مولانا عبدالغفور قاسمي - هڪ ادارو مري ويو، هڪ انجمن اجڙي وئي .....!




مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)

--------------
هڪ ادارو مري ويو،
هڪ انجمن اجڙي وئي .....!
---------------

2013-11-24 صبح جو تقريبآ 11:00 بجي جو وقت هو آئون جامعه فاروقيه ڪراچي جي دارالحديث ۾ ويٺو هئس مون کي به ٻين کٿابين وانگر شيخ الحديث حضرت مولانا سليم الله خان جي درس جو انتظار هو. حضرت جي سبق پڙهائڻ جو انداز ئي ڪجهه اهڙو هو جو هر طالب علم کي سبق ٻڌڻ جو انتظار رهندو هو اڃا ٿورو ئي وقت گذريو هوندو ته اچانڪ موبائل جي اسڪرين تي هڪ پيغام آيو بي ڌياني سان موبائل ڪڍي پيغام پڙهڻ لڳس ته دل کي هڪ زوردار جهٽڪو لڳو ...! هي ڇا .....؟
سائين قاسمي وفات ڪري ويو .....؟ نه نه سائين جي طبيعت ايتري ته خراب به نه هئي ... بار بار ميسيج پڙهي رهيو هئس دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي ڄڻ ته زمين پيرن هيٺان نڪري وئي هجي، دماغ چڪرائڻ لڳو، اکين جي اڳيان ڄڻ ته ڪو انڌيرو ڇائجي ويو هجي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته مون کان دنيا ومافيها جي دولت لٽجي وئي هجي دِل ئي دل ۾ دعا گهري رهيو هئس ته الله ڪري اها خبر ڪوڙي هجي ۽ سمجهه ۾ به ڪجهه نه پئي آيو ته هاڻي ڇا ڪريان ....؟ اوچتو دل ۾ خيال آيو ته جلدي پنهنجي استاذ محترم مفتي محمد رمضان صاحب کي فون ڪيم. سائين رمضان جا سائين قاسمي صاحب سان تمام گهرا تعلق هئا سائين کي سڄي واقعي جي خبر هوندي نمبر ملائي فون ڪَنَ تي رکيم رنگ وڃي رهي هئي دل بي يقيني واري صورتحال جو شڪار هئي ٽنگن ۾ ڪپڪپي ايتري ته طاري هئي جو مون کان بيٺو به ڪونه پئي ٿيو هٿ ڏڪي رهيا هئا. سائين مفتي صاحب به جلد ئي فون اٽينڊ ڪري ورتي ۽ چيائين:
اسلام عليڪم ها عبدالباسط ڪٿي آهين ....؟ سائين وعليڪم السلام .....! سائين آئون مدرسي آهيان ٻڌو آهي ته سائين قاسمي گذاري ويو آهي ...؟ نه نه اها خبر ڪوڙي آهي مون هاڻي ئي فون ڪئي آهي سائين ميمڻ ميڊيڪل ۾ داخل آهن پر سائين جي طبيعت تمام گهڻي خراب آهي اسان به ماتلي مان نڪتا آهيون اچون پيا ڪراچي سائين مفتي صاحب هڪڙي ساهيءَ ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. آئون تڪڙي انداز مان سمجهي ويس ته سائين رمضان به پريشان آهي ان لاءِ وڌيڪ سوال جواب ڪرڻ مناسب نه سمجهيم ، بس ايترو چيم ته ٺيڪ آهي اسين به اچون ٿا ۽ فون بند ڪري ڇڏيم.
دل کي ڪجهه سهارو مليو ته شڪر آهي سائين جي وفات جي خبر ڪوڙي آهي پر پوءِ به بي چيني واري ڪيفيت ۾ قرار اچڻ مشڪل هو انهي وچ ۾ پنج ڇهه پيغام ٻيا به اچي چڪا هئا ڳالهه انهن ۾ به ساڳي هئي ته سائين قاسمي وفات ڪري ويو آهي مون انهن پيغامن جو جواب ڏيڻ بدران ڪراچي ۾ پڙهندڙ هڪ ساٿي کي فون ڪري چيو ته سائين قاسمي جي طبيعت انتهائي خراب آهي منهنجو اسپتال وڃڻ جو ارادو آهي اوهان هلو ته پوءِ گڏيا هلون بس منهنجي رڳو چوڻ جي دير هئي هو مون کان پهرين ئي تيار ٿيو ويٺو هو ۽ چيائين ٺيڪ آهي آئون اچان ٿو نيپا چورنگي تي اوهان به اتي اچو پوءِ اتان کان گڏجي ٿا هلون.
آئون تڙ تڪڙ ۾ مدرسي مان نڪتس مون وارا ساٿي مون کان پهرين اتي بيٺو هو اتان کان ٻئي بس ۾ چڙهياسين ۽ ڪجهه دير ۾ ميمڻ ميڊيڪل اسپتال صفورا ڳوٺ پهچي وياسين اسپتال جي گيٽ ۾ داخل ٿياسين ته ڪافي سڃاڻو چهرا سامهون ڏسڻ ۾ آيا پر سڀني تي مايوسي ڇانيل هئي اسپتال جو ماحول بلڪل خاموش هو سَوَن جي تعداد ۾ موجود علماءِ ۽ طلباءِ جن ۾ اڪثريت ڄاتل سڃاتل هئي پر ائين چپ ڪري ويٺل هئا ڄڻ ته هڪ ٻئي کي سڃاڻون ئي ڪونه ٿا اجنبيت جو اهو ماحول محسوس ڪندي دل ويتر وسامي ٿي وئي ته نه ڄاڻ ڇا ٿيو ...؟
اسان به ڪنهن کان پڇڻ بنا ائين ڪرسين تي ويهي رهياسين ۽ پڇون به ڪنهن کان ڇا پڇون پڇڻ جي ڪجهه همت به نه رهي هئي ته الائي پڇڻ کان پوءِ ڪهڙو جواب ملي ڪجهه دير کان پوءِ خبر پئي ته سائين ICU ۾ داخل آهن اسان به همت ڪري اندر وياسين بيڊ تي ستل علم جو جبل پنهنجي زندگي جون آخري ساعتون ڪاٽي رهيو هو سائين جي سرهاني ۽ پاسن کان مختلف قسمن جون مشينون رکيل هيون جن جون ڪجهه نليون سائين جي وات ۽ نڪ سان جڙيل هيون جن مان معلوم پئي ٿيو ته اهي نليون خوراڪ ۽ گيس فراهم ڪري رهيون آهن ۽ ڪجهه نليون هٿن پيرن ۽ سيني سان لڳيون پيون هيون.
سامهون لڳل اسڪرين سائين جي دل جي حرڪت جو پتو ڏيئي رهي هئي. مون سائين جي نگهداشت لاءِ ويٺل هڪ ڪمپائونڊر کان پڇيو ان مون کي ڪو اطمينان جوڳو جواب نه ڏنو خاموشي ۾ عافيت سمجهي آئون چپ ٿي ويس.
ڪمالات جو مجموعو، محاسن جو مرقع سر تاپا پاڪ باز ۽ گمشده زمانن جي سچن عالمن جي جيئندڙ جاڳندڙ تصوير، قرنِ اول جي سادگي جو نمونو ، طبيعت ۾ بردباري، مزاج ۾ انڪساري، فقيد المثال اساتذه جو شاگرد، نامور شاگردن جو استاذ اڄ منهنجي سامهون بي سڪت و حرڪت روح ۽ جسم جي فطري تعلق جي ٽٽڻ وارن ڪرب ناڪ لمحن مان گذري رهيو هو آئون بت بڻيو قرآن جي ان شيدائي، حديث جي شائق، اکين ۾ علم و حيا جو نور رکندڙ، مهتاب جيان چمڪندڙ، اُن درخشنده چهري کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هوس جيڪو مسڪرائيندو هو ته غمگين جي غمن جا بار هلڪا ٿي ويندا هئا، علم و حڪمت جي ميڪدن مان انوارات ۽ جوهرات جا جام ڀري ڀري پياريندڙ ان ساقي اڄ پنهنجي چَپن تي چُپ جا پيمانا رکي ڇڏيا هئا:
داغ فراق صحبت شب کی جلی ہوئی
اِک شمع رہ گئی تھی سو وہ بھی خموش ہے

آئون ٿڪل قدم کڻي ICU روم مان ٻاهر نڪس ٻاهر جو ماحول ماتم ڪده بڻيل هو خاموشي سڀني جي چهرن تي خوف وڇائي رهي هئي مون کي سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي چڪي هئي سائين جي زندگي جا نوانوي فيصد امڪان ختم ٿي چڪا هئا شمع پنهنجي تمام ميڻ کي پگهاري ڪري زندگي جي ڌاڳي جي آخري ڇيڙي کي ٽِمٽمائي رهي هئي، رکي رکي هي خيال ٿي آيو ته شمع جي اجهامڻ تي پروانا پنهنجا پک ڇاڻي ڪري جان فدا ڪري ڇڏيندا آهن.
ڇا اڄ هن علم و حڪمت جي شمع ، غور و فڪر جي چراغ جي وسامڻ تي به اهو ساڳيو منظر ڏسڻ لاءِ ملندو ...؟
جنهن منظر جو تصور ڪرڻ به هڪ هيبتناڪ منظر آهي.
ظهر جي نماز جو وقت ٿي چڪو هو. اسان نماز جماعت سان پڙهي اتي ئي مسجد ۾ ويهي رهياسين. اسپتال ۾ عيادت ڪرڻ وارن جو تعداد تمام گهڻو هو جن ۾ اڪثر علماء ۽ طلباء هئا جيئن جيئن شام پئي ٿئي ان تعداد ۾ اضافو پئي ٿيو. سائين جا عزيز و اقارب، شاگرد، معتقد، رفقاء، علماء، طلباء ۽ عوام الناس جو وڏو تعداد صبح کان اسپتال ۾ اچڻ شروع ٿي ويو هو ۽ اهو سلسلو رات جو دير تائين جاري رهيو جن ۾ مولانا محمد ابراهيم ٺٽوي، مولانا منظور احمد مينگل، مولانا غلام محمد سومرو، مولانا محمد اسماعيل ميمڻ، مولانا محمد عيسيٰ سمون، مفتي محمد رمضان سومرو، مولانا احمد سومرو، مولانا گل حسن زئور، مولانا عبدالرشيد لنڊ، مولانا جميل الرحمان سومرو، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر، حاجي ثناء الله ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪافي علماء ڪرام اتي پهتل هئا. اسان به عشاء نماز تائين اتي موجود رهياسين.
حضرت سائين قاسمي سان منهنجي تعلقات جي فهرست ڪا طويل نه آهي پر ڪجهه وجوهات جي ڪري حضرت کي انتهائي قريب کان ڏسڻ جو موقعو مليو ٽنڊو محمد خان ۾ حفظ کان سابعه تائين 12 سال پڙهڻ به هڪ سبب آهي جو انهي ڊگهي عرصي ۾ مسلسل حضرت جي زيارت ۽ خدمت جو شرف حاصل ٿيندو رهيو. پاڻ مجلس ۾ ايندا هئا ته محفل لٽي وٺندا هئا. زبان مان لفظ نڪرندا هئا ته تَرڪش جي تيرن وانگر نشاني تي وڃي لڳندا هئا پاڻ ايترا ته صاف باطن ۽ روشن ضمير هئا جو ڪنهن کي آڱر کڻڻ جي همت نه ٿيندي هئي هو عام صوفين جيان نه هئا بلڪه سائين کي ڏسي ڪري احساس ٿيندو هو ته اهل لله ڇا هوندا آهن ۽ جن ماڻهن کي الله تعاليٰ پنهنجي انعامات سان نوازيندو آهي ته انهن جا درجا ڪيترا بلند ۽ ارفع ٿي ويندا آهن هو الله تعاليٰ جي زمين تي اسلام جي هڪ حجت هئي سائين جي زُهد وتقويٰ جي بلندين جي هي حالت هئي جو وڏا وڏا عالم و زاهد ۽ عابد و متقي سائين جي قدم بوسي کي غنيمت سمجهندا هئا سائين جي مريدن ۾ وقت جا وڏا وڏا ماڻهو شامل هئا.
سائين عام صوفين ۽ پيرن جيان خانقاه نشين نه هئا بلڪه پاڻ في الحقيقت بهادري ۽ شجاعت جو اهڙو مجسمو هئا جو هر وقت حق ۽ صداقت جو جهنڊو بلند ڪري اسلام جي خلاف اٿندڙ چوماهي فتنن جو جوان مردي سان مقابلو ڪري رهيا هئا.
سائين جي سياست سان گهري وابستگي پڻ منهنجي اعتقاد جو هڪ سبب بڻي مٿان وري جمعيت علماء اسلام جي پليٽ فارم تان حق جو آواز بلند ڪرڻ ۽ مولانا فضل الرحمان تي ڀرپور اعتماد انهي اعتقاد کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا سياست جي اصطلاح ۾ ماٺ کي شايد ڪفر جو نالو ڏنو ويندو آهي ۽ اهو ئي سبب هو جو سائين کي مون ڪڏهن به ماٺ نه ڏٺو هر وقت همه تن متحرڪ رهندا هئا ڪڏهن ختم نبوت جي پليٽ فارم تان اسٽيج تي حرمتِ رسول ﷺ جا محافظ بڻجي ڪري مرزائيت کي للڪاري رهيا هوندا هئا حضور ﷺ جو عشق سائين جي حيات مُستعار جو عزيز ترين سرمايو هو قاسمي جنهن ميدان تي جتي جتي وڙهيا محبوب خدا جي محبت جو زيور پاڻ سان گڏ کنيو. ڪڏهن سياس اسٽيج تي حڪمرانن جون خبرون وٺندا هئا.
ختم نبوت اسلام جو بنياد آهي. پاڻ اسلام جي انهي بنياد جو تحفظ ڪرڻ خاطر پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو سائين قاسمي حضور ﷺ کي صرف عزيز ئي نه بلڪه عزيز از جان تصور ڪيو ۽ ان ذاتِ گرامي جي ناموس لاءِ ڪنهن به قرباني کان دريغ نه ڪيو ۽ اِها ڳالهه جتي سائين جي ايمان جي پختگي جو دليل آهي اتي ان حقيقت کي آشڪار ڪري ٿي ته حضور ﷺ جي محبت جي فيض سائين جي دل ۾ خوفِ خدا کي ايتري قدر راسخ ڪري ڇڏيو هو جو آفيسرن، وزيرن، ڀوتارن ۽ وڏيرن جي وڏيرڪي کي سائين ذرو برابر به اهميت نه ڏيندا هئا.
ڪڏهن وري سائين ناموس صحابه عظام جي حفاظت خاطر روڊن ۽ رستن تي جلوس جي شڪل ۾ رافضيت جو رد ڪندي غلامانِ رسول ﷺ جي غلامي تي فخر ڪري رهيا هوندا هئا پاڻ صحابه رضه ڪرام جي محبت جي سمنڊ ۾ غوطه لڳائي ڪري سامعين کي عقيدت جا اهي سُپون ۽ موتي پيش ڪندا هئا جو محفل ۾ موجود ماڻهن جون دليون صحابه رضه جي عشق ۾ جهومي پونديون هيون.
سائين جي جعيت علماءِ اسلام سان وابستگي ۽ مولانا فضل الرحمان سان عقيدت صرف برائي نام نه هئي بلڪه اها وابستگي ۽ عقيدت حقيقت جو هڪ اهڙو باب هو جو ان تي جيڪڏهن لکجي ته ڪتابن جا ڪئين ضخيم جلدن تيار ٿي وڃن. ڪراچي ۾ ٿيندڙ اسلام زنده باد ڪانفرنس دوران سائين جن جي اِن وابستگي ۽ وارفتگي جو مشاهدو مون پنهنجي اکين سان ڪيو. اهو جمعيت علماءِ اسلام سان عشق ئي هو جو انتهائي عليل ۽ معذوري جي حالت ۾ سائين اندرونِ سنڌ جي مختلف ضلعن  جا دورا ڪري پنهنجي شاگردن، مريدن، معتقدن، عزيز و اقارب، خواص و عوام کي اسلام زنده باد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ تي اڀاريو. اها هڪ مردِ قلندر جي قوتِ ارادي جي پختگي ۽ ان پيران ساله، ناتوان جسم جي رت جي حرارت هئي جنهن نوجوانن جي رڳن جي اندر ڄميل رت ۾ ٽهڪوڙا مچائي ڇڏيا هئا. سائين جي هڪڙي ئي دوري سياسي سرگرمين جي درجه حرارت کي ايترو ته بلند ڪري ڇڏيو هو جو اها گرمي ڪانفرنس جي آخر تائين هيٺ نه آئي. پاڻ باوجود حالتِ معذوري جي بنفس نفيس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائون اسٽيج تي جلوه افروز ٿين ٿا ته تمام علماءِ ڪرام سائين جن جو استقبال ڪن ٿا ۽ ان عزت و احترام جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سائين کي تقرير لاءِ مائيڪ وٽ نه گهرايو ويو بلڪه مائيڪ کي کڻي سائين جن جي ڪرسي وٽ رکيو ويو پاڻ بيان ڇا شروع ڪيائون پنڊال ۾ نعرن جي گونج هئي. مخالفن جي نبض کي اهڙي انداز سان جهليندا هئا جو سامعين داد ڏيڻ کان سواءِ رهجي نه سگهندا هئا. پاڻ ان مختصر بيان ۾ اسلام دشمن سياستدانن تي اهڙي زوردار ضربن جا وار ڪيا جو شايد ئي مرڻ گهڙي تائين اهي چوٽون انهن کان وسري سگهن. پاڻ جميعت علماءِ اسلام ۽ مولانافضل الرحمان جو دفاع هر مجموعي ۾ ڪندا هئا هڪ جلسي ۾ پاڻ علي الاعلان چيائون ته مولانا فضل الرحمان جيڪڏهن حق تي نه هجن ها ته آئون پنهنجي هن حالت ۾ جو هڪ پير منهنجو دنيا ۾ آهي ٻيو پير قبر ۾ آهي مولانا جو ساٿ نه ڏيان ها.
سائين جن جهد مسلسل جا قائل هئا ۽ اهو ئي ڪارڻ هو جو ڪراچي واري ڪانفرنس کان پوءِ سکر جي اسلام زنده باد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪن ٿا ۽ ان کان پوءِ لاهور ۾ مينار پاڪستان گرائونڊ تي منعقد ٿيل عظيم الشان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائون ان کان علاوه پاڻ بهاولپور، علي پور، ڪوئيٽه، پشاور ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ انهي علالت واري حالت ۾ شرڪت ڪيائون.
سياست ۾ خطابت شايد پٺيءَ جي ڪنڊي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي پاڻ هڪ بهترين خطيب به هئا بلڪه سائين جن جو خطاب اديبانه شان سان مزين هوندو هو. مخاطب جي ذهن کي سمجهي ڪري پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو ملڪو سائين جن جي اندروديعت ڪيل هو پاڻ روايتي واعظن وانگر عمل ۽ قول جي ميلاپ کان عاري نه هئا بلڪه علم و عمل جو اهو حسين امتزاج هئا جو سندن قول و فعل هڪ ئي لڙي ۾ موتين وانگر پُرويل محسوس ٿيندا هئا سائين کي خطابت جون ادائون ڪماحقه اينديون هيون. ڳالهائيندا هئا ته موتي پروئيندا هئا. 
خطابت جا ڌڻي هئا ۽ فصاحت سندن ٻانهي هئي بلاغت جي ان انتها تي پهتل هئا جو عام خطيب انهي نهج تي پهچڻ لاءِ ٺوڪرون کائيندا آهن پر قاسمي وٽ خود اهي ٺوڪرون ٺوڪرون کائينديون هيون ڪڏهن محفل کي ايترو ڄمائيندا هئا جو ڪيترائي ڪلاڪ تقرير جاري رهندي هئي ڪڏهن مختصر وقت لاءِ ايندا هئا پر زبان کي تلوار کان تيز هلائيندا هئا ۽ الفاظن جي اهڙي برسات وسائيندا هئا جو مجمع جي اندر موجود ماڻهن جون سسيون جهومي پونديون هيون ڄڻ ته هوا سمنڊ جي لهرن ۾ طغياني آڻي ڇڏي هجي پاڻ جڏهن به چاهيندا هئا. مجمع کي کلائي ڇڏيندا هئا ۽ وري اُن ئي وقت مجمع کي رئاري ڇڏيندا هئا. قاسمي بخاري جي گم شده قافلي جي آخري ڪڙي هئي ان جي خطابت مخالفت سان کُلندي هئي ۽ اعتراض سان چمڪندي هئي ائين محسوس ٿيندو هو ته خوبصورت الفاظ دلنشين ترڪيبون ۽ برمحل اشعارن جو نزول ٿي رهيو هجي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ٻڌندڙن جا روح قاسمي جي آڱرين جي پورن ۾ ڇڪجي آيا هجن. هو ماڻهن جي نگاهن مان عنوانن کي چونڊيندو هو ۽ انهي کي لفظن جي حسن ۽ بيان جي سحر سان آفتاب و ماهتاب بڻائي ڇڏيندو هو. مخالفين جو هجوم به قاسمي جي گفتار جي ريلي ۾ وهي ويندو هو، جلسه گاهه ۾ قبرستان جو سڪوت، جبل جي سنجيدگي، زمين جو تحمل محسوس ٿي رهيو هوندو هو. قاسمي جي خطابت جو طوفان جڏهن اٿندو هو ته لفظن جي ڪثرت ۽ ترڪيبن گهڻيون هونديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن اشعارن جي پيوندڪاري خطابت جي مٿي جو جهومر لڳندي هئي، لفظ ۽ معنيٰ جو هڪ تماشو هوندو هو جيڪو هر ٻڌندڙ کي مسحور ۽ مبهرت ڪري ڇڏيندو هو.
سائين قاسمي کي آئون مسند حديث تي ويٺل ڪڏهن به نه ڏسي سگهيس، اها آئون پنهنجي ناداني چوان يا نالائقي، محرومي چوان يا مجرمانه پڻ جو شاگرديءَ جي شرف کي مون پنهنجي ارادي سان ضايع ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي قسمت جي ان اڻ وڻندڙ پهلو کي آئون بدنصيبي جو “خوبصورت” نالو ڏيندي ذري برابر به ڪرب محسوس نه ڪندس.
ڪاش! ڪجهه وقت سائين جي سامهون گوڏا کوڙي چند سٽن جو سبق پڙهي وٺان ها ته زهي مقدر ...
۽ سائين جي انهي تدريسي انداز جي منظر جي هڪ جهلڪ منهنجي به سامهون هجي ها ته زهي نصيب ...
آئون پاڻ ته سائين جن جي ان خوبصورت انداز جي جهلڪ نه ڏسي سگهيس پر پنهنجن استادن کان ڪافي گهڻو ٻڌڻ کان پوءِ سائين جي ان انداز جي منظرڪشي ڪجهه ان طرح ئي ٿي سگهي ٿي ان کان پهرين جو ڪنهن جي مرتبي جي اندر گهاٽي واڌي ٿئي آئون پنهنجي اسلاف جي پاڪباز روحن جي خدمت اقدس ۾ پيشگي معذرت وٺندو هلان ته قاسمي جيڪڏهن اسٽيج تي وقت جو عطاء الله بخاري هو ته مسند حديث تي محمد بن اسماعيل بخاري رحه جا نظارا طالب علمن پنهنجي نور نظر سان ضرور ڪيا هوندا.
سائين جي تدريسي انداز جو هڪ هي پهلو به منهنجي گوش گذار ٿيو ته قاسمي جڏهن پڙهائيندا هئا ته شاگرد کي ڪنڌ هيٺ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا بلڪه شينهن وانگر گجگوڙ ڪري طالب علم جي سماعتن جي چوکٺ کي ائين کڙڪائيندا هئا جو ڪند ذهن کٿابي به باوجود پنهنجي تنگي دامن جي سائين جن جي فيض مان ڪجهه ڪڻا کڻي ئي وٺندو هو. سائين کي درسي ڪتابن سان تمام گهڻو لڳاؤ هو، جو ڪلاس کان ٻاهر به ڪتاب جي مشڪل مقامات تي شاگردن ۽ استادن سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ٻين مدرسن ۾ به انهي موضوع تي محفل متل هوندي هوئي. سائين کي فلسفه ۽ منطق تي ڪامل طريقي سان دسترس حاصل هئي حسامي ۽ قطبي جي مشڪلات کي ائين ڳاري ڪري پياري ڇڏيندا هئا جو شاگرد مدت تائين انهي لذت مان محفوظ ٿيندو رهندو هو. انهي ڳالهه کي سائين جن جي خوشنصيبي چئجي يا درسي زندگي جو معراج جو درس نظامي جو شايد ئي ڪو اهڙو ڪتاب هجي جنهن جي علمي روهي تي سائين پنهنجي صلاحيتن جي هيرن کي گسائي ڪري چمڪايو نه هجي بخاري جي تراجم ابواب جي پيچيدگي کان ڪنهن به محدث کي انڪار نٿو ٿي سگهي پر پاڻ انهي پيچيدگي جي ڳنڍين کي ائين کوليندا هئا جو مخاطب جو ذهن اعتراض و اشڪال جي ڌٻن کان صاف ٿي شيشي وانگر چمڪي پوندو هو.
حضرت سائين قاسمي سان منهنجي تعلق جو هڪ ٻيو سبب به هو جو ان تي آئون جيترو به فخر ڪريان گهٽ ئي ٿيندو ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ کان آئون ذري برابر به جهجهڪ محسوس نه پيو ڪريان جو سائين قاسمي جي چند مخلص ۽ معتمد دوستن مان هڪ دوست منهنجو والد مرحوم مولانا محمد يعقوب نظاماڻي به هئا انهي دوستي جي طوالت کي آئون نصف صدي کان به زائد عرصي تي محمول ڪريان ته مبالغو نه ٿيندو بلڪه مبالغي جو شائبو به ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو 1955ع کان 2013ع تائين انهي دوستي هميشه هماليه جي بلندين جي طرف سفر کي جاري رکيو دوستي جي اندر بيتڪلفي هڪ فطري شي آهي پر هنن ٻنهي دوستن بيتڪلفي کي احترام جي حدن کان اورانگهڻ نه ڏنو. حالات جي تغيرت، طبيعت جي ميلان، ۽ سياسي اُتار چڙهائو اگرچه وقتي طور اختلاف رائي جو سبب بڻيا پر انهي اختلاف کي ٻئي دوست بحث جي سنجيدگي جي ذريعي اتفاق جي چادر ڍڪائي ڇڏيندا هئا. دوستي جو بنياد دارالفضيوض هاشميه کان شروع ٿي ڪري هڪ طويل سفر طئي ڪري ٿو.
سائين نور محمد سجاولي جا اهي ٻئي دادلا جڏهن مولانا محمد قاسم کان خرچي وٺندا هئا ته محمد يعقوب کي به اوتري ئي خرچي ملندي هئي جيتري مولانا محمد قاسم پنهنجي پٽ عبدالغفور کي ڏيندا هئا ڪنهن کي خبر هئي ته سجاول جي گهٽين ۾ راند ڪندڙ هي ٻئي ڇوڪرا سڀاڻي منطق ۽ فلسفي جي اندر پنهنجي وقت جا امام ٿيندا. درس نظامي جا ڪافي ڪتاب سائين نور محمد سجاولي کان پڙهي ڪري پنهنجي استاد جي حڪم مطابق فنون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اهي ٻئي نوجوان قافلي جي صورت ۾ پنهنجي تعليمي سفر جو رخ پنجاب جي طرف موڙين ٿا ته علم جا اهي پانڌيڙا پنجاب جي مختلف شهرن جي شيرين چشمن مان پنهنجي علمي پياس کي سيراب ڪندا رهيا، جن ۾ لاهور، ملتان، طاهر والي سرگوڌا، خانيوال رحيم يار خان، ظاهر پير وغيره شامل آهن ۽ پوءِ فنون جي اندر اها مهارت حاصل ڪيائون جو والد صاحب مرحوم فرمائيندا هئا ته هفتو پورو ٿيندو هو آئون ۽ قاسمي صاحب سُلم جو پوري هفتي جو دوُر ڪندا هئاسين هڪ سبق کي آئون ڀيرو ڏيندو هئس ۽ هڪ سبق کي قاسمي صاحب، ڪتاب اڳيان بند ٿيو پيو هوندو هو تڪرار ڪندا هئاسين ۽ عبارت به ياد پڙهندا هئاسين.
اگرچه فراعت کان پهرين ئي انهن ٻنهي دوستن جي تعليمي سفر جون راهون الڳ الڳ ٿي ويون جو حضرت سائين قاسمي ڪراچي ۾ مولانا محمد يوسف بنوري رحه جي سامهون دوزانو ٿي ڪري علم حديث کي حاصل ڪري پنهنجي ضياءِ علم کي جلا بخشي ۽ والد مرحوم علم حديث مان سيراب ٿيڻ لاءِ لاهور ۾ مولانا محمد ادريس ڪانڌيلوي رحه جي اڳيان وڃي گوڌا کوڙيا هئا. پر دلين جي اندر ذري برابر به بُعد نه آيو ۽ فراغت کان پوءِ به محنت جي ميدانن ۾ اگرچه ڪجهه فاصلو هو پر قرب جو اتصال گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ شدت اختيار ڪندو ويو. اڌ صدي کان وڌيڪ زماني تي مشتمل اها همعصري ۽ همفڪري اڪثر ڪري هم نشيني جي شڪل اختيار ڪري وٺندي هئي. تعلقات جي ان دراز داستانن کي قرطاس جي چند سٽن جي اندر بيان ڪرڻ ته ناممڪن آهي پر دوستي جي اها ڇپ ايتري ته مربوط هئي جو ڪنهن هڪ ڪناري کي زلزلو يا طوفان جي صورت ۾ ٻيو ڪنارو متاثر ٿيڻ بنا رهي نه سگهندو هو حضرت سائين قاسمي جي ايڪسيڊنٽ ٿيڻ کان پوءِ والد صاحب جو صدمي ۾ بيقرار ٿي ڪري جلد ئي اسپتال پهچڻ ان جو هڪ نمونو هو، الفت جي ان سڪي جو ٻيو رخ به ان کان ڪجهه مختلف نه هو. جو والد صاحب آخري ڏينهن ۾ جڏهن اسپتال ۾ داخل هئا ته سائين قاسمي هر وقت والد صاحب جو حال احوال پڇندا رهيا.
7 مارچ 2013ع تي جڏهن والد صاحب مرحوم جو انتقال ٿي ويو ۽ سائين کي اها خبر پهتي ته سائين صدمي جي ڪري نڊهال ٿي رهيا هئا، سائين جي هن اضطرابي ڪيفيت جو مشاهدو ڪندڙن ان ڳالهه کي خوب نوٽ ڪيو هو ته سائين جن هن کان پهرين ڪڏهن به ايترا پريشان نه ٿيا هئا. اها سائين جي چاهت ۽ لڳائو جي نشاني هئي جو معذوري ۽ علالت جي باوجود سجاول کان سفر ڪري جنازه نماز پڙهايائون.
والد صاحب جي وفات کان پوءِ سائين قاسمي پهرين ڏينهن ئي مون تي شفقت جو هٿ رکي ڇڏيو هو ۽ اها شفقت عارضي نه هئي بلڪه دل جي ايتري ته اونهائين سان هئي. جنهن جي گهرائي جو اندازو به ڪرڻ مشڪل هو. سائين جن مون کان حال ائين پڇندا هئا جيئن ڪو شفيق پيءُ پنهنجي پٽ کان پڇندو آهي. سائين جي شفقت جو عظيم مظاهرو مون کي ان مهل ڏسڻ ۾ آيو جڏهن سائين جن والد صاحب مرحوم جي خالي پيل ان منبر تي منهنجي دلجوئي لاءِ جمعي جو خطبو پڙهايو هئائون. جنهن منبر تي ڪجهه ڏينهن اڳ والد صاحب جلوه افروز هئا. جيڪڏهن سچ پڇو ته حقيقت هي هئي جو سائين جن جي موجودگي ۾ مون کي والد صاحب جي ڪمي ڪنهن حد تائين محسوس نه ٿيندي هئي. آئون سائين جن جي هن خواهش کي والد صاحب سان دوستي جي ڀرم جو نالو ڏيان يا پنهنجي مٿان سائين جي شفقت چوان جنهن ۾ سائين جن ان خواهش جو اظهار ڪيو هو ته آئون دوره حديث سجاول ۾ پڙهان.
عيد الفطر جي ٽئين ڏينهن آئون گهر ويٺو هئس ان ڏينهن تي سائين شفقت جي انتها ڪري ڇڏي هئي ۽ مون وٽ بنا ڪنهن پروگرام جي هلي آيا هئا آئون سائين جي ان ڪرم فرمائي تي حد درجه حيران هوس.
بهرحال ڳالهه هلي رهي هئي اسپتال جي ۽ آئون به ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتس ٻيو وري هي قلم بنا اسٽرينگ جي اهڙي گاڏي آهي جيڪا مون جهڙي ڄٺ جي هٿ ۾ اچي وڃي ته پوءِ ڪاغذ جي ڪشاده سڙڪ تي تيزي سان سفر ڪندي مضمون جي مين شاهراه کان عنوان جي لنڪ روڊن جي طرف لڙي ويندي آهي پوءِ نه سفر ۾ مزو ايندو آهي منزل مقصود تي پهچڻ جي اميد نه هوندي آهي. صرف لفظن جي لوڏن ۽ جملن جي جهمپن ۾ هيٺ مٿي ٿيندي ٿڙندي ٿاٻڙندي رهندي آهي. خير ...! دير آيد درست آيد جي مصداق بڻجي ڳالهه کي اتان کان ئي شروع ڪندي مختصر ڪندا ٿا هلون ته عشاءِ جي نماز تائين اسان اسپتال ۾ موجود هئاسين. سائين مفتي محمد رمضان وارا اسان کان موڪلائي روانا ٿي ويا هئا اسپتال ۾ غمن جي لهرن سناٽي کي ڇائي رکيو هو مٿان وري رات جي خاموشي ان ۾ اضافو ڪري رهي هئي اسان به اميد ۽ خوف جي وچ ۾ هجڻ ڪري بي چيني ۽ اضطرابي ڪيفيت جو شڪار هئاسين نه ڄاڻ صبح جو ڇا ٿيندو الله ۾ آسرو رکي ڪري اسپتال جي گيٽ کان ٻاهر نڪري اسين به مدرسي روانا ٿي وياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو تقريبآ 08:30 بجي موبائل تي پيغام اچڻ شروع ٿي ويا هئا ڳالهه اها ئي هئي جنهن جو ڊپ هو ته سائين قاسمي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا هئا.  انا للہ وانا اللہ راجعون۔
مغرب نماز کان پوءِ نماز جنازه سجاول ۾ ادا ٿيڻي هئي ڪراچي جي مختلف مدرسن ، جامعه فاروقيه، دارالعلوم، جامعته الرشيد، بيت المڪرم، اشرف المدارس، جامعه بنوري، جامعه اسلاميه وغيره مان طلبا ۽ علماءِ سائين جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سجاول روانا ٿي رهيا هئا اسين به ڪجهه ساٿي پاڻ ۾ ملي عصر نماز ڌاري سجاول پهچي ويا هئاسين. پورو شهر ماتم ڪده بڻيل هيو شهر جون رونقون اداسين ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون قاسمي جو موت هڪ عظيم الشان انسان جو موت هو، هڪ فقيد المثال اداري جو موت هو سنڌ جو هڪ وڏو عالم هميشه لاءِ ننڊ سمهي پيو هو هڪ قافلو جيڪو اڌ صدي کان بي راهه مسافرن کي گمشده منزلن جو پتو ڏيندي تاريخ جي شاهراهه تي هلي رهيو هو اچانڪ موت جي وادي ۾ داخل ٿي ويو. هو ايترو ته پري هليو ويو هو جو هاڻي ان جو موٽڻ ناممڪن هو.
وقت پاسا بدليندو رهندو ــ انسان ڪتمِ عدم کان بساط هستي تي جلوه نما ٿيندا رهندا ــ ڪائنات هلندي رهندي سج معمول مطابق اڀرندو ۽ لهندو رهندو. آسمان هر شام شفق کي ڳاڙهي چادر پارائيندو رهندو ــ تارن جي محفل به سجندي  ۽ چنڊ پنهنجي طلوع ۽ غروب جي ضابطي کي پورو ڪندو رهندو ــ غرض ته فطرت جا مظاهرا ازل کان ابد تائين اهڙي طرح قدم کڻندا رهندا مگر .......
جيڪو سج اڄ لهي ويو، جيڪا ڪائنات اڄ اجڙي وئي جيڪو ستارو اڄ ٽٽي پيو اهو ستارو وري نه جڙندو، اها ڪائنات هميشه ويران رهندي اهو سج فلڪ جي دريچن مان وري ڪڏهن به جهانڪيندو.
اے میرے رونے والو خدارا جواب دو
وہ بار بار پوچھتے ہیں کون مرگیا

دارالحديث ۾ رکيل سائين جن جي ميت جي زيارت لاءِ ماڻهن جو هجوم ائين فداور ٿي رهيو هو ڄڻ شمع تي پروانا طواف ڪري رهيا هجن.
موجوں میں تلاطم برپا ہے
سالار کے مارے جانے سے

منهنجي نظر جڏهن سائين جي چهره انور تي پئي ته سائين جون صدائون منهنجي سماعتن سان ٽڪرائجي رهيون هيون هن اسان کي پڪاريو هو پر اسان هن صدا کي بصحرا سمجهيو، هن اسان کي جڏهن به جهنجهوڙيو، اسان ترڪ ۽ اعراض جي سنت تي ئي رهياسين، هو اسان جي خزان کي پڪاريندو رهيو ته پنهنجو دامن هن بهار مان ڀري وٺو پر اسان اتي جو اتي ئي رهياسين، هو بت ڪدن ۾ اذانون ڏيندي ڏيندي ٿڪجي پيو هو.
پر اڄ جڏهن هي حق جو منادي خاموش ڇا ٿيو عالم اسلام ۾ سڪوت محسوس ٿي رهيو هو پاڪستان اشڪبار هو سنڌ روئي رهي هئي سياست جي سيني تي ماتم جا نشان هئا ادب پنهنجا جهنڊا جهڪائي ڇڏيا هئا اخلاق جي رونق هلي وئي هئي عمل آه وفغان ۾ مصروف هو. علم ماتمي لباس ۾ هو. ته مرحوم هڪ ئي وقت انهن سڀني اوصاف جو مرقع هئا.
منزل عشق پہ تنہا پہنچے، کوئی تمنا ساتھ نہ تھی
تھک تھک کے اس راہ میں آخر اِک اِک ساتھی چھوٹ گیا

سائين جو پاڇو هڪ اهڙي شخص جو پاڇو هو جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪئي شخصيتون شامل هيون.
سائين پنهنجي وسعت نظر، اسلوبِ فڪر، ۽ ذوق ابثار جي ڪري هر دلعزيز شخصيت هئا.
هو اهڙا ته باغ و بهار انسان هئا جو دل جي سخاوت ۽ هٿ جي فياضي کي ايمان جو جزو لاينفڪ سمجهندا هئا. هو هڪ هٿ سان ڏيندا هئا ته ٻئي هڪ کي خبر به نه پوندي هوئي.
غمگسار ڇا هوندو آهي پاڻ ان معنيٰ جو مجسمو هئا، هو سڀني جا دوست هئا ڄڻ عداوت جو لفظ هن جي لغت ۾ شامل ئي نه هو.
هن جو وجود هڪ ادارو هو هن جي شخصيت هڪ انجمن هئي. ڪمالات ۽ محاسن جي مجموعي ۽ مرقع جو هي قافلو پوري جلدي سان اوجهل ٿي ويو.
ٽهڪن کي موت چٽي ويو ...
مزاح اشڪبار هو ....

هڪ ادارو مري ويو ....
هڪ انجمن اجڙي وئي ......








فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت