مولانا عبدالغفور قاسمي - محمد حسين شاهه سجاولي


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

----------------------
محمد حسين شاهه
سجاولي
 ----------------------
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا

مولانا عبدالغفور قاسمي رحه
حضرت استاذ جامع المعقول والمنقول شيخ الحديث مولانا عبدالغفور قاسمي هن فاني جهان مان 25 محرم الحرام 1434 هه سومر جي ڏينهن ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ ڪينسر جي موذي بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. انا للہ وانا الیہ راجعون
استاد صاحب جي
ولادت 1942ع ۾ ڳوٺ گجو محمد شاهه تعلقي سجاول ۾ ٿي سندن والد جو نالو مولانا محمد قاسم هو.
سندن ڳوٺ کي “ميئين جو ڳوٺ” چوندا آهن هن ڪري ته هن ڳوٺ ۾ عالمن، حافظن، حاجين ۽ نيڪ ماڻهن جو گهڻو تعداد رهندو هو. جيئن سائين مولانا عبدالغفور صاحب جو والد مولوي محمد قاسم، استاد صاحب جو سهرو ۽ ماما مولوي محمود مولانا محمد يوسف (ماستر عيسيٰ صاحب جو والد) حافظ محمد (حافظ سيٺ) مولانا محمد عمر ميمڻ (مولوي اسحاق صاحب جو والد) اهڙي طرح ٻيا به عالم ۽ حافظ رهندڙ هئا. تنهن ڪري ڳوٺ کي “ميئين جو ڳوٺ” يعني مولوين جو ڳوٺ چوندا آهن. هن تفصيل مان خبر پئي ته استاد عبدالغفور صاحب جن اهل علم خاندان جا فرزند ۽ نجيب الطرفين هئا. سندن والد ۽ والده ٻنهي جو علمي خاندان سان تعلق هو.
حضرت استاد صاحب سنڌيءَ جي شروعاتي پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. پرائمري تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ استاد مولانا عبدالله ميمڻ صاحب سان گڏجي منگين جي تڙ واري مدرسي ۾ فارسي وغيره پڙهيا بعد ۾ مدرسه دارالفيوض هاشميه سجاول ۾ داخل ٿيا. سندن استادن مان مشهور استاد حضرت الاستاد مولانا نور محمد صاحب جن هئا. موصوف وٽ گهڻو عرصو پڙهيا. استاد عبدالغفور صاحب سان گڏ جيڪي سندن ساٿي هئا انهن ۾ استاذ مولانا محمد ابراهيم ميمڻ، مولانا استاذ عبدالقيوم جاڙيجا، مولانا محمد اسماعيل پنهور، مولانا سيد عبدالله شاهه صاحب بخاري وغيره هئا.
استاد صاحب پڙهڻ واري دور ۾ جمعي جي ڏينهن سجاول جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ جمعه نماز پڙهائڻ ويندا هئا. اسان جي ڳوٺ ٽنڊي عالم خان ۾ سندن گهڻو اچڻ ٿيندو هو. پاڻ اسان کي نماز پڙهائيندا هئا ۽ منهنجي (ليکڪ) لاءِ منهنجن ڀائرن کي همٿائيندا ۽ ترغيب ڏيندا هئا ته هن کي هر حال ۾ دين لاءِ وقف ڪريو. انهن ڏينهن ۾ ادا حاجي هارون شاهه ۽ ماستر حاجي محمد عمر لوهار، “سائين قاسميءَ” وٽ مفتاح العربيه نالي عربي ڪتاب پڙهندا هئا.
استاد صاحب سجاول کان پوءِ گجرانوالا جي مدرسي اشرف العلوم، طاهر والي جي مدرسه انوار حبيبه ۾ مولانا حبيب الله وٽ پڙهيو. آخر ۾ دوره حديث مدرسه عربيه اسلاميه نيو ٽائون موجوده جامعه العلوم الاسلاميه بنوري ٽائون مان وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي سالانه امتحان ۾ پوري پاڪستان مان پهريئن پوزيشن ۾ ڪامياب ٿيا.
نيو ٽائون مان فراغت وقت حضرت مولانا محمد يوسف بنوري رحه استاد صاحب کي جامعه ۾ پڙهائڻ يا دارالافتاء ۾ رهڻ جي فراخدلانه آڇ ڪئي پر استاذ صاحب معذرت ڪندي سجاول جي مدرسه دارالفيوض الهاشميه ۾ اچي ويا. جتي استاد صاحب قرآن و حديث پڙهائيندي. ۽ پوءِ پنهنجي قائم ڪيل مدرسه دار الفيوض قاسميه ۾ آخري سال بخاري شريف پڙهائيندي وفات ڪئي.
استاذ صاحب تقريري، تدريسي، اصلاحي ڪمن ۾ ضربِ المثل هو. سندن تدريس جي ڇا ڳالهه لکجي جن وٽن پڙهيو آهي اهي ڄاڻن ٿا ته سندن پڙهائڻ ڪيئن هو. ڪهڙو به ڏکيو ڪتاب هجي استاد صاحب وٽ اهو ڄڻ ته پرائمريءَ جو ڪو سبق هجي. استاذ صاحب کان پڙهايل ڪتابن جا جن شاگردن سندن نوٽ لکيا ۽ تقريون محفوظ ڪيون. انهن ۾ مولانا محمد صالح حداد بن حضرت استاد مولانا نور محمد صاحب ۽ ٻيا دوست پڻ آهن. مون وٽ به تهذيب جي ڪاپي، حمد لله جون تقريرون، مشڪوات المصابيح جون ڪاپيون محفوظ هيون جن مان تهذيب ۽ حمدالله جون ڪاپيون جڏهن حضرت شيخ الحديث مولانا شمس الحق صاحب دارالعلوم ڪراچيءَ وارن ڏٺيون ته بزرگ عجب ۾ پئجي ويو ۽ مون کان پڇيائين ته ڇا سنڌ ۾ اهڙا به عالم آهن جيڪي هن نموني منطق ۽ فلسفو پڙهائين ٿا. اوهان هي ڪاپيون مون کي ڏيو ته آئون فوٽو اسٽيٽ ڪرائي اوهان کي واپس ڪندس. مون استاد صاحب جو فيض عام ڪرڻ لاءِ هي علمي ذخيرو مولانا شمس الحق صاحب کي هديه طور پيش ڪيو ۽ مشڪوات شريف جون 9 ڪاپيون مولانا محمد اسماعيل بلوچ ماشڪيل وارو مون کان کڻي ويو. ۽ مولانا محمد صالح صاحب واري سلم العلوم جي ڪاپي فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ منهنجي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. استاد صاحب جي مشهور شاگردن مان مولانا محمد صالح صاحب، مولانا حافظ نذير احمد عمراڻي، مولانا محمد اسماعيل ميمڻ صاحب، مولانا محمد يعقوب لاسي صاحب، مولانا محمد اسماعيل لاسي صاحب، مولانا مفتي عبدالقادر شاهه صاحب، مولانا عبيدالله انور صاحب، مولانا عبدالستار خاصخيلي صاحب، مولانا محمد ايوب صاحب جملي، مولانا محمد قاسم جمالي، (هي خادم) محمد حسين شاهه، مولانا محمد عيسيٰ سمون، مولانا محمد عباس ٿري وغيره آهن. سڀني شاگردن جا نالا هتي نٿا اچي سگهن.

مولانا عبدالغفور صاحب قاسمي مقرر جي حيثيت ۾:
استاد صاحب سنڌ جي ته هر حصي ۾ تقريرون ڪيون ليڪن پاڪستان کان ٻاهر برمنگهم ۽ لنڊن جي ختم نبوت ڪانفرنس ۾ اهڙيون مدلل تقريرون ڪيون جو وڏن وڏن اڪابرن کين دل سان دعائون ڪيون ۽ قاديانين جي گهرن ۾ ماتم ٿيو.
استاد صاحب تقرير ڪيئن ڪندو هو انهيءَ جو هڪ نمونو مولوي عبدالمؤمن صاحب صفر واري الفاروق ۾ لکيو آهي. تقرير سياسي هجي يا ديني ڪهڙو به اسٽيج هجي ته اهو پورو جلسو استاد صاحب جي مٺ ۾ هوندو هو. هڪ ڪلاڪ ڳالهائي يا ٻه ڪلاڪ ٻڌندڙ هڪ سيڪنڊ لاءِ به غافل نه هوندا هئا جيڪو جيئن ويٺل هوندو هو تيئن ئي ويٺل رهندو هو. هتي نموني خاطر فقط هڪ جلسي جو تفصيل لکان ٿو. جتي فقط دعا گهرڻي هئي ليڪن مقرر ٻن ڪلاڪن لاءِ حاضرين کي حيرت زده ڪري ڇڏيو:
“ڳالهه هن ريت آهي ته ضياءُ الحق جو دور ۽ ربيع الاول جو مهينو هو. سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين  ۾ سيرت ڪانفرنسون ۽ سيمينار ٿي رهيا هئا. آئون ڪنهن ڪم سان حيدرآباد ۾ هڪ دوست وٽ آيل هئس ته اتي اساد صاحب سان ملاقات ٿي وئي. استاد فرمايو ته حسين شاهه هل ته سنڌ گهمي اچون. پڇيم ته سائين ڪيڏانهن هلڻو آهي. فرمايائون ته اڳ ۾ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ هلڻو آهي. ڊاڪٽر عبدالغني انصاري دعوت ڏني آهي اتان کان ٿي ماتلي وغيره هلنداسين. پوءِ اسان ٽنڊو ڄام پهتاسين. ڊاڪٽر عبدالغني صاحب يونيورسٽيءَ جو ڊين هو . ملاقات ٿي پر ڊاڪٽر صاحب پريشان ڏسڻ ۾ پئي آيو. استاد صاحب پڇا ڪئي ته چوڻ لڳو. ماحول گرم آهي، شاگرد اسان جي خلاف ٿي ويا آهن. اسان کي ڊپ آهي ته هن جلسي ۾ ڪا گڙ ٻڙ نه ڪن. اهڙي طرح اسان جلسه گاهه ۾ پهتاسين. اتي مون ڏٺو ته اسٽيج جي ٻنهي پاسن کان چاليهارو کن ڪرسيون هيون. سامهون 500 کن ڪرسيون هيون. پر انهن ڪرسين مان صرف 35، 36 تي شاگرد ويٺل هئا. جيڪي اشارن سان مسخريون ڪري رهيا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول الله ﷺ  ٿي ۽ پوءِ شاگردن جا نالا ورتا ويا اهي پنهنجو مقالو يا مضمون پڙهي هليا ٿي ويا . اهڙي طرح سامهون فقط 15 ، 16 شاگرد هئا ۽ اسٽيج وٽ وائيس چانسلر سميت سڀ اسٽاف ويٺل هو. آخر ۾ اعلان ٿيو ته هاڻي سنڌ جي نامور عالم اسان جي مهمان خاص مولانا عبدالغفور قاسميءَ صاحب کي عرض آهي ته اهي اچي دعا گهرن ته جيئن مجلس ختم ٿئي.

سائين قاسمي صاحب دعا گهري ٿو:
استاد صاحب صحيح معنيٰ ۾ شهنشاههِ خطابت هو. اسٽيج تي آيو چند دعائيه جملن کان پوءِ تعليم جي اهميت انگريزي تهذيب ۽ تعليم ۾ خرابيون، موجوده يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ڪاپي ڪلچر، شاگردن جي حق تلفي، ڪوڙن ڊوميسائيلن ۽ غلط داخلائن، شاگردن جا اخلاق عادتون حاصل مطلب ته خالص تعليمي ۽ اصلاحي ٻن ڪلاڪن جو ليڪچر ڏنو. تقرير ڇا هئي، بس اهي خوبصورت جملا ۽ قيمتي ڳالهيون هيون جن کي هڪ تعليمي فيلسوف خالص تعليمي انداز ۾ بيان ڪري رهيو هو. مون چوڌاري ڏٺو ته هي 500  ڪرسيون ته ڀرجي ويون. ليڪن هتي ته پورو ٽنڊو ڄام موجود هو. ماڻهو دوڪان بند ڪري، گهرن مان نڪري پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي هن جلسي ۾ شريڪ ٿيا هئا. پورو پنڊال ڀرجي ويو هو. ڪي وڻن تي ويٺا هئا ته ڪي رستي تي ويهي رهيا هئا. مطلب ته ايگريڪلچر يونيورسٽي شاگردن، استادن سميت حاضر هئي ۽ هر طرف انسان ئي انسان هئا. استاد صاحب جڏهن تقرير ختم ڪئي ته شاگردن جيئي جيئي ــ قاسمي جيئي ۽ “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. VC صاحب پنهنجي ڊرائيور کي اشارو ڪيو ۽ اسان کي چيو ته سائين جلدي ڪريو. هن رش مان جان ڇڏائڻ مشڪل آهي. اهڙي طرح استاد صاحب گاڏيءَ ۾ چڙهي ويو پر شاگردن آٽو گراف لاءِ ڪار جي چؤ طرف گهيرو ڪيو آخرڪار اسان V.C صاحب جي آفيس ۾ پهتاسين جتي مانيءَ جو انتظام هو. اتي وائيس چانسلر صاحب داڪٽر عبدالغني صاحب کي مخاطب ٿي چيو، ڊاڪٽر صاحب، اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان سنڌ جي نامور عالم سان ملاقات ڪرائي ۽ استاد صاحب کي چيو ته سائين اوهان جي وڏي مهرباني. اسان جي يونيورسٽيءَ جو ماحول گرم هو. شاگردن اسان جي اوڻاين ۽ شاگردن جي مسئلن، هنن جي اخلاقن ۽ تعليم تي جيڪي ڪجهه اوهان گهايو ان وڏو اثر ڪيو آهي. جن شاگردن نعرا پئي هنيا ۽  اوهان کان آٽو گراف پئي ورتو اهي اوهان جا ۽ اسان جا سخت مخالف هئا. آئون اوهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ پنهنجي گاڏي ڊرائيور سان اوهان کي سنڌ جي دوري لاءِ ڏيان ٿو. گاڏيءَ جو تيل به منهنجي پاران آهي ۽ ڊرائيور به اسان جو هوندو.
پوءِ هي دلچسپ جلسو ۽ ملاقات جي پڄاڻي کان پوءِ اسان واپس ورياسين. اهو هو مختصر احوال هڪ تقرير جو.
اهڙيون ڪيتريون ئي تقريرون آهن ، جن جو ذڪر ڪرڻ سان مقالو ڊگهو ٿي ويندو.

عادتون ، اخلاق:
استاد صاحب جيتري قدر وڏو عالم هو اوترقدر سادي طبيعت جو مالڪ پڻ. کين الله تعاليٰ جو ڏنل سڀ ڪجهه هو ليڪن ڪو غريب کين دعوت ڏيندو هو ته ان وٽ پهچي ويندا هئا. مون کي ياد آهي ته 1974ع ڌاري منهنجي شادي ڪيٽي  بندر ۾ ٿي رهي هئي، منهنجي ڀائرن استاد صاحب کي شاديءَ جي دعوت ڏني ان وقت ڪيٽي بندر جو سفر ڏاڍو ڏکيو هو. ڪراچيءَ مان صرف ون اسٽار بس سروس وارن جي هڪ بس ايندي هئي. مگر ڪيٽي بندر وارن هي نظارو به ڏٺو ته وچين نماز کان پوءِ جيئن ئي بس ڪيٽي بندر پهتي ته ڇت تي ويٺل مسافرن ۾ هڪ منهنجو محبوب استاد قاسمي به هو. استاد صاحب ڏاڍو خوش هو. نڪاح پڻ پڙهيائين. حسن اتفاق مان منهنجي وڏي پٽ حافظ خليل الرحمان شاهه جو نڪاح به ابراهيم حيدريءَ ۾ استاد صاحب پڙهيو ۽ تقرير به ڪيائون.
استاد صاحب حد درجي جو سخي مڙس هو. شاگردن کي خاص ڪري گهڻو نوازيندو هو. جڏهن شعبان ۾ موڪلون ٿينديون هيون ته سڀني پرديسي شاگردن کي ڪپڙو ۽ ڀاڙو ڏيندو هو ڪو پرڻيل شاگرد هوندو هو ته ان کي ان جي زال ۽ ٻارن جا ڪپڙا به ڏيندو هو. ايئن هڪ ڀيرو منهنجي روبرو ٿيو مون کي چيائين ته مٿي تان رومال لاهه. پوءِ پاڻ هڪ سعودي رومال مرڪندي منهنجي مٿي تي ٻڌو.
اڄ هي لکندي اکيون لڙڪ هارين ٿيون ته سندن يادگيريون ڇا لکان ۽ ڪيئن لکان. پنهنجين نالائقين ۽ استاد جي عنايتن کي ياد ڪري 20 محرم کان روئي رهيو آهيان. صحيح معنيٰ ۾ پاڻ کي يتيم سمجهان ٿو.
استاد صاحب ڪنهن بيمار يا مجبور جي ايئن مدد ڪندو هو جو فقط ان کي ئي خبر هوندي هئي. استاد حافظ محمد هاشم صاحب رحه بيمار هو. هڪ ڀيري مون کي فرمايائون، “ابا حسين شاهه، استاد قاسمي صاحب جي وڏي مهرباني جو ان منهنجي گهڻي مدد ڪئي آهي.


ديني ۽ اصلاحي خدمتون:
استاد صاحب، وفاق المدارس العربيه پاڪستان جا فعال ميمبر هئا. سنڌ جي مختلف حصن ۾ مدرسا جاري ڪرايا. سجاول ۾ مدرسه دارالفيوض آباديءَ جي وچ ۾ اچي وڃڻ ۽ جڳهه جي تنگيءَ جي ڪري سجاول جنرل بس اسٽاپ تي خالي پيل پلاٽ تي هڪ عاليشان جامع مسجد ۽ مدرسه دار الفيوض قاسميه قائم ڪيو. ۽ سجاول جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويهارو کن جاين تي مسجدون ۽ مدرسا تعمير ڪيا ۽ ماتليءَ جي شهر ۾ عاليشان مدرسو قائم ڪيو. جنهن کي پنهنجي قابل ۽ محنتي شاگرد مولانا محمد عباس ٿريءَ جي حوالي ڪيائون. مون کي پڻ جامعه فاروقيه جي الفاروق (سنڌي) جو ايڊيٽر بنايائون.
ڪيترن ئي غير مسلمن، سجاول جي ڪارين ۽ ڀيلن کي مسلمان ڪري انهن کي باقاعده روزگار سان لڳائي، مدرسن ۾ انهن جي ٻارن کي داخل ڪرائي عالم بنايائين ۽ انهن جي پاڙي ۾ عاليشان مسجد ٺهرايائين.

سياسي ۽ ملڪي خدمت:
پاڪستان جي سياسي جماعتن مان سجاول شهر جي گهڻن مسلمانن جو تعلق جمعيت العلماء اسلام (ف) سان آهي. استاد صاحب جمعيت جا سرپرست هئا. پاڻ هر موقعي تي مرڪز جي فيصلي مطابق اليڪشن ۾ حصو وٺندا هئا ۽ سندن سياسي تقريرون خاص ڪري پرڏيهي حالتن تي ٻڌڻ سان تعلق رکن ٿيون. مجلس تحفظ ختمِ نبوت سان سندن تعلق هو. ختم نبوت جي هر جلسي ۾ ڪوشش ڪري شريڪ ٿيندا هئا. پاڻ رابطا عالم اسلامي مڪي مڪرمه جا مندوب به هئا انهيءَ ڪري “رابطا عالم اسلاميءَ” جي خاص مجلسن ۽ اجلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مڪي مڪرمه ويندا رهيا. عمر جا منهنجي سمجهه مطابق آخري 20 ــ 25 سال پاڻ بنا پگهار جي تدريسي خدمت ڪندا رهيا.

آخري وقت:
عمر عزيز جا آخري چند سال هن عظيم عالم سڳوري بيماريءَ ۾ گذاريا. هڪ ايڪسيڊنٽ حادثي ۾ سندس مٿو ۽ ٻانهون متاثر ٿيون. تنهن ڪري ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ آپريشن ڪرايائين. وري زيابيطس جي شڪايت جي ڪري ساڳي اسپتال ۾ آپريشن ٿي. جنهن ۾ سندن هڪ پير وڍيو ويو. پوءِ ڦيٿن واري ڪرسيءَ تي هلي به سبق پڙهائيندا رهندا هئا. آخر ۾ وات جو ڪينسر ٿيو. جنهن ۾ اسان سڀني کي وڇوڙي جو داغ ڏئي حورن جي حوالي ٿيو. سندن پويان به اسان جون ڀينرون، انهن جو اولاد ۽ لاتعداد شاگرد ۽ واسطي وارا ڇڏيائين.
20 محرم الحرام 1435 هه جو ڏينهن سجاول شهر لاءِ بقول ياسين ڪنڀر صاحب ته “درد جو درياءَ ٿو سجاول ۾ وهي” ثابت ٿيو. 20 محرم جي شام مغرب نماز مولانا ڊاڪٽر منظور احمد مينگل پڙهائي. جيڪو پنهنجي دعا ۾ پاڻ به هنجون هاري رنو ۽ اسان سڀني کي روئاريائين.
مون زندگيءَ ۾ گهڻا جنازا ڏٺا آهن. پر هي عاشقِ رسول جو جنازو هو. هن ۾ اڻ ڳڻيا انسان شريڪ هئا. گهڻا سڏڪا ڀري روئي رهيا هئا. جنازي نماز جي نيت سابق سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري ڪرائي. ۽ نماز مولانا محمد صالح بن حضرت الاستاذ مولانا نور محمد صاحب پڙهائي.
مصري شاهه جي مقام ۾ جتي هڪ هفتو اڳ پاڻ بذاتِ خود قبر جي نشاندهي ڪئي هئائون اتي کين قبر جي حوالي ڪيو ويو.
برد الله مضجعه ورحمة واسعه

فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت