ٿر ۾ وسڪارا ٿي وڃن ته ٿر ڪشمير ٿي پوندو



ڀٽائي سنڌ جي دائمي دردن جو شاعر آهي. سنڌ جا دائمي درد ڪنهن خاص صدي تائين محدود ناهن. دائمي جو آهن. انهن جو دائم ۽ قائم رهڻ سنڌ جي جاگرافي، تاريخ ۽ معاشي حالتن جي ڪري آهي. ان ڪري ڀٽائيءَ جي شاعري به دائمي آهي. ٿر، ڪاچي ۽ ڪوهستان ۾ جيڪو ڏڪار ايندو رهيو آهي، اهو به سنڌ جي تاريخ جو صديون پراڻو درد آهي. 


ٿر ۾ وسڪارا ٿي وڃن ته ٿر ڪشمير ٿي پوندو ۽ وري ٿر کان سارنگ رسي وڃي ته ٿر بر ٿي ويندو، واري ئي واري هوندي ۽ ان ۾ پوريل چوپائي مال جي هڏاون پڃرن کي تيز هوا ظاهر ڪندي ۽ ڍڪيندي رهندي. ڏڪار ۾ ٿر جي ڏهرن ۾ ميٽوڙي رنگ جي واري ئي نظر ايندي، جنهن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪنديءَ جو وڻ اڀو نظر ايندو ۽ بس. ۽ جڏهن وسڪارا ٿيندا ته ڀٽون ۽ ڏهر ساوا ٿي ويندا ۽ هيٺان کان وليون ڪنڊيءَ جي وڻ کي مٿي تائين ائين وڪوڙي وينديون جو وڻ نظر ئي نه ايندو. گسن تي گاهه ڦٽي پوندا ۽ چارو ڳولڻ ڏکيو ٿي پوندو.

موسمن جي تبديلي ته فطرت جي کاتي ۾ هلي وڃي ٿي، پر ماڻهوءَ جي غلط ڪارين سبب جڏهن پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي ۽ ڏڪار منهن ڪڍي ٿو، تڏهن ڀٽائي جو بيت دل تي تري اچي ٿو ته:

پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.

سنڌ ان خطي جو نالو آهي جيڪو ننڍي کنڊ جي وڏي ۾ وڏي درياءَ جي ٻن ڪنارن تي واقع آهي، پوءِ به پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ته پوءِ اها مُور کپائي ٿيندي، بيوقوفي ٿيندي، پاڻي سان بيجا هٿ چراند ڪرڻ جي ڏوهه جي سزا هوندي.

اهڙي هٿ چراند ڪنهن ڪئي؟ سنڌ يا پنجاب؟ ڏوهه ڪنهن تي وڃي بيهندو؟ 1938ع، 1940ع، 1946ع يا 1947ع تي.

بهرحال جنهن تي به بيٺو سو ان ڪري مورک آهي جو سندس جهوپڙو پاڻي ڀر آهي پر پاڻ پاڻي بوءِ ڪندي اڃ ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري رهي آهي.





Back to Index 



Sindh
Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت