ھاضمي جي خرابيءَ واريون بيماريون

ھاضمي جي خرابيءَ واريون بيماريون
ھاضمي ۾ خرابيءَ سبب پنج بيماريون ٿي سگھن ٿيون جن جو ذڪر ھن ريت آھي.
(1)           الٽي (Vomiting)
(2)           دست (Diarrhea)
(3)           قبضي (Constipation)
(4)           اپينڊيسائيٽس (Appendicitis)
(5)           آنڊي ۾ خارش (Enterobiasis)

(1)           الٽي (Vomiting)
نقصانڪار يا زھريلن مادن وارو کاڌو يا گدلو کاڌو کائڻ جي ڪري معدي ۾ موجود سمورو کاڌو پاڻياٺ سميت وات وسيلي ٻاھر نڪري ٿو جنھن کي الٽي (Vomiting)  چئبو آھي. اھا گھڻي کاڌي کائڻ سبب به ٿي سگھي ٿي. الٽيءَ مان اھو فائدو به ٿي سگھي ٿو ته نقصانڪار مادا جسم ۾ وڃڻ بجاءِ ٻاھر نڪري وڃن ٿا. الٽي اچڻ کان ڪجھ وقت اڳ معدي ۾ دل جي ڪچي ٿيڻ (Nausea) جھڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ کاڌو الٽي ٿيو پوي. الٽيءَ جا ٻيا سبب معدي جي تيزابيت، نفسياتي يا جذباتي صورتحال، بدبوءِ  اچڻ، دل جو ڪچو ٿيڻ، حمل ھجڻ به ٿي سگھن ٿا.

(2)           دست (Diarrhea)
ھن بيماريءَ م ڪاڪوس پاڻيءَ نما ٿئي ٿو ۽ بار بار اچي ٿو.  لڳاتار دستن سبب جسم مان پاڻي ۽ لوڻياٺ جو وڌيڪ ضايع ٿيڻ زندگيءَ لاءِ خطرناڪ آھي. تنھنڪر يدستن جي صورت ۾ پاڻيءَ ۽ لوڻياٺ جو استعمال ڪجي جيئن جسم ۾ گھربل مقدار ملي سگھي. ٻارن کي ORS بار بار ڏجي. ھڪدم ڊاڪٽر وٽ وڃي علاج ڪرائجي دست ٿيڻ جا سبب آنڊي ۾ زخم يا کاڌي جي زھريلائپ آھن.

(3)           قبضي (Constipation)
ھي بيماري دستن جي ابتڙ آھي ھن ۾ ڪاڪوس يا ته تڪليف سان اچي ٿو يا وري صفا ڪونه  ٿو اچي. وڏي آنڊي ۾ خرابيءَ سبب بيڪار مادن مان پاڻياٺ گھڻو جذب ٿي وڃي ٿي ۽ ڪاڪوس سخت ۽ خشڪ ٿي پوي ٿو جنھن ڪري تڪليف سان نيڪال ٿئي ٿو، ڀاڄين جو استعمال ۽ پاڻيءَ جوگھڻو استعمال فائدو ڏين ٿا.

(4)           اپينڊيسائيٽس (Appendicitis)
ھيءَ تڪليف ڏيندڙ  بيماري آھي جيڪا وڏي آنڊي جي ھيٺين حصي ۾ اپينڊڪس (Appendix) ۾ زخم ٿيڻ سبب الٽي ۽ پيٽ جي شديد سور جي شڪل ۾ ظاھر ٿئي ٿي . ھن تڪليف جي نتيجي ۾ اپينڊڪس پيٽ ۾ ڦاٽي زندگيءَ لاءِ خطرو پيدا ڪري ٿو جنھن جو سبب ڪاڪوس يا پيٽ جا ڪينئان ٿي سگھن ٿا اپينڊڪس جي ڪري پيٽ جي ھيٺين ۽ ساڄي پاسي سور پوي ٿو اھڙي صورتحال ۾ يڪدم ڪنھن قابل ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.

(5)           آنڊي ۾ خارش (Enterobiasis)
ھيءَ بيماري ڌاڳي جھڙن ڪينئن سبب ٿيندي آھي جيڪي وڏي آنڊي ۾ پيدا ٿيندا آھن. رات جي وقت انھن ڪينئن جون ماديون وڏي آنڊي جي ھيٺين حصي ۾ آنا لاھين ٿيون. اھڙي طرح آنڊي جي آخري حصي (Pre anal region) ۾ خارش ٿئي ٿي. اتي کنھڻ سان انتهائي ننڍڙا آنا آڱرين جي ننھن (Nails) سان چنبڙي پون ٿا ۽ کاڌي يا پاڻي وسيلي ٻين ۾ داخل ٿي سگھن ٿا. ھن مرض کان بچڻ لاءِ  صحت ۽ صفائيءَ جو خاص خيال رکجي ۽ مرض ھجي ته علاج ضرور ڪرائجي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت