هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
هوٽل کان جيئن ئي لٿاسين ته هوٽل جو مينيجر محمد
اعظم هوٽل جي اڳيان لوهي ڪرسي تي ڦٽ پاٿ تي بلڪھ روڊ جي پاسي ۾ ئي ويٺو هيو. هن
سان بيٺي بيٺي حال احوال ٿيا.
”توهان هتي ڪيتري عرصي کان رهو پيا“. مون هن کان پڇيو.
”منهنجو جنم ئي هتي هن ٻيٽ ۾ ٿيو آهي، منهنجي عمر 60 سال کان مٿي
آهي. توهان پاڻ اندازو ڪيو“.
”ڀلا هتي ڪو ٻاهريون ماڻهو پراپرٽي وٺي سگهي ٿو؟.
”جي ها، پر ان کي هتي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرڻو پوندو ۽ ڪورٽ کي جڏهن
مطمئن ڪندو ۽ چوندو ته مان هتي ڪاروبار ڪرڻ چاهيان ٿو، مون کي ان ڪاروبار جو هيترو
تجربو آهي ۽ پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي جا/ ڪم جا، تجربي جا سرٽيفيڪٽ ڏيندو ۽ ڪورٽ کان
فيصلو وٺي ايندو ته پوءِ هو اُن ڪورٽ جي فيصلي جي آڌار تي ئي هتي پراپرٽي خريد ڪري
سگهي ٿو“. هن سڀني دوستن کي سمجهائيندي چيو.
”هن ٻيٽ ۾ ڪيترا مسلمان آهن“. جنيد هن کان پڇيو.
”سڀ مسلمان آهن تقريبن“.
هن کان Bikni
beach جو پُڇي پاڻ بيچ ڏانهن پنڌ ڪندا نڪري وياسين. سوڙهين گهٽين کان ٿيندا،
هڪڙي ميدان تي آياسين. جتي ناريلن جا وڏا وڏا وڻ بيٺل هيا. اتي ئي هڪڙو نوجوان وڏن
وارن وارو سائيڪل تي ملي ويو. هن کان بڪني بيچ بابت پڇڻ لاءِ هن کي بيهڻ جو اشارو ڪيوسين.
هن سائيڪل بيهاري. مون کي الائي ڇو هتان جي وڏن وارن وارا نوجوان موالي، چرسي لڳا.
هي به چرسي لڳي پيو. هن پنهنجو نالو سليم ٻڌايو. سليم ٻڌايو ته،” هي بيچ تمام پراڻو
آهي. ٻه سو سالن کان به مٿي“.
هن ٻيٽ نما ڳوٺ ۾ ڪا به
نالي، يا ڪو گٽر کليل نظر نه آيو. نه ڪا سامهون بجلي جي تار ڪنهن تنبو يا ٿنڀي تي
نظر آئي. رستي تي جيڪي به دڪان نظر آيا انهن تي ڪو به شٽر وغير نظر نه آيو. بند ڪرڻ
مهل بس شيشي جي دروازي اڳيان ”ڪلوزڊ“ وارو پاٺو رکي ڇڏڻو هيو ۽ وري دڪان کولڻ مهل
”اوپن“ وارو پاسو اٿلائي رکي ڇڏڻو هيو. هتي دڪان ۾ بوٽ، جوتو اندر پائي وڃڻ جي
اجازت نه هئي، نه ٻاهرين ماڻهو کي ۽ نه ئي وري هتان جي پنهنجي دڪان جي مالڪ يا اسٽاف
کي. پر هرڪو گيٽ کان ٻاهر پنهنجا جوتا لاهي پوءِ ئي اندر دڪان ۾ داخل ٿي سگهي پيو.
هتان جي گهرن جي مين گيٽ تي به گهر ڀاتين جا جوتا ٻاهر پيل نظر آيا. مجال آ جو
جوتو کڄي وڃي. اسان وٽ ته مسجدن ۾ به جوتا محفوظ نه آهن. هتي سبزيون ۽ فروٽ انڊا ٻاهر
کان گهرائيندا آهن. خاص ڪري ڪيلا، انب ۽ ٻيو فروٽ وغيره .
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment