ابو علي سينا
مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون
سنڌيڪار: جوھر بروھي
ابو علي سينا
بخارا جو بادشاھ
نوح بن منصور بيماري جي بستري تي ھو. وڏن وڏن طبيبن ان جي زندگي جي باري ۾ مايوسي
جو اظھار ڪيو ھو. ان وقت سترھن سالن جي ڄمار جي نوجوان جي علاج سان بادشاھھ صحتياب
ٿيو. اھو نوجوان ابو علي حسين بن عبدالله بن سينا ھو. بادشاھ کيس چيو ته جيڪي ڪجھ
گھرين سو ڏيان ٿو. ھن چيو ته ٻيو ڪجھ نه کپي فقط شاھي ڪتب خاني منجھان مطالع ڪرڻ
جي مون کي عام موڪل ڏني وڃي. کيس اھا اجازت ڏني وئي ابن سينا بخارا جي ويجھو 980ع
۾ ڄائو ۽ 1037ع ڪک جي سور وگھي وفات ڪئي. جنھن جي علاج بابت پاڻ وڏو ماھر ھو.
پڇاڙي واري ڏينھن کيس احساس ٿيو ته ھن جو آخري وقت پھچي چڪو اھي ته ھن غسل ڪيو توبه
استغفار ڪئي. قران مجيد جي تلاوت ڪندو رھيو. جو سندس روح پرواز ڪري ويو.
ابن سينا ننڍپڻ
کان پنھنجي غير معمولي ذھانت جو مظاھرو ڪيو ۽ ڏھن سالن جي عمر ۾ قران، حديث ۽ ٻين
ديني علمن ۾ تڪميل حاصل ڪئي. کيس عام مطالعي جو وڏو شوق ھو. باضابطھ طبي تعليم
حاصل ڪرڻ سان گڏ ڏھن سالن جي عمر منجھھ عربي ۽ يوناني ڪتابن جي مطالعي جي عادت
پئي. سترھن سالن جي عمر ۾ مطالعي لاءِ ھن کي شاھي ڪتبخانو ملي ويو. ان وقت جو
مشھور فلسفي ڄاڻو ابو عبدالله نائيلي بخارا آيو ھو ته ابن سينا جي والد عبدالله بن
سينا وٽ مھمان ٿي ترسيو. عبدالله پاڻ بخارا جو گورنر ھو. ابن سينا نائيلي وٽان
منطق، جاميٽري ۽ علم ھيئت جي تعليم پرائي طبعيات ۽ مابعد الطبعيات جو علم ھن ذاتي
مطالعي سان حاصل ڪيو.
ابن سينا 21 سالن
جي عمر کان تصنيف ۽ تاليف جو سلسلو شروع ڪيو ۽ ستونجاھھ سالن جي عمر تائين يعني 36
سالن منجھ ھن ڪل 238 ڪتاب لکيا. چيو ٿو وڃي ته ھو روزانه تقريباً پنجاھ صفحا لکندو
ھو. سندس تصنيفون علم ۽ فن جي وسيع دائري ۾ پکڙيل آھن. پر ھن جي شھرت جو اصل سبب
علم طب منجھ ھن جي مھارت آھي. طبيب جي حيثيت ۾ ھن جي شھرت ايڏي ھئي جو وقت جا وڏا
طبيب منجھيل طبي مسئلن بابت کانئس مشوري لاءِ پري پري کان ايندا ھئا ابن سينا جي
لافاني تصنيف (القانون في الطب) پنجن جلدن تي آھي. ان ۾ 725 مرڪبن کان سواءِ انسان
جي مٿي کان پير تائين سڀن بيمارين جو سمورو تفصيل ۽ انھن مرضن جي شخيص ۽ علاج لکيل
آھي ۽ وبائي مرضن جو علاج يا انھن کان بچاءَ جا طريقا به لکيل آھن. يورپي عالمن جو
چوڻ آھي ته دنيا ۾ ڪنھن به طبي ڪتاب جو ايترو مطالعو ڪونه ڪيو ويو آھي. جيترو ھن
ڪتاب جو مطالعو ٿيو آھي.
ابن سينا ھڪ عظيم
فلسفي به ھو، ھن فلسفي جو عقل جي بنياد تي وزن ڪيو. جنھن تي امام غزالي سخت تنقيد
ڪئي آھي. ھن روح کي لافاني ھجڻ واري نظرئي کي ڪافي وضاحت سان بيان ڪيو آھي. ھو
ڌرتي جي گولي جي ٻاھرين ماحول جي حقيقت کي مڃيندو ھو ۽ وقت ۽ حرڪت جي وچ ۾ ربط کي
مڃيندو ھو سندس چوڻ ھو ته وقت جو تصور فقط حرڪت (چُر پُر) سان ٿي سگھي ٿو. جتي
حرڪت (چُرپُر) ناھي اتي وقت به ڪونھي. مشھور مستشرق بري فالٽ جي چوڻيءَ ابن سينا
ھوا جي ٿرماميٽر جو استعمل ڪيو. زمين جي ماحول جي تبديلي، جبلن جي ٺھڻ ۽ زلزلي
بابت سائنسي سبب ٻڌايا. مغربي زبانن ۾ سندس ڪافي ڪتابن جا ترجما ڪيا ويا.
Comments
Post a Comment