سيوهڻ مٿان چنڊ - احمد سولنگي



سيوهڻ مٿان چنڊ
احمد سولنگي

تاريخ ۾ هر پل کلي سيوهڻ جي گهٽي ٿي،
پکراج ۽ زرقون جيان رنگ چٽي ٿي،
محڪوم جي هر ٻانهن جي ٻل سان ٻٽي ٿي،
ارغون، مغل لئه ٿئي هيءَ تنگ مٽي ٿي،
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هر روز چمي سج لڪي شاهه صدر کي،
ٿو رنگ ڏئي لال قلندر جي پڌر کي،
ڪيڏو نه مليو شرف آ، حيدر جي پسر کي،
سجدو ٿو ڪري چنڊ به سيوهڻ جي شهر کي،
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هيءَ شهر آ شهباز جي ڪشڪول جو موتي،
درويش جي دستار، قبا، جهول جو موتي،
محبوب جي پازيب ۽ رمجهول جو موتي،
هي شهر قلندر جي سچي قول جو موتي،
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هن شهر سدا وقت جي آ واڳ کي موڙيو،
هن شهر ڀليءَ ڀونءِ سندي ڀاڳ موڙيو،
هن شهر ڪڏهن ننڊ، ڪڏهن جاڳ کي موڙيو،
هن شهر ڪڏهن پنڌ، ڪڏهن ماڳ کي موڙيو،
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هر دور ۾ فاتح ڪيو اتهاس کي زخمي،
هر سوار جي تلوار هتي رت ۾ وهنتي،
هر رات جو سيوهڻ تي رنو چنڊ ٿي سڏڪي،
هر وار ٿي پرهار سڪندر جي ستم جي،
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

هن شهر سدا آهه کنئي لال جي ميندي،
مروند جي محبوب ۽ لڄپال جي ميندي،
زهرا جي جي جگر بند عليءَ ال جي ميندي،
سيوهڻ آ بڻيو سنڌ جي مشعال جي ميندي،
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

سيوهڻ کان ڀلا ڪير رهي دور قلندر!
ڪيئن جيءُ جدائيءَ جو سهي سور قلندر!
جنهن نيل منجهان تنهنجو ڏٺو نور قلندر!
تنهن ڄڻ ته اکين ساڻ پسيو طور قلندر!
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

ٿي ڀير وڄي، پير نچن تنهنجي اڱڻ تي،
ٿا رنگ رقاصا جا رچن تنهنجي اڱڻ تي،
عشاق سوين روز اچن تنهنجي اڱڻ تي،
نانگا ٿا نچن، مچ مچن، تنهنجي اڱڻ تي،
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

تنهنجي ئي ٿا پاڇن ۾ رهن اڀ، بحر، بر،
تنهنجي ئي ڪف پاکي، چمي چنڊ اي دلبر،
ٿي گودڙيءَ ۾ تنهنجي رهي سنڌ قلندر،
او ڌاڃ ڌڻي، پيٽ بکئي ديس جا پرور!
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

اڄ ڀي ٿو کپي سنڌ کي ڪو لال اي سيوهڻ !
ڪو گهوٽ بلاول، نئون ابدال اي سيوهڻ!
دولهه ڪو ٿئي ديس جو رکوال اي سوهڻ!
ٽلٽيءَ جي ٻڌي ڪنٺ ۾ ڪٺمال اي سيوهڻ!
اڄ واجهه وجهي وقت ڏي سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت