”منقبت قلندر شهباز“ - يامين غمگين ٻٻر


  
ڇا شان لکان تنهنجو  اي شهباز قلندر!
آ تنهنجي نه عظمت جو ڪو انداز قلندر!

غوّاص آهين بحر شريعت ۽ طريقت،
معلوم ڪرين ٿو تون ڳجها راز قلندر!

آ شان ڪيو تنهنجو خداوند تعاليٰ،
دنيا جي ولين ۾ سرافراز قلندر!

اوڀر اتر اولهه ۽ ڏکڻ زير ۽ بالا،
هر هنڌ سندءِ شان جو آواز قلندر!

مستيءَ ۾ اچي باهه ۾ رقص ڪيو تو،
تون آهين رههِ عشق ۾ جانباز قلندر!

سيوهڻ کي ملي تنهنجي اچڻ ساڻ سعادت،
ٿي سنڌ ڪري تو تي سدا ناز قلندر!

من مست ٿي مولا جي محبت ۾ وڄن ٿا،
درگاهه تي وحدت جا سوين ساز قلندر!

هيءَ خلق سموري آ سندءِ در تي سوالي،
آ ربّ ڏنو توکي هي اعزاز قلندر!

يامين کڻي آيو آ فرياد اوهان وٽ،
غمگين جو مڃ عرض ۽ ايلاز قلندر!

جي ملڪ جا اڳواڻ انهن کي ڏي هدايت،
چرٻٽ جي اچن چال کان هو باز قلندر!


يامين غمگين ٻٻر

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت