Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

سمونڊ جون تيز ڇوليون ۽ جهاز

 

 

سمونڊ جون تيز ڇوليون ۽ جهاز

 

هن وقت اسان فيري ۾ آهيون. سامونڊي ماحول مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون. سمونڊ جون لهرون ڪٿي مٿاڇريون ته ڪٿي اونهيون ۽ گهريون آهن. جهاز پنهنجي رفتار سان هلي رهيو آهي. جنيد ٻڌايو ته،”هن جهاز ۾ واش روم به آهي، جيڪڏهن ڪو دوست استعمال ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿو“.

 گرائيدو کان مافوشي، مافوشي کان گُلي ۽ گلُي کان مالي تائين هن فيري ۾ اڍائي ڪلاڪ لڳن ٿا. يعني جهاز اسان کي ساڍي نائين وڳي صبح جو مالي بندرگاهه ۾ لاهيندو. سرڪار پاران هتان جي ماڻهن لاءِ هي تمام وڏي سهولت آهي. هن مهل آسمان صاف آهي. اڀ تي ڪٿي ڪٿي ڪا ڪڪري نظر اچي ٿي، نه ته بلڪل صاف آهي. جهاز جي سيٽن جي پاسن سان لڳل شيشن جون دريون کليل آهن. سامهون کان گيٽ به کليل آهي. اتان هوا جو لنگهه آهي. شيشن مان تازي هوا اندر داخل ٿي رهي آهي. ان ڪري مون تي ننڊ جي ديوي مهربان آهي ۽ اها زوري کنيو پئي وڃي.

هن مهل اسان جي فيري هڪڙي ملاحن جي ٻيڙي کي ڪراس ڪيو آهي. هي ماهيگيرن جي مڇي مارڻ واري ٻيڙي هئي. هونءَ به هتي سياحت کان پوءِ ماهيگيري ئي هتان جو وڏو ڪاروبار آهي. پر اهو ڌنڌو سياحت جي ڪري ڌڪ کائي ويو آهي. ماهيگيري ۾ وڃي پراڻا، جهونا مهاڻا بچيا آهن. جن جو اڄ به ان اباڻي ڌنڌي سان چاهه آهي. باقي نوجوان طبقي جو لاڙو سياحت ڏانهن وڌيڪ آهي. نوان ماڻهو هن فيلڊ ۾ نه ٿا اچن. ڇو ته اهي سياحت مان تمام گهڻو ڪمائين ٿا. انگريزن جا ٽولا اچن ٿا. جيڪي هتي هوٽلنگ ڪن ٿا، رهن ٿا، کائن پيئن ٿا، گهمن ٿا. هي انهن کان ڊالرن ۾ پئسا ڇڪي وٺن ٿا. جيتوڻيڪ بارگيننگ به هلي ٿي پر انگريز پڪائي گهٽ ڪري ٿو. ڪنهن ٻڌايو ته جولاءِ هتي آف سيزن آهي. هن جي سيزن جي شروعات آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر ۾ آهي. دنيا جا سياح هنن ملڪن ۾ خاص ڪري انهن مهينن ۾ اچي ديرو ڄمائين ٿا.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more