احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
-------
رمضان المبارڪ جو روزو اگر بغير عذر جي ٽوڙيو وڃي ته ان جو وڏو ڪفارو
به ادا ڪرڻون پوندو آهي جنهن جو تفصيل اسين اڳتي ذڪر ڪنداسون. ليڪن اگر روزو نفلي
هجي ته ان کي ڀڃي سگهجي ٿو ۽ ان جي جڳهه تي ٻيو روزو رکڻ لازم ۽ ضروري آهي جنهن کي
قضا روزو چيو ويندو آهي.
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ قَالَتْ
دَخَلَ عَلَىَّ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ذَاتَ يَوْمٍ فَقَالَ هَلْ عِنْدَكُمْ شَىْءٌ . فَقُلْنَا لاَ قَالَ
فَإِنِّي إِذًا صَائِمٌ ثُمَّ أَتَانَا يَوْمًا آخَرَ فَقُلْنَا يَا رَسُولَ
اللَّهِ صلی اللہ علیہ وسلم أُهْدِيَ لَنَا حَيْسٌ فَقَالَ أَرِينِيهِ فَلَقَدْ
أَصْبَحْتُ صَائِمًا فَأَكَلَ ۔
(مسلم
شریف کتاب الصوم باب فضل الصیام فی سبیل اللہ لمن یطیقہ بلاضرر ولا تفویت حق ج 1 ص
364)
”حضرت عائشه صديقه ؓ کان
روايت آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ ڪريم ﷺ جن مون وٽ تشريف فرما هئا ۽ فرمايائون ته ڇا
توهان وٽ ڪجهه کائڻ جي لاءِ آهي؟. اسان عرض ڪيو ته هن وقت ته ڪجهه به نه آهي پاڻ
ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هاڻي اسين روزو رکون ٿا. وري هڪ ٻئي ڏينهن پاڻ ڪريم ﷺ جن
تشريف فرما ٿيا ته اسان عرض ڪيو ته اڄ اسان وٽ حَيس (کجورن ۽ مکڻ وغيره مان تيار
ڪيل حلوو) هديه ۾ آيو آهي، ان کي کائو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڏيکاريو اسان اڄ
روزي جي نيت ڪئي هئي، پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ان مان کاڌو ۽ روزو نه رکيائون.“
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اُمِّ ھَانِیۡ قَالَتۡ لَمَّا کَانَ یَوۡمُ الۡفَتۡحِ فَتۡحِ
مَکَّۃَ جَاءَتۡ فَاطِمَۃُ فَجَلَسَتۡ عَلیٰ یَسَارِ رَسۡولِ اللہ صلی اللہ علیہ
وسلم وَاُمُّ ھَانِیۡ عَنۡ یَمِیۡنہٖ فَجَاءَتِ الۡوَلِیۡدَۃُ بِاِنَاءٍ فِیۡہِ شَرَابٌ فَتاوَلَتۡہُ
فَشَرِبَ مِنۡہُ ثُمَّ نَاوَلَہٗ اُمَّ ھَانِیۡ فَشِربَتۡ مِنۡہُ فَقالِتٍ یَا
رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم لَقَدۡ اَفۡطَرۡتُ وَکُنۡتُ صَاءِمَۃً فَقَالَ
لَھَا اَکُنۡتِ تَقۡضِیۡنَ شَیۡأً فَقَالَتۡ لاَ قَالَ فَلَا یَضۡرُّکِ اِنۡ کَانَ
تَطَوُّعًا۔ رواھ ابو داؤد الترمذی
والدارمی۔
(مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب الفول الثانی ج 1 ص 181)
”حضرت ام هاني بنت ابي طالب کان روايت آهي ته فتح مڪي جي ڏينهن (جڏهن
پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي شريف ۾ تشريف فرما هئا) حضرت بي بي فاطمه سڳوري ؓ آئي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي کاٻي پاسي کان ويهي رهي
۽ ام هاني بنت ابي طالب پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ساڄي پاسي کان ويٺل هئي ته هڪ ڇوڪري پاڻ
ڪريم ﷺ جن جي لاءِ شربت کڻي آئي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ پيش ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن
ان مان ڪجهه پيتو ۽ پوءِ ام هاني جي طرف وڌايائون ان به انهيءَ مان ڪجهه پيتو ۽
پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ﷺ آءُ روزي سان هئس ۽ مون هي
شربت پي ڪري روزو ڀڃي ڇڏيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڇا تون ان روزي جي ذريعي ڪنهن
فرض يا واجب کي ادا ڪرڻ چاهين پئي؟ ان عرض ڪيو ته نه (بلڪه نفلي روزو هيو) ته پاڻ
ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اگر نفلي روزو هيو ته پوءِ ڪوئي حرج نه آهي.“
هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته نفلي روزو ٽوڙڻ سان ڪوئي گناهه نه
ٿيندو آهي مگر ٽوڙيل روزي جي قضا ڪرڻ لازم ۽ ضروري آهي جهڙيءَ طرح ايندڙ حديث شريف
۾ ان مسئلي کي صراحت سان بيان ڪيو ويو آهي.
(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ، قَالَتْ كُنْتُ أَنَا وَحَفْصَةُ، صَائِمَتَيْنِ
فَعُرِضَ لَنَا طَعَامٌ اشْتَهَيْنَاهُ فَأَكَلْنَا مِنْهُ فَقَالَتۡ حَفۡصَۃُ
یَارَسُوۡلَ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم ا،نَّا کُنَّا صَاءِمَتَیۡنِ فَعُرِضَ لَنَا
طَعَامٌ اِشُتَھَیۡنَاہُ فَاَکَلۡنَا مِنّہُ قَالَ اِقۡضِیَا یَوۡمًا اٰخَرَ
مَکَانَہٗ۔
(ترمذی شریف کتاب الصوم)
”حضرت عائشة صديقه ؓ کان
روايت آهي ته آءُ ۽ حضرت حفصة ؓ ٻئي نفلي
روزي سان هيون سي، اسان جي سامهون کاڌو پيش ڪيو ويو، جنهن کي کائڻ جي طرف اسان جي
رغبت هئي ۽ اسان ان کي کاڌو سون پوءِ حضرت حفصة ؓ
پاڻ ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ اسان ٻئي روزي جي حالت ۾ هيون
سي، اسان جي سامهون کاڌو آيو، جنهن کي کائڻ جي لاءِ اسان جي دل چاهيو ٿي، ته اسان
ان مان ڪجهه کاڌو سون ( روزو ڀڃي ڇڏيوسون) پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته ان جي
جڳهه تي ڪنهن ڏينهن قضا روزو رکجو.“
هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته نفلي روزو ڀڃڻ جي صورت ۾ ان جي قضا جي
طور تي روزو رکڻ واجب ۽ ضروري آهي ورنه اهو شخص گناهگار ٿيندو.
(4) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیّ ھُرَیۡرَۃَ رضہ قَالَ قَالَ رَسۡوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ
وسلم اِذا دُعِیَ اَحَدُکُمۡ اِلیٰ طَعَامٍ وَھُوَ صَاءِمٌ فَلۡیَقُلۡ اِنِّیۡ
صَاءِمٌ وَفِیۡ رِوَایَۃٍ قَالَ اِذَا دُعِیَ اَحَدُکُمۡ فَلۡیُجِبۡ فَاِنُ کَانَ
صَاءِمٍا فَلۡیُصَلِّ وَاِنۡ کَانَ مُفۡطِرًا فَلۡیُطۡعِمۡ۔
(مسلم شریف کتاب الصوم
باب ندب لصاءم اذا دعی الی طعام ولم یرد الافطار اوشوتم او قوتل الخ ج 1 ص 363۔
مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب الفصل الاول ج 1 ص 181)
”حضرت ابو هريرة ؓ کان روايت
آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جڏهن توهان مان ڪنهن کي کاڌي جي لاءِ سڏيو وڃي
(يعني اوهان کي دعوت جي لاءِ سڏيو وڃي) ۽ اهو ماڻهون روزيدار هجي ته ان کي گهرجي
ته هيئن چوي ته آءُ روزيدار آهيان، ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هي فرمايو
ته اگر توهان مان ڪنهن کي دعوت ڪئي وڃي ته ان کي گهرجي ته اهو دعوت قبول ڪري ۽ اگر
اهو روزيدار هجي ته اهو ٻه رڪعتون (نفل) نماز پڙهي ۽ اگر روزيدار نه هجي ته ان کي
گهرجي ته کاڌي ۾ شريڪ ٿئي.“
اگر روزيدار مهمان جي کاڌي نه کائڻ جي ڪري ميزبان تشويش ۽ پريشاني ۾
مبتلا ٿي وڃي يا کاڌو نه کائڻ جي ڪري دشمني ۽ نفرت جي پيدا ٿيڻ جو خوف هجي ته ان
صورت ۾ نفل روزو ڀڃڻ ۽ ٽوڙڻ ضروري آهي.
۽ اگر مهمان هي ڄاڻي ته ميزبان کاڌي کائڻ جي ڪري خوش ته ٿيندو مگر
کاڌي نه کائڻ جي صورت ۾ اهو ڪنهن تشويش ۽ پريشاني ۾ مبتلا نه ٿيندو ته ان صورت ۾
نفل روزو ڀڃڻ مستحب آهي.
۽ اگر ان جي نزديڪ ٻئي صورتون برابر هجن ته ان جي لاءِ افضل ۽ بهتر
اهو ئي آهي ته اهو هي چوي ته آءُ روزي سان آهيان.
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment