آواز - راجه عمران ابڙو
هوءَ ڪچن مان ٻاهر آئي ته هن ڏٺو ڊرائنگ روم ۾ هڪ نقاب پوش شخص سندس پوڙهي ماءُ تي هٿيار تاڻي بيٺو هو. هوءَ گهٻرائجي هڪدم پنهنجي جاءِ تي بيهي رهي، پوڙهي تمام گهڻو گهٻرايل هئي، سندس اکيون خوف ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيون هيون. ”تون ڪير آهين ۽ ڇاٿو چاهين؟“ لارا ان هٿياربند کان پڇيو. ”خبردار جو ڪو آواز ڪيو اٿئي، نه ته پهرين هن پوڙهي جي کوپڙي اڏائي پوءِ توکي ختم ڪري ڇڏيندس.“ هن شخص کيس ڌمڪي ڏيندين چيو. ”تون هي ڇا چئي رهيو آهين، تون سمجهين ڇاٿو پاڻ کي، تون ائين نه ٿو ڪري سگهين.“ ”مون چيو نه تون ڪجهه نه چئه ۽ جيڪو مان چوانءِ ٿو اهو ڪر.“ تون ائين نه ٿو ڪري سگهين.“ ”مون چيو نه تون ڪجهه نه چئه ۽ جيڪو مان چوانءِ ٿو اهو ڪر.“ ”پر تون چاهين ڇا ٿو!؟“ هن گهٻرائجي هن کان پڇيو. ”پنهنجا هٿ مٿي ڪري، ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهه.“ هن کيس حڪم ڏنو. ”پر تون ائين ڇو ٿو ڪرين، مون کان اهو سڀ ڇو ٿو ڪرائين؟“ هن جي ڳالهه ٻڌي، ان شخص محسوس ڪيو ته هي عورت خاموش رهڻ واري نه آهي، هن کي سبق سيکارڻو پوندو. هن هٿيار جو چيمبر چاڙهيو ته هوءَ واقعي ڊڄي ويئي