شاهه جون آيتون - مولوي محمد ابراهيم”انيس“ مهيري


 


شاهه جون آيتون
مولوي محمد ابراهيم ”انيس“ مهيري

سنڌ جو زنده جاويد مفڪر شاعر، شاعرن جو سرتاج سيد عبداللطيف شاهه رحمته الله عليه، جنهن کي هن دنيا مان رحلت ڪندي ٻن سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. سو اڄ به هر خاص و عام، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي زبان ۽ ذهن تي حاوي آهي.
جهڙيءَ طرح حياتيءَ ۾ شاهه صاحب وٽ مريدن، معتقدن ۽ محبن جو ميلو لڳو پيو هوندو هو، ساڳيءَ طرح هاڻي به سندس مزار تي ”حواليه من ڪل فجّ عميق“ جا هر روز، ماه بماه ۽ سال بسال ميلا لڳا پيا آهن. معلوم ٿو ٿئي ته جيستائين هي دنياوي گنذ قائم آهي، تيستائين سندس نالو ساهه وارن جي ڪنن ۾ وڄندو رهندو. حقيقت هي آهي ته جيڪي انسان الله جي عشق و محبت ۾ مري ويا آهن ۽ پنهنجو نفس ماري پوءِ مري ويا آهن، سي سدا حيات ۽ زنده آهن.
ھر گز نمیرد آنکھ دلش زندھ شد بعشق،
ثبت است بر جریدۂ عالم دوام ما۔
شاهه صاحب عام شاعرن وارنگر محض فنڪار نه هو، بلڪه باعمل متشرع، مُصِلح، باهمي اتحاد واتفاق جو حامي هو.
پوءِ يا للعجب! نهايت ارمان سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي همعصر اهل قلم حضرات کي ڇا ٿي ويو آهي، جو نوآموز شعراءَ طفلان مڪتب کي مٿي کڻي، شاهه صاحب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جي بيسود ۽ بيهوده جدوجهد ڪري رهيا آهن.
ھر گز نمیرد آنکہ دلش زندہ شد بعشق،
چہ نسبت خاک را با عالم پاک
ڇا انهن کي بروز محشر خداوند ادب آڏو بيهڻو نه آهي؟ جي ها، ته پوءِ هو انهن اڳيان فرط ــ ندامت سبب پنهنجو منهن مٿي ڪيئن ڪري سگهندا. جي نه ته انهن تي ڪا به ميار نه آهي.
شاهه صاحب رحه روحانيت جي معراج تي پهتل هو. زندگيءَ جي هر هڪ تحرڪ، ڏک ۽ سُک، وصال ۽ فراق، محبت ۽ الفت کان بخوبيءَ واقف هو. مطلب ته شاهه صاحب رحه جي شخصيت ۽ شعر و شاعري، ڪنهن به وضاحت ۽ تعريف جي قابل احتياج نه آهي.
اڪثر شعراءَ پنهنجي ڪلام جي خود ثنا ڪندا آهن، جن مان خاص ڪري حضرت مولانا رومي رحه پنهنجي پارسي زبان ۾ مثنويءَ کي قرآن ڪوٺيو آهي. مولانا رومي جي اها دعويٰ ڪيتري قدر صحيح يا غير صحيح آهي، تنهن تي بحث ڪرڻ جي هينئر ضرورت نه آهي.
اهڙيءَ طرح شاهه صاحب رحه به پنهنجي بيتن کي آيتون سڏيو آهي:
تو جي بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سني پار ڏي. اڄوڪي مجلس ۾ ناظرين ۽ قارئين ڪرام کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته شاهه صاحب رحه جي اها دعويٰ ڪيتري قدر صداقت تي مبني آهي.
هتي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته قرآن مجيد ڪلام الاهي آهي، جيڪو وحي جي معرفت خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن تي نازل ٿيو، جنهن کي اڄ تائين چوڏهن سؤ سال گذري چڪا آهن مگر ڪنهن به انسان اهڙو فصيح ۽ بليغ جامع مانع ڪلام نه جوڙيو آهي ۽ نه ٺاهي سگهندو. عرب جا فصيح ۽ بليغ شاعر اديب اهڙو ڪلام پيش ڪين ڪري سگهيا. آخرڪار مجبوراً کين اقرار ڪرڻو پيو، ته هيءُ ڪلام ڪنهن مافوق الانساني طاقت جو آهي. قرآن مجيد جو اهو هڪ عظيم معجزو آهي.
شاهه صاحب رحه اها دعويٰ ڪين ڪئي آهي ته رسالو ڪلام الله آهي يا سنڌي زبان ۾ قرآن آهي. ليڪن شاهه صاحب فرمائي ٿو ته ”منهنجا بيت آيتون آهين.
”آيت“ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”نشاني“ آهي، جنهن سان منزل مقصود تي پهچي سگهجي.
البت بنا ڪنهن طويل تحريف ۾ تاويل جي، شاهه جي ابيات کي جاچيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ سهڻي طرز تي قرآن مجيد جي ترجمي جو حق ادا ڪيو ويو آهي.
اهو شاهه صاحب جو ئي ڪمال آهي. شاهه رحه جي رسالي جي سمورن بيتن تي تحقيقي نظر اُڇلائبي، قرآن مجيد جي آيتن جي سياق، سباق ۽ شان نزول سان بيتن کي ڀيٽبو، ته سڄو رسالو قرآن مجيد جي شريح يا تفسير ۽ ترجمو نظر ايندو.
بهر ڪيف آئون قرآن مجيد جون آيتون ۽ انهن جو تحت لفظي ترجمو ۽ انهيءَ ترجمي سان مناسب شاهه رحه جا بيت پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو:

هُوَ اللَّهُ الموافق

قرآن مجيد
:
الْحَمْدُ للّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ ﴿٢﴾ الرَّحْمانِ الرَّحِيمِ ﴿٣﴾ مَلِكِ يَوْمِ الدِّينِ ﴿٤﴾
ترجمو
:
حمد ۽ تعريف جي لائق هڪ الله آهي. جو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. قيامت جي ڏينهن جي مالڪ آهي.
شاهه رحه
:
اول الله عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهِ قديم،
والي، واحد، وحده، رازق، رب، رحيم،
سو ساراه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.
قرآن مجيد
:
إِيَّاكَ نَعْبُدُ وإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ ﴿٥﴾
ترجمو
:
خاص تنهنجي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
شاهه رحه
:
تو در آيس راڄيا! ٻيا در ڏيئي ٻن،
ڪهان جا ڪماچ سان، سا سڻ سٻاجها ڪن،
جا مڱ منهنجي منِ، سا توکي معلوم سڀ ڪا.

ٻيا در ڏيئي ٻين کي، آيس تنهنجي در،
سونهارا سورٺ ور! ڪا منهنجي ڪَر،
ڀلا ڀيري ڀر، پائي پاند پينار جو.

ڇا کي وڃيو ڇو، ٻيلي بيهين ٻين جو،
وٺ ڪنجڪ ڪريم جِي، جڳ جو والِي جو.
سهکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سان.
قرآن مجيد
:
اهدِنَا الصِّرَاطَ المُستَقِيمَ ﴿٦﴾
ترجمو
:
اسان کي سڌيءَ واٽ تي هلاءِ.
شاهه رحه
:
زمر، زخرف سومرا! حمد جنهين جو هنڌ،
اهدِنَا الصِّرَاطَ المُستَقِيمَ ، اي پنهواران پنڌ،
باري لاهين بند، ته مِلان ماروءَ ڄام کي.
قرآن مجيد
:
صِرَاطَ الَّذِينَ أَنعَمتَ عَلَيهِمْ
ترجمو
:
انهن جي واٽ جن تي تو نعمت ڪئي آهي.
شاهه رحه
:
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي ”عبداللطيف“ چئي، مِٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچيو اُن جي.

ٻانهپ جو ٻيڙين ۾، وکر وڌائون،
موتي معرفت جا، سچا سوڍيائون،
التائب من الذنب ڪمن لا ذنب ل اي کٽيائون،
انهيءَ جي آئون، برڪت پار لنگهائيان.
قرآن مجيد
:
غَيرِ المَغضُوبِ عَلَيهِمْ وَلاَ الضَّآلِّينَ ﴿٧﴾ (الفاتح)
ترجمو
:
انهن جي واٽ تي نه هلاءِ ، جن تي تنهنجو ڏمر ٿي چڪو آهي يا جيڪي گمراه ٿي ويا آهن.
شاهه رحه
:
خر کاريندو سي، ماٺو جنين پريتڻون.
جوش جلايا جي، ماري تن مات ڪيو.

جي خبر ٿي خرن کي، ته مون کي ڪندا ڪوه،
صورت سپرين جي، ڏٺي ڪونهي ڏوهه،
لوريءَ لڳم لوهه، جنين رت رئاڙئو.
قرآن مجيد
:
وَلاَ تُخْزِنَا يَوْمَ الْقِيَامَةِ إِنَّكَ لاَ تُخْلِفُ الْمِيعَادَ ﴿١٩٤ اآلعمران﴾
ترجمو
:
۽ قيامت ڏينهن اسان کي خوار نه ڪج، بيشڪ تون وعده خلافي نه ڪندو آهين.
شاهه رحه
:
سُترُ ڪج ستار، متان عيب اُپٽئين،
ڍڪج ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناه جو.

سَترُ ڪج ستار، آئون اگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناه جو.
قرآن مجيد
:
كِرَامًا كَاتِبِينَ ﴿١١﴾ يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ ﴿١٢﴾
ترجمو
:
جيڪي توهان ڪريو ٿا، ڪراماً ڪاتبين اهو ڄاڻن ٿا.
شاهه رحه
:
ڪاتب جو لکن، سو متان ويڻ وسارئين،
جهڙي تهڙي ڳالهه کي، جوڙيو جمع ڪن،
حرف جي حساب جا، چيٺيو چِت رکن،
ڪاراما ڪاتبين يعلمون ما تفعلون، نالو نورانين،
تون پاڙوسي تن، جنهين وين نه وسري.
قرآن مجيد
:
اللَّهُ الَّذِى رَفَعَ السَّمَاوَاتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ (الرعد)
ترجمو
:
الله اهو آهي جنهن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي مٿاهون ڪيو آهي.
شاهه رحه
:
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
ري ٿنڀين، ري ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانء،
ڪڄاڙو ڪهانءِ، تو کي معلوم سڀ ڪا.
قرآن مجيد
:
أَوَلَمْ يَسِيرُوا فِى الْأَرْضِ فَيَنظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ كَانُوا أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَأَثَارُوا الْأَرْضَ وَعَمَرُوهَا أَكْثَرَ مِمَّا عَمَرُوهَا
ترجمو
:
ڇا زمين تي گهمي نٿا ڏسن ته کانئن اڳين جي عاقبت ڪهڙي ٿي، حالانڪه اهي کانئن طاقت ۾ وڌيڪ هئا ۽ زمين کيڙيائون ۽ آبادي ڪيائون. ايتري جو هنن کان به اوتري آبادي نه ٿي.
شاهه رحه
:
ڪيڏانهن ويا سنگهار، جي هئا هن ڀيڻبين،
ڏور تي ڏوريون يار، ٻيلي ٻنهين ڪنڌئين.

ڏاڪا ڏڱر ڏاڱ، پيا آهن پٽ ۾،
سي کيڏيندڙ کپي ويا، هئي جن جي هاڪ،
چلي ويا چالاڪ، جيڪي هئا رانديگر راند جا.

اڏي اڏي اوڏ، ويا ڇڏي ڀيڻيون،
ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پٽ ۾.
قرآن مجيد
:
مَّن كَانَ يُرِيدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّلْنَا لَهُ فِيهَا مَا نَشَاء لِمَن نُّرِيدُ ثُمَّ جَعَلْنَا لَهُ جَهَنَّمَ (بني اسرائيل)
ترجمو
:
جيڪو دنيا ٿو گهر، ان کي جيترو گهرن ٿا جلد ڏيئي ٿا ڇڏيون، وري ان لاءِ دوزخ مقرر ٿا ڪريون.
شاهه رحه
:
طمح جي تنوار، متان ڪرئين مڱڻان،
ڌڪي ڪندءِ ڌار، ڏيئي ماڻڪ مُٺ ۾.
قرآن مجيد
:
وَإِذَا سَمِعُواْ مَا أُنزِلَ إِلَى الرَّسُولِ تَرَى أَعْيُنَهُمْ تَفِيضُ مِنَ الدَّمْعِ مِمَّا عَرَفُواْ مِنَ الْحَقِّ
ترجمو
:
۽ جڏهن ٻڌن، جيڪي رسول ڏانهن نازل ڪيو ويو آهي، ته تون انهن جي اکين کي ڏسندين ته ڳوڙها ڳاڙي رهيون آهن. هن ڪري جو انهن حق کي سڃاتو.
شاهه رحه
:
کتيون ڪين کِسَنِ، ڪنهن جهنهن آڱم اڀيون،
ڀنيون پنبڻين وچ ۾، کوري جيئن کامن،
لاٽون ڪيو وسن، لالن لاءِ “لطيف” چئي.
قرآن مجيد
:
فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ فَزَادَهُمُ اللَّهُ مَرَضاً وَلَهُم عَذَابٌ أَلِيمٌ بِمَا كَانُواْ يَكْذِبُونَ ﴿١٠﴾
ترجمو
:
انهن جي قلبن ۾ مرض آهي. پوءِ الله انهن جي مرضن کي وڌائي ڇڏيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. هن لاءِ جو انهن ڪوڙ ڪيو.
شاهه رحه
:
منهن ته آهريان ئي اجرو، قلب ۾ ڪارو،
ٻهران زيب زبان سين، دل ۾ هچارو،
ان پر ويچارو، ويجهو ناهه وصال کي.
قرآن مجيد
:
وَعَسَى أَن تَكْرَهُواْ شَيْئًا وَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ وَعَسَى أَن تُحِبُّواْ شَيْئًا وَهُوَ شَرٌّ لَّكُمْ
ترجمو
:
شايد اوهان کي هڪ شيءِ بري لڳي حالانڪه اها اوهان لاءِ چڱي هجي ۽ ڪا شيءِ اوهان کي چڱي لڳي ۽ توهان جي حق ۾ بُري هجي.
شاهه رحه
:
سڄڻ سڄڻيون ڪن، لوڪان ليکي ونگيون.
سندي سپرين پر، پروڙڻ ڏاکڙو.

پريان سندي پار جي، مڙيئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
قرآن مجيد
:
فَيَغْفِرُ لِمَن يَشَآءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشَآءُ (آلعمران)
ترجمو
:
پوءِ جنهن کي گهري بخش ڪري ۽ جنهن کي گهري عذاب ڏي.
شاهه رحه
:
بر وڏو بار گهڻو، ويجهو نه وڻڪار،
ليڙن جو، لطيف چئي، کنيو منڌ مدار،
وڻندن ته وڙ ڪندا، نه ته اڳين جي اختيار،
ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪيڏانهن کڻي هٿڙا.
قرآن مجيد
:
رَبَّنَا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوبَنَا وَكَفِّرْ عَنَّا سَيِّئَاتِنَا (آل عمران)
ترجمو
:
بيشڪ اڄ ڏينهن مون انهن کي سندن صبر جي جزا ڏني. تحقيق اهي ڪامياب آهن.
شاهه رحه
:
کم کمندن کٽيو، هارايو هوڙهن،
چکيو نه چوندن، هو جا ساءُ صبر جو.
قرآن مجيد
:
يَا أَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوا رَبَّكُمْ وَاخْشَوْا يَوْمًا لَّا يَجْزِى وَالِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلَا مَوْلُودٌ هُوَ جَازٍ عَن وَالِدِهِ شَيْئًا
ترجمو
:
اي انسانو! اوهان پنهنجي رب کان ڊڄو ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه جزا ڏيندو پيءُ پنهنجي پٽ کي ۽ نه اولاد پيءُ کي ڪنهن شيءِ جي جزا ڏيئي سگهندو.
شاهه رحه
:
نه ڪو ڪيچ ڀنڀور، نه ڪو مائٽ منڌ جو،
هور مڙيئي هن کي، هوتن ڪونهي هور،
زاريءَ ڌاران زور، هلي ڪونه حبيب سين.
قرآن مجيد
:
وَالْوَزْنُ يَوْمَئِذٍ الْحَقُّ فَمَن ثَقُلَتْ مَوَازِينُهُ فَأُوْلَئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ ﴿٨﴾
ترجمو
:
ان ڏينهن تور الله جي هٿ ۾ هوندي. پوءِ جنهن جا عملنامي وارا پُڙ ڳرا ٿيندا، پوءِ اُهي ڇوٽڪاري وارا هوندا.
شاهه رحه
:
ڪَمي سي آئيون، ڪري تند تنوار،
اتل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرين پار،
ڪاپائتي قرار، منجهان پوڻي اَڻيو.
قرآن مجيد
:
قُل لَّن يُصِيبَنَا إِلاَّ مَا كَتَبَ اللَّهُ لَنَا هُوَ مَوْلاَنَا (توبه)
ترجمو
:
چئو ته هرگز نٿي پهچي اسان کي مگر اهو جيڪي الله لکيو آهي، جو اسان جو مولا آهي.
شاهه رحه
:
روڻي ولاڙون ڪرين، توڻي هلين وک،
لکئي منجهان لِک، ذرو ضايع نه ٿئي.

لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙي نه وهي،
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالڻ لکيو لوح ۾.

جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
تِتي تيتريون، گهڙيون گهارڻ آئيون.
قرآن مجيد
:
وَمِنَ النَّاسِ مَن يَقُولُ ءَامَنَّا بِاللَّهِ وَبِالْيَوْمِ الآخِرِ وَمَا هُم بِمُؤْمِنِينَ ﴿٨﴾ يُخَادِعُونَ اللَّهَ وَالَّذِينَ ءَامَنُواْ وَمَا يَخْدَعُونَ إِلاَّ أَنفُسَهُم وَمَا يَشْعُرُونَ ﴿٩﴾
ترجمو
:
ڪي اهڙا به ماڻهو آهن، جي چون ٿا ته اسان الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو. حالانڪه اهي مومن نه آهن. هو ائين ٿا سمجهن ته اسان الله ۽ انهيءَ تي ايمان آڻڻ وارن سان ٺڳي ٿا ڪريون، ليڪن هو نٿا ڄاڻن ته پاڻهين پاڻ سان ڌوڪو ڪري رهيا آهن.
شاهه رحه
:
اِن پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائبين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر ۾ آذر آهيين.

منهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس،
اهڙو خام خبيث، ڪڍو ڪوهه نه ڇڏئين.
قرآن مجيد
:
وَإِن يَمْسَسْكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلاَ كَاشِفَ لَهُ إِلاَّ هُوَ وَإِن يَمْسَسْكَ بِخَيْرٍ فَهُوَ عَلَى كُلِّ شَىْءٍ قَدُيرٌ ﴿١٧﴾
ترجمو
:
جيڪڏهن الله تعاليٰ توکي ڪنهن تڪليف ۾ ڦاسائي، ته ان کان سواءِ ڪوبه ڇڏائڻ وارو ڪونهي ۽ جيڪڏهن تنهنجي لاءِ چڱائي ڌُڻي ته پوءِ هو سڀ ڪنهن شيءِ تي قادر آهي.
شاهه رحه
:
ٻوڙين چاڙهين مون ڌڻي، ٻئي جي دعويٰ رسي نه دم،
هن منهنجي حال جو، ميهر تي مَعلَم،
رک ٻيلي جو ڀرم، جو اوتڙ پيو اجهور ۾.
قرآن مجيد
:
وَقُومُواْ لِلَّهِ قَانِتِينَ
ترجمو
:
الله جي اڳيان ادب ۽ عاجزي سان بيهو.
شاهه رحه
:
ڄر ڄيراٽين جندڙا، صورت ساڙين سيءَ،
اڀين گهڻي ادب سين، عادت سندن ايءَ،
جوڳين پنهنجي جيءَ، الله ڪارڻ لٽائيا.
قرآن مجيد
:
إِنَّ اللَّهَ لاَ يُحِبُّ مَن كَانَ مُخْتَالاً فَخُورًا (النساءِ)
ترجمو
:
تحقيق، الله، هٺيلي ۽ فخر ڪندر کي پسند نه ٿو ڪري.
شاهه رحه
:
هل هنئين سان هوت ڏي، سسي کڻ مَ ساڻ،
جنهين ڀانيو پاڻ، سي اَرياڻيان اوري رهيون.
قرآن مجيد
:
إِلَى الله مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا
ترجمو
:
سڀن کي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي.
شاهه رحه
:
اڳرارين نه آنرا، ٻڌا چرن نه ٻور،
ليڙن کي، ”لطيف“ چئي موٽڻ جو مذڪور،
مبين کي مامور، اڻ تڻ انهيءَ پنڌ جي.
قرآن مجيد
:
لَن تَنَالُواْ الْبِرَّ حَتَّى تُنفِقُواْ مِمَّا تُحِبُّونَ
ترجمو
:
توهان، هرگز نيڪيءَ کي نه ٿا پهچي سگهو، جيستائين پنهنجي پسنديده شين کي خرچ نه ڪندا.
شاهه رحه
:
حيئون حال پرائيو آديسين احوال،
نانهن ڪيائون نفس کي، ڪري جان زوال،
لَن تَنَالُواْ الْبِرَّ حَتَّى تُنفِقُواْ مِمَّا تُحِبُّونَ، پاڻ ڪيائون پامال،
نانگا ٿيا نهال، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
قرآن مجيد
:
إِنَّ الَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُم بِالْغَيْبِ
ترجمو
:
تحقيق اهي ماڻهو، جيڪي الله کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا.
شاهه رحه
:
خيئون شيت خوف ۾، ڪيئون ڪيني کي قتلام،
ڊڄن ڊاء الله جي، ڪنهن ڪونه ڪلام،
إِنَّ الَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُم بِالْغَيْبِ اي پروڙج پيغام،
خطرو لاهي خام، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
قرآن مجيد
:
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ
ترجمو
:
مون، جنن ۽ انسانن کي رڳو منهنجي عبادت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي.
شاهه رحه
:
زيئون زاهد زهد سين، پختا ٿيا پچي،
ڪڍي ڇڏيائون ڪڙهه مان، ڪوجهي ڳالهه ڪَچي،
ابٺا عبادت ۾، مانجهي مست مچي،
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنسَ ، سڻهو سڌ سچي،
اُڪند سان اچي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
قرآن مجيد
:
وَلاَ تَقُولُواْ ثَلاَثَةٌ انتَهُواْ خَيْرًا لَّكُمْ
ترجمو
:
نه چئو ته ٽي آهن، ان ڳالهه کان پاڻ کي روڪيو، ان ۾ اوهان لاءِ چڱائي آهي.
شاهه رحه
:
سچ وسندي تن ڪئي، جوش جلايا جي،
طالب جي تحقيق جا، نينهن تنين وٽ ني،
ٽيڏي پسي ٽي، هُو تان آهي هڪڙو.
قرآن مجيد
:
وَفِى أَنفُسِكُمْ أَفَلَا تُبْصِرُونَ . واللَّهُ بِكُلِّ شَىْءٍ مُّحِيطً
ترجمو
:
الله، اوهانجن نفسن ۾ آهي. ڇا پوءِ نٿا ڏسو. الله هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي.
شاهه رحه
:
ووڙيم سڀ وٿاڻ، ياد ڪارڻ جت جي،
والله بڪل شيءِ محيط اي آرياڻي اهڃاڻ،
ڇو وڃين وڻڪار، هِت نه ڳولئين هوت کي.

لڪو ڪين، ”لطيف“ چئي، ٻاروچو ٻي پار،
نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.
قرآن مجيد
:
وَاللَّهُ عَلَى كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ . إِنَّ اللَّهَ كَانَ بِكُمْ رَحِيمًا
ترجمو
:
الله هر شيءِ تي قادر آهي، تحقيق الله توهان تي مهربان آهي.
شاهه رحه
:
وڏي سگهه سندياءِ، تون ٻاجهن ڀريو آهين،
مون تان مهر مَ لاه، آئون تنهنجي آهيان.
قرآن مجيد
:
مَن يَعْمَلْ سُوءًا يُجْزَ بِهِ وَلاَ يَجِدْ لَهُ مِن دُونِ اللَّهِ وَلِيًّا
ترجمو
:
جيڪو بُرائي ڪندو، تنهن جي سزا پائيندو ۽ الله کانسواءِ ڪوبه پنهنجو مددگار ۽ حمايتي نه لڀندا.
شاهه رحه
:
تو ري تاري ناه، ڪا والي توري واه،
ساهڙ جي صلاح، تن کي ڪڍي تار مان.

تن کي ڪڍي تار مان، صلح ساهڙ جو،
ات آڏو اچي ڪينڪي، ٻيليپو ٻئي جو،
ميهار ڪج منهنجو، ڪو اوڪو انهيءَ آر مان.
قرآن مجيد
:
إِنَّا عَرَضْنَا الْأَمَانَةَ عَلَى السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَالْجِبَالِ فَأَبَيْنَ أَن يَحْمِلْنَهَا وَأَشْفَقْنَ مِنْهَا وَحَمَلَهَا الْإِنسَانُ إِنَّهُ كَانَ ظَلُومًا جَهُولًا ﴿٧٢﴾
ترجمو
:
اسان زمين ۽ آسمانن تي امانت (کڻڻ جو بار) پيش ڪئي، پر هنن ضعف سبب امانت کڻڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ انسان اُن کي کنيو، تحقيق انسان ظلم ڪندڙ ۽ اڻ ڄاڻ آهي.
شاهه رحه
:
اديون آءُ اَڄاڻ، مون سَڱ سڃاڻي نه ڪيو،
هوند نه پييم هيتري، ڪوهياري سين ڪان،
رتيءَ جي رهاڻ. جيءُ اڙايم جت سان.

مون هي چند آيات ۽ انهن سان مناسب شاهه رحه جا ابيات في الحال پيش ڪيا آهن. جيڪڏهن حياتيءَ وفا ڪئي، مشيت ۽ اعانت شامل حال رهي، ته پوءِ ان بابت ڪتابي صورت ۾ ڪافي مواد خدمت ۾ پيش ڪندس.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت