ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
-------
رمضان المبارڪ جو روزو اگر بغير عذر جي ٽوڙيو وڃي ته ان جو وڏو ڪفارو به ادا ڪرڻون پوندو آهي جنهن جو تفصيل اسين اڳتي ذڪر ڪنداسون. ليڪن اگر روزو نفلي هجي ته ان کي ڀڃي سگهجي ٿو ۽ ان جي جڳهه تي ٻيو روزو رکڻ لازم ۽ ضروري آهي جنهن کي قضا روزو چيو ويندو آهي.


(1)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ  قَالَتْ دَخَلَ عَلَىَّ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ذَاتَ يَوْمٍ فَقَالَ  هَلْ عِنْدَكُمْ شَىْءٌ .‏ فَقُلْنَا لاَ ‏‏ قَالَ فَإِنِّي إِذًا صَائِمٌ ‏ ثُمَّ أَتَانَا يَوْمًا آخَرَ فَقُلْنَا يَا رَسُولَ اللَّهِ صلی اللہ علیہ وسلم أُهْدِيَ لَنَا حَيْسٌ ‏ فَقَالَ أَرِينِيهِ فَلَقَدْ أَصْبَحْتُ صَائِمًا ‏ فَأَكَلَ  ۔ 
(مسلم شریف کتاب الصوم باب فضل الصیام فی سبیل اللہ لمن یطیقہ بلاضرر ولا تفویت حق ج 1 ص 364)

”حضرت عائشه صديقه ؓ  کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ ڪريم ﷺ جن مون وٽ تشريف فرما هئا ۽ فرمايائون ته ڇا توهان وٽ ڪجهه کائڻ جي لاءِ آهي؟. اسان عرض ڪيو ته هن وقت ته ڪجهه به نه آهي پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هاڻي اسين روزو رکون ٿا. وري هڪ ٻئي ڏينهن پاڻ ڪريم ﷺ جن تشريف فرما ٿيا ته اسان عرض ڪيو ته اڄ اسان وٽ حَيس (کجورن ۽ مکڻ وغيره مان تيار ڪيل حلوو) هديه ۾ آيو آهي، ان کي کائو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڏيکاريو اسان اڄ روزي جي نيت ڪئي هئي، پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ان مان کاڌو ۽ روزو نه رکيائون.

(2)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اُمِّ ھَانِیۡ قَالَتۡ لَمَّا کَانَ یَوۡمُ الۡفَتۡحِ فَتۡحِ مَکَّۃَ جَاءَتۡ فَاطِمَۃُ فَجَلَسَتۡ عَلیٰ یَسَارِ رَسۡولِ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم وَاُمُّ ھَانِیۡ عَنۡ یَمِیۡنہٖ فَجَاءَتِ الۡوَلِیۡدَۃُ  بِاِنَاءٍ فِیۡہِ شَرَابٌ فَتاوَلَتۡہُ فَشَرِبَ مِنۡہُ ثُمَّ نَاوَلَہٗ اُمَّ ھَانِیۡ فَشِربَتۡ مِنۡہُ فَقالِتٍ یَا رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم لَقَدۡ اَفۡطَرۡتُ وَکُنۡتُ صَاءِمَۃً فَقَالَ لَھَا اَکُنۡتِ تَقۡضِیۡنَ شَیۡأً فَقَالَتۡ لاَ قَالَ فَلَا یَضۡرُّکِ اِنۡ کَانَ تَطَوُّعًا۔ رواھ  ابو داؤد الترمذی والدارمی۔ 
(مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب الفول الثانی ج 1 ص 181)

”حضرت ام هاني بنت ابي طالب کان روايت آهي ته فتح مڪي جي ڏينهن (جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي شريف ۾ تشريف فرما هئا) حضرت بي بي فاطمه سڳوري ؓ  آئي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي کاٻي پاسي کان ويهي رهي ۽ ام هاني بنت ابي طالب پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ساڄي پاسي کان ويٺل هئي ته هڪ ڇوڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن جي لاءِ شربت کڻي آئي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ پيش ڪيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن ان مان ڪجهه پيتو ۽ پوءِ ام هاني جي طرف وڌايائون ان به انهيءَ مان ڪجهه پيتو ۽ پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ﷺ آءُ روزي سان هئس ۽ مون هي شربت پي ڪري روزو ڀڃي ڇڏيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڇا تون ان روزي جي ذريعي ڪنهن فرض يا واجب کي ادا ڪرڻ چاهين پئي؟ ان عرض ڪيو ته نه (بلڪه نفلي روزو هيو) ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته اگر نفلي روزو هيو ته پوءِ ڪوئي حرج نه آهي.

هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته نفلي روزو ٽوڙڻ سان ڪوئي گناهه نه ٿيندو آهي مگر ٽوڙيل روزي جي قضا ڪرڻ لازم ۽ ضروري آهي جهڙيءَ طرح ايندڙ حديث شريف ۾ ان مسئلي کي صراحت سان بيان ڪيو ويو آهي.

(3)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ، قَالَتْ كُنْتُ أَنَا وَحَفْصَةُ، صَائِمَتَيْنِ فَعُرِضَ لَنَا طَعَامٌ اشْتَهَيْنَاهُ فَأَكَلْنَا مِنْهُ فَقَالَتۡ حَفۡصَۃُ یَارَسُوۡلَ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم ا،نَّا کُنَّا صَاءِمَتَیۡنِ فَعُرِضَ لَنَا طَعَامٌ اِشُتَھَیۡنَاہُ فَاَکَلۡنَا مِنّہُ قَالَ اِقۡضِیَا یَوۡمًا اٰخَرَ مَکَانَہٗ۔ 
(ترمذی شریف کتاب الصوم)

”حضرت عائشة صديقه ؓ  کان روايت آهي ته آءُ ۽ حضرت حفصة ؓ  ٻئي نفلي روزي سان هيون سي، اسان جي سامهون کاڌو پيش ڪيو ويو، جنهن کي کائڻ جي طرف اسان جي رغبت هئي ۽ اسان ان کي کاڌو سون پوءِ حضرت حفصة ؓ  پاڻ ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ اسان ٻئي روزي جي حالت ۾ هيون سي، اسان جي سامهون کاڌو آيو، جنهن کي کائڻ جي لاءِ اسان جي دل چاهيو ٿي، ته اسان ان مان ڪجهه کاڌو سون ( روزو ڀڃي ڇڏيوسون) پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته ان جي جڳهه تي ڪنهن ڏينهن قضا روزو رکجو.

هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته نفلي روزو ڀڃڻ جي صورت ۾ ان جي قضا جي طور تي روزو رکڻ واجب ۽ ضروري آهي ورنه اهو شخص گناهگار ٿيندو.

(4)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیّ ھُرَیۡرَۃَ رضہ قَالَ قَالَ رَسۡوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم اِذا دُعِیَ اَحَدُکُمۡ اِلیٰ طَعَامٍ وَھُوَ صَاءِمٌ فَلۡیَقُلۡ اِنِّیۡ صَاءِمٌ وَفِیۡ رِوَایَۃٍ قَالَ اِذَا دُعِیَ اَحَدُکُمۡ فَلۡیُجِبۡ فَاِنُ کَانَ صَاءِمٍا فَلۡیُصَلِّ وَاِنۡ کَانَ مُفۡطِرًا فَلۡیُطۡعِمۡ۔ 
(مسلم شریف کتاب الصوم باب ندب لصاءم اذا دعی الی طعام ولم یرد الافطار اوشوتم او قوتل الخ ج 1 ص 363۔ مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب الفصل الاول ج 1 ص 181)

”حضرت ابو هريرة ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جڏهن توهان مان ڪنهن کي کاڌي جي لاءِ سڏيو وڃي (يعني اوهان کي دعوت جي لاءِ سڏيو وڃي) ۽ اهو ماڻهون روزيدار هجي ته ان کي گهرجي ته هيئن چوي ته آءُ روزيدار آهيان، ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هي فرمايو ته اگر توهان مان ڪنهن کي دعوت ڪئي وڃي ته ان کي گهرجي ته اهو دعوت قبول ڪري ۽ اگر اهو روزيدار هجي ته اهو ٻه رڪعتون (نفل) نماز پڙهي ۽ اگر روزيدار نه هجي ته ان کي گهرجي ته کاڌي ۾ شريڪ ٿئي.

اگر روزيدار مهمان جي کاڌي نه کائڻ جي ڪري ميزبان تشويش ۽ پريشاني ۾ مبتلا ٿي وڃي يا کاڌو نه کائڻ جي ڪري دشمني ۽ نفرت جي پيدا ٿيڻ جو خوف هجي ته ان صورت ۾ نفل روزو ڀڃڻ ۽ ٽوڙڻ ضروري آهي.

۽ اگر مهمان هي ڄاڻي ته ميزبان کاڌي کائڻ جي ڪري خوش ته ٿيندو مگر کاڌي نه کائڻ جي صورت ۾ اهو ڪنهن تشويش ۽ پريشاني ۾ مبتلا نه ٿيندو ته ان صورت ۾ نفل روزو ڀڃڻ مستحب آهي.

۽ اگر ان جي نزديڪ ٻئي صورتون برابر هجن ته ان جي لاءِ افضل ۽ بهتر اهو ئي آهي ته اهو هي چوي ته آءُ روزي سان آهيان.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت