ڪلاس مئماليه (Mammalia)

ڪلاس مئماليه (Mammalia)
مئماليھ کي اھو نالو  انھن جي چمڙيءَ ۾ موجود کير پيدا ڪندڙ غدودن يا مئمري (Mammary) جي ڪري ڏنو ويو آھي. ھي گرم رت وارا  جانور آھن. ھنن جي چمڙيءَ تي وار ھوندا آھن. مادي مئمل ٻچن کي کير ڌارائيندي آھي. ھنن کي کير وارن غدودن کان علاوھ پگھر وارا غدود (Sweat glands)، روغني غدود (Sabaceous glands)  ۽ بوءِ جا غدود (Scent glands) ٿيندا آھن. ھنن جي وات ۾ ڏند موجود ھوندا آھن مئماليھ کي ٽن گروھن ۾ ورھايو وڃي ٿو.
(1)           آنا لاھيندڙ مئملس مثال طور اسپائني آنٽ ايٽر
(2)           ڳوٿريءَ وارا مئملس مثال طور ڪينگرو
(3)           اور وارا مئملس مثال ٻلي وغيرھ

آنا لاھيندڙ مئملس (Egg laying mammals)
ھي سادي قسم جا جانور آھن. ھي ريپٽائيلس وانگر  آنا لاھيندا آھن. تنھن ھوندي به انھن ۾ کير جا غدود موجود آھن. آني مان ٻچو ڦٽڻ بعد ٻچي کي کير ڌارائين ٿا. ھي ريپٽيليا ۽ کير ڌارائيندي جانورن جون گڏيل خاصيتون رکن ٿا تنھنڪري ٻنھي گروھن ۾ ڳانڍاپو رکن ٿا. ھن گروھ جو زندھ مثال اسپائني آنٽ ايٽر ۽ (Spiny ant eater) ۽ ڊڪ بلڊ پليٽي پس (Duck billed platy pus) آھن. اھي ٻئي آسٽريليا ۾ ملندا آھن.

ڳوٿري وارا مئملس (Pouched mammals)
ھي وقت کان اڳ (Premature) ٻچن کي جنم ڏيندا آھن. جنھن ڪري تازو ڄاول ٻچو ڪمزور ھوندو آھي. انھيءَ ٻچي کي مادي پنھنجي پيٽ سان لڳل ٿيلھي ۾ ان وقت تائين رکندي آھي. جيستائين اھو ھڪ مضبوط ۽ خود پلجندڙ نه ٿئي. پيٽ وار ي ٿيلھيءَ ۾ کير وارا غدود (Mammary glands) موجود ھوندا آھن جن مان ٻچو پيئندو رھندو آھي. ھن قسم جي جانورن جا عام مثال ڪينگرو، آپوسم ۽ ڪوئلا بيئر آھن.

اور وارا مئملس (Placental mammals)
انسان  ذات سميت ڪيترائي کير ڏيندڙ جانور ھن گروھ سان واسطو رکن ٿا. اور وارن جانورن ۾ٻچو سندن جسم جي اندرئي پنھنجي واڌ ويجھ مڪمل ڪندو آھي. جتي اھو اور ذريعي پلبو آھي. ڄم کان پوءِ ٻچو ماءُ جي کير تي پلجي ٿو جيڪو کير وارن غدودن ۾ ٺھي ٿو. ھن قسم جي گروھ  جاعام مثال انسان، ڀولڙو، ھاٿي، ڪوئو، ٻلي، شينھن، پاڻيءَ جي ٻلي  (seal)، انڌي ٻلھڻ (Dolphin) ۽ وھيل  (Whale)  وغيرھ آھن.


ڪلاس مئماليھ (Mammalia) جون خاصيتون
(1)           ھي ٻچن کي کير ڌارائين ٿا.
(2)           ھنن کي کير ، پگھر، روغن ۽ بوءِ جا  غدود آھن.
(3)           وات ۾ ڏند ٿين ٿا.
(4)           گرم رت وارا آھن.
(5)           چمڙيءَ تي وار ٿين ٿا.
(6)           اڪثر مماليھ ٻچا ڄڻيندا آھن.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت