غزل - ساجد چانڊيو



قلندر تنهنجي نگريءَ ۾ سڄو سنسار مي رقصم،
اسان جي پرت مي رقصم، اسان جو پيار مي رقصم.

منهنجي رڳ رڳ ۽ منهنجو روح سؤ بار مي رقصم،
منهنجي دل پاڻ مي رقصم ۽ ڌڙڪڻ ڌارمي رقصم.

اکين ۾ آرزو ۽ التجا اظهار مي رقصم،
ڌما ڌم ديد مي رقصم ۽ دم ديدار مي رقصم.

اڃارا ۽ بکارا سڀ يقينن ڍاپجي ويندا،
قلندر مست کي آهي، ڪٿي انڪار مي رقصم.

اکين کي چين ملندو آ، دکي دل جهومندي آهي،
دلاسا ڏيندو آهي حيدري حبدار مي رقصم.

متان مايوس ٿي پئي ڪو، متان ڪو دل ڪري ننڍڙي،
بلاشڪ آ قلندر جو، بلند معيار مي رقصم.

اسان جي سنڌ جو آهي مٿيرو مان او “ساجد،
رهيو آ هت سدائين پيار جو وهنوار مي رقصم.

ساجد چانڊيو

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت