچي ويئي هئي.
سامهون کان صدر جي بنگلي جو مين گيٽ هيو. صدر جي هن
رهائش گاهه کي The Muliaage palace or Mulliage چيو وڃي
ٿو. جيڪا صدر صاحب جي سرڪاري رهائش گاهه آهي. صدر جو هي گهر Henveiru تاريخي
علائقي مالي ۾ واقع آهي. پريزيڊنٽ آفيس جيان هتي به ٻاهران نه چوڪي، نه ئي ڪي ڪو پروٽوڪول.
گيٽ جي اندران چوڪي هجي ته هجي. گيٽ جي ٻاهران ته ڪجهه به نه هيو. هڪڙو سپاهي به
نه بيٺو هيو. گيٽ تي سائن بورڊ سان تصويرون ڪڍرائيندا، اڳتي وڌياسين.
سامهون کان ئي قديمي قبرستان نظر آيو. جن جي قبرن
جا نشان اُڀا هيا. هڪ ٻئي جي ويجهو. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته قبر ڪيئن آهي. هتي پٿرن
جون ٺهيل گول قبرون عورتن جون آهن ۽ اڀيون قبرون مردن جون آهن. هي تمام قديمي
قبرستان آهي. هي هتان جي تاريخي مسجد جي مدرسي جون قبرون آهن. اتي مون ئي محترم
يوسف عجب قبرن جون تصويرون ٺاهيون. هي قبرستان کليل هيو. هن کي چو ديواري ڏنل هئي
جيڪا تقريبن چئن ڦٽن جي ٿيندي. ماڻهو ديوار جي اندران چڱي طرح ڏسي سگهي پيو. خبر
ناهي ته ڪٿان هن جو گيٽ هيو، جتان ماڻهو اندر وڃي سگهي. يا وري اندر وڃڻ جي اجازت
به هوندي يا نه. ان چڪر ۾ پوڻ کان بهتر هو ته اڳتي هلجي.
اتان اڳتي وڌياسين ته روڊ جي کاٻي پاسي کان آرٽ
گيلري ۽ لائبريري جا سائن بورڊ لڳل نظر آيا. سڀني دوستن جي اها صلاح هئي ته واپسي
۾ ئي اندر هلنداسين. سو اڳيان سامهون تمام وڏو تاريخي گيٽ جي پينٽگ ٿيل هئي. جنهن
جي هڪڙي پاسي کان انگريزي ٻولي ۾ لکيل هيو ته ٻي پاسي وري دهيوي Dhivehi ٻولي ۾ ڪجهه لکيل هيو. هي ٻولي هتان جي سرڪاري ۽
دفتري ٻولي آهي. هي انڊو آريان ٻولي آهي جيڪا سري لنڪن ٻولي سنهالي ٻولي سان ملي
جلي ٿي. هتي ئي سامهون تمام وڏي مسجد نالي Masjid
Al-Sultan Muhammad Thakurufaanu Al-Auzam آهي.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment