ميلي ۾ به اڪيلو - عبدالجبار ”جوش“



تنهنجي ميلي ۾ به اڪيلو
آيو آ ڪو شخص اويلو
ڇرڪي بيٺل سواريءَ کان ٿو.
يا ته ڊڄي ڪنهن مارئي کان ٿو
مست قلندر لعل قلندر
تنهنجي اُجري ننگري اندر
جاءِ ڪٿي ڪا تاڙي پيو ٿو.
خيالن جي کٽ واڻي پيو ٿو.
هن کي ماني ڀور کپي ٿو.
پاڻي يا ڪجهه اور کپي ٿو!
راهه مسافر اُلجهي پيو آ
يا گهر پنهنجو ڀُلجي پيو آ.
هن کي ڪو گهر ٻار به هوندو
پٺ تي الڪو ڌار به هوندو.
ها پر مون کي اِيئن لڳي ٿو.
ڀاءُ سڳو پيو جيئن لڳي ڪو.
آهي ڌرتي ديس به ساڳيو.
ٽوپي اَجرڪ ويس به ساڳيو.
سنڌڙيءَ جا شهباز قلندر
هن کي ڏي آواز قلندر.
”جوش“ نه هن کي هوش نه هُن کي.
هن سان ڪائي ويڌن آهي.
تنهنجي ميلي ۾ به اڪيلو.
آيو آ ڪو شخص اويلو.

عبدالجبار ”جوش“

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت