پوڙهي جو خواب - تحرير: بلوچ صحبت علي





هي هڪ پوڙهي شخص ( جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 60 سال آهي) جي ڪهاڻي آهي. گوڏ ٻڌل، پهراڻ ڦاٽل، پيرين اگهاڙو، وار وکريل، هلڪي اڇي ڏاڙهي، ڦٽ پاٿ تي چپل سيراندي ڪري ليٽل آهي. هي پوڙهو صبح کان مزدوري جي انتظار ۾ ويٺو آهي. انتظار ڪري ڪري نيٺ هو اُتي ئي پنهنجا چپل سيراندي کان ڪري ليٽي پوي ٿو. ليٽڻ سان ئي هو خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

 هو اگهور ننڊ ۾ سوچي ٿو ۽ پنهنجي ماضي ۾ غم ٿي وڃي ٿو. هن جي سوچ هن جي جنم ڀومي ڏي  هن کي ڇڪي وٺي وڃي ٿي.  هو هڪ غريب هاريءَ جي گهر پيدا ٿئي ٿو. جنهن جو پنهنجو هڪ ويسو به نه آهي. هو ان ئي گهر ۾ وڏو ٿئي ٿو، اسڪول وڃڻ جيڏو. هن جي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول ڪونهي، هو چار پنج ميل پنڌ ڪري، پريان پير پُنهل وارن جي ڳوٺ ۾ هڪ اڌو گابرو پرائمري اسڪول آهي. جنهن ۾  بينچون، ڪرسيون نه  ٿيون ملن پر اُتي گڏهه ٻڌا پيا آهن، پر پوءِ به ڪجهه ڇوڪرا ڪلاس جي ٻاهر وڻ جي ڇانو تي استاد الهڏني کان سبق وٺي اچن ٿا.


هن جو پيءُ چاهي ٿو ته هي به اسڪول وڃي . هي پرائمري پاس ڪري ٿو ۽ هاڻي انگريزي لاءِ شهر جي اسڪو ل جو رُخ ڪري ٿو. جتي هن جي داخلا ته ٿي وڃي ٿي پر سماجي اڻبرابري جي ڪري هي ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ٻين ڇوڪرن کي سُٺا ڪپڙا، بهترين بوٽ، نوان ٿيلها ڏسي ٿو ، پيءُ کي چوي ٿو ته هو به هن کي اهڙيون شيون وٺي ڏي پر  هن جو پي هن کي فقط آسرن ۾ رکي ٿو، .هن کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي استاد هن کي گلي جا بٽڻ ٽٽل هئڻ ڪري ڏاڍي مار ڏني هُئي  ۽ هن کي ڪلاس مان به ڪڍي ڇڏيو هئائين، پر ٻي ڏينهن هن جي ماءٌ هن جي قميص کي بٽڻن جي جاءِ کي ڌاڳي سان ٽوپي ڇڏيو هو.

پوڙهو فٽ پاٿ تي ننڊ پئجي ويو آهي، هن جي سوچ وري به هن جي ڳوٺ ڏي وڃي ٿي. ڳوٺ جو زميندار  هن جي پيءُ کي قرض نه ڏيڻ تان ٻڌرائي ڇڏي ٿو. پوليس جو هن جي پيءُ تي تشدد ٿئي ٿو. هي پنهنجي پيءٌ کي اسپتال کڻي وڃي ٿو. اسپتال ۾ ڊاڪٽر هن جي پيءُ ڏي ڪو به ڌيان نه ٿا ڏين. هن وٽ دوائن جا پئسا ڪونهن. هن جي ماءُ پنهنجو ورثي ۾ ميل ٿورو گهڻو سون کپائي، هن جي پيءٌ کي پوليس جي چنبي مان آزاد ڪرائي، هن جو اعلاج ڪرائي ٿي.  پر هن جا زخم ناسور بڻجي وڃن ٿا ۽ هن جو پيءُ مري وڃي ٿو. هن جي وڏي ڀيڻ ۽ هن جو ننڍو ڀاءُ ان واقعي تي ڏاڍو روئن ٿا، هي به روئي ٿو پر سڀ لاچار ۽ بيوس آهن.

هو هاڻي پڙهائي ڇڏي ڇولا کپائي ٿو، ڇولن مان هنن جو گذران نه ٿو ٿئي. غربت جي ڪري پاڙي وارا به هنن کان بيزار ٿي وڃن ٿا. هن جو سڳو مامو جيڪو بئنڪ ۾ آفيسر آهي پر اهو به هنن کان لاتعلق ٿي وڃي ٿو.  هن جي ماءُ به ڳڻتي ۾ وٺجي وڃي ٿي.  آخر هو ذهني مريض ٿي وڃي ۽ رڙيون ڪري ڪري مري وڃي ٿي. هن جي ڀيڻ تي ڪاريءَ جو الزام لڳي ٿو ۽ هو به خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي. هن جو ننڍو ڀاءُ ضرورتن جي پورائي لاءِ چوري ڪري ٿو. پر چوري ڪندي پڪڙجي پوي ٿو ۽ گرفتار ٿي وڃي ٿو  ۽ پوليس جوقهري عذاب هن تي ڪري ٿو. پوليس هن کان پئسا گهري ٿي پر هن جي انڪار تي پوليس ، پوليس مقابلو ڄاڻائي هن جي ڀاءُ کي به مارائي ڇڏي ٿي ۽ وڏا انعام اڪرام ۽ ترقيون ورتيون.

هي پاسو ورائي ٿو. سوچي ٿو، شادي ڪري ٿو، هن جي گهر واري اڻ پڙهيل  آهي. گهر ۾ ڪجهه به ناهي. هوءَ به هن کي ڇڏي وڃي ٿي. هن جا ٻه ٻار آهن ٻئي پُٽ جيڪي هن جي گهرواري پاڻ سان وٺي وڃي ٿي.  هاڻي هي  سوچيندي سوچيندي ننڊ پئجي وڃي ٿو. هي ننڊ ۾ آهي، هي هڪ عجيب خواب لهي ٿو.  نئون حڪمران اچي ٿو. مهانگائي ختم ڪري ڇڏي ٿو. اٽو، گيهه، چانور، دال، هر فرد لاءِ ويلي ۾ پاءُ مفت ۾ ڏيئي ٿو. خوشحالي ٿئي ٿي، برساتون وسن ٿيون، ڪچا گهر ڊهرائي غريبن لاءِ نوان پڪا گهر ٺهرائي ٿو. تعليم مفت ڪري ٿو. ڪتاب مفت ۾ ماڻهن کي ملن ٿا. تعليم جو معيار وڌي ٿو. ٻار ڊگرين لاءِ نه علم لاءِ پڙهن ٿا.

اونداهو دور ختم ٿئي ٿو. روشني پنهنجا پر پکيڙي ٿي. 18 سالن کان مٿي جي نوجوانن کي روزگار گهر ويٺي ملي ٿو. آرڊر ٿين ٿا. بي روزگاري ختم ٿئي ٿي. غربت جو وجود  نيس و نابود ٿئي ٿو. ماڻهن ۾ محبت وڌي ٿي. نوجوان، چوريون، ڌاڙا، ڦرون نه ٿا هڻن. ڪو به ڌاڙيل نه ٿو ٿئي . ڪو به ڏوهه نه ٿو ٿئي. سالن ۾ ڪا به ايف، آئي ، آر، نه ٿي ڪٽجي. ٿاڻان ويران ٿي وڃن ٿا. آخر  ٿاڻان ختم ڪيا وڃن ٿا. پوءِ هيڊ ڪواٽر ختم ڪيا وڃن ٿا. ۽ آخر ۾ وري سڄو پوليس ڊپارٽمينٽ ختم ٿئي ٿو. انهن پوليس وارن کي نوڪري مان لاهي بيروزگار نه ٿو ڪيو وڃي پر انهن کي هن ملڪ جي اها سرزمين جيڪا ويران پيل آ، ان کي آباد ڪرڻ جو حڪم ملي ٿو. ان اپُائجي ٿو، باغ پوکجن ٿا. ڀاڄيون ٿين ٿيون. هر طرف ساواڻ ئي ساواڻ آهي.

مُلڪ ۾ ڪنهن کي به ڪئنسر ڪونهي . دوائون مفت ۾ ملن ٿيون. بيمارن جو اعلاج ٿئي ٿو. مريض شفاياب ٿي وڃن ٿا. اسپتالون ويران آهن. رهڻ ڪهڻ جو معيار وڌي وڃي ٿو. هاڻي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ملي ٿو. ڪنهن کي به پيٽ جي بيماري نه ٿي ٿئي. ڪو به بخار ۾ نه ٿو وٺجي. ڊاڪٽر اسپتالن ۾ اٻاسيون ڏين ٿا. انهن کي نوڪري تان نه ٿو لاٿو وڃي. سواءِ چند ڊاڪٽرن جي انهن کي پاڻي صاف واري پلانٽ، کير،  ۽ شربت ٺاهڻ وارن ادارن  ۾ رکيو وڃي ٿو. ۽ اسپتالون به ويران آهن. ملُڪ جي سڀني وڪيلن کي فلاحي ادارن ۾ ضم ڪيو ٿو وڃي. هر پاڙي ۾ فلاحي ادارو 24 ڪلاڪ  ڪم ڪري ٿو. اهي ماڻهن جا ننڍا وڏا مسئلا حل ڪن ٿا. ۽ جج وري انهن جي نگهباني ڪن  ٿا. انجينيئر ڏينهن رات محنت ڪري خوبصورت عمارتون، بهترين ڊرينيج سسٽم ۽ انتهائي خوبصورت اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. انهن ادارن ۾ شاگردن لاءِ سزا جو رواج به نئون آهي ته هو هڪ ڏينهن لاءِ اداري مان شاگرد کي ڪڍي ڇڏين ٿا، جيڪي اداري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تڙپن ٿا.  اهي ڇوڪرا جيڪي اڻپڙيل ۽ بيروزگار آهن انهن کي فيڪٽيرين  ۾ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. سيمينٽ ٺهي ٿو، گهر ٺهن ٿا، ائين ملڪ ۾ ڪو به ڪچو گهر نظر نه ٿو اچي.

هاڻي هن مُلڪ ۾ ڪوڙن، ٺڳن، ۽ بدمعاش سياستدانن جي ضرورت ناهي. انهن جو ڪم هاڻي وري شاعرن، عالمن، اديبن ۽ ڏاهن سنڀالي ورتو آهي. ۽ هاڻي هتان جا مفڪر ئي هتان جي سچا سياستدان آهن. شاعر ڌرتي تي گيت لکن ٿا. ڪهاڻيڪار پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکي ماڻهن ۾ محبتون ڦهلائن ٿا. ان ڪري معاشري ۾ هڪٻئي لاءِ محبت ۽ ڀائيچارو آهي. اخبارن ۾ پيار جا قصا وري ڇپجن ٿا. هن دور جي سسئي ، سهڻي، نوري  جون ڪهاڻيون نئين انداز ۾ لکجن ٿيون. اخبارن ۾ ڪا به ڦر، خون، ڌاڙي ۽ ڪارو ڪاري جي خبر نه ٿي لڳي. روڊ ويڪرا، انڊر گرائونڊ ناليون، ۽ ڊبل ٽريئڪ ٺهن ٿا. هر ماڻهو باشعور آهي. ڪو به سگنل نه ٿو ٽوڙي.

ماڻهن ۾ هڪٻئي لاءِ عزت ۽ احترام جو دائرو وڌي وڃي ٿو. عالم ۽ مُلا محبت جي تبليغ ڪن ٿا. پيار جو پرچار ٿئي ٿو. انهن جو هڪڙو ئي فرقو آهي. اهو آهي محبت. اهي محبت جو درس ڏين ٿا. نتيجي ۾ ماڻهو ننڍن سان پيار، ۽ وڏن جي عزت ڪن ٿا. ڪا به اوچ نيچ نه آهي. ڪو به ڪنهن کي شيڊيو ڪاسٽ نه ٿو چئي. هتي ڪو به ڪنهن کي “اقليتي برادري” وارو ڪڌو لفظ ڪتب نه ٿو آڻي. اسڪول سڀ سرڪار جا آهن. هتي ڪو به خانگي اسڪول نه آهي.  هتي سڀني جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهن ٿا. تعليم سڀني لاءِ برابر آهي. هتي ڪابه ٽيوشن وغيره نه آهي. هتان جا ٻار به ڏاڍا خوش آهن.

اوچتو هن کي هڪڙي  لت لڳي ٿي، وري ٻي، زوردار لت لڳي ٿي. 
”اٿُ ڙي اُٿ“ . 

هي ڇرڪ ڀري اُٿي ٿو. اکيون مهٽيندي مٿي ڏسي ٿو. پوليس وارو هن جي مٿان بيٺو آهي. 

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت