لطيف جو سُر ڪارايل - حافظ محمد بخش خاصخيلي
لطيف
جو سُر ڪارايل
حافظ
محمد بخش خاصخيلي
”ڪارايل“
جي ڪوڏ، مون ”ڪينجهر“ گهڻا نِهاريا.
وري
واهٻيري نه وريا. ”لَلَا“ لاکيڻيءَ لوڏ،
هِنيٻين،
جني سين هوڏ، سي، ”هَنجڙا“ سڀ هلي ويا.
(شاهـ)
1.
لَفظ، ڪارايل تي ٿورن عالمن ڇَنڊ ڇاڻ ڪئي آ،
بدقسمتيءَ سان، پهريون مفسرن (1) ڊاڪٽر ٽمپ، (2) ڊاڪٽر سورلي ۽ (3) ڊاڪٽر
گربخشانيءَ هِن سُر کي پنهنجن رِسالن ۾ داخل نه ڪيو.
جن
لطيف جي زمان ــ اُن زماني ۾ سياسي اُٿل پُٿل، سِنڌ جي معاشي صورتحال ۽ معاشري تي
سُٺي روشني وڌي هئي.
انهيءَ
زماني جي لڳ ڀڳ ٻين عالمن (1) مرزا قليچ بيگ ۽ (2) مولانا دين محمد وفائيءَ به هن
سُر تي چٽو رايو نه ڏنو.
ان
کان اڳ وارن عالمن (1) مولانا محمد اِبراهيم جو قلمي رسالو 1934ع وارو. (2) نور
الدين پٽُ جيوا خان تاجي 1306هه وارو رسالو (3) قاضي عبدالڪريم پٽُ نور محمد
پندريجي وارو ڪريمي ڇاپو 1329هه وارو رسالو (4) مولانا عبدالرحمان پُٽ حافظ محمود
بمبئيءَ وارو جو لطيف کان هڪ صدي پوءِ وارو رسالو. (5) فقير محمد قانع پٽ قاضي علي
بخش روهڙي وارو جو مرتب ٿيل شاهـ جو رسالو (6) ٻن گمنام عالمن جا قلمي رسالا ۽ (7)
ويندي گنج شريف ۾ رڳو ”سُر ڪارايل“ ملي ٿو، جَن ۾ لفظ ڪارايل جي ڪابه معنيٰ ڏنل
ناهي. پوءِ وارن عالمن مان (1) مرحوم غلام محد شاهواڻي ۽ (2) مرحوم ڪلياڻ آڏواڻي
هِن سر جو تزڪرو ڏين ٿا جن لفظ ”ڪارايل“ جي معنيٰ مور ۽ هنج ڏني آ ــ پر ــ انهيءَ
”مور“ يا هنج مان، مونجهارو پيدا ٿيو پوي ــ ته ٻنهي پکين مان “ڪارايل” هَنج يا
مور ــ ڇو ته ٻنيه پکين جي ذات جدا آهي ..
افسوس
اٿم، ته ويجهڙائيءَ وارن عالمن (1) مرحوم عثمان علي انصاري، (2) مرحوم علامه دائود
پوٽي (3) سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ۽ (4) شيخ اياز صاحب جن جا مرتب ڪيل شاهـ
جا رِسالا، اڃا حاصل ڪري نه سگهيس ــ جنهن ڪري انهن جو رايو نٿو لکي سگهان. انهن
عالمن، ضرور هن لفظ ”ڪارايل“ جي معنيٰ ڏني هوندي.
2.
انهيءَ ڳالهه کانسواءِ، هاڻي ويجهڙائيءَ وارن
سالن کان پوءِ اهو رايو، سائين حميد سنڌي جو هيو ــ يا ٻئي ڪنهن عالم جو، جن هر
سال لطيف جي ميلي تي، ڪنهن به لطيف جي هڪ سُر کي چونڊي سِنڌ جي اديبن ۽ عالمن کان
اُن سُر جي لفظ ۽ سُر جي پس منظر بابت (هِن لطيف جي اڱڻ تي) ڳالهه، ٻولهه ۽ ڇَنڊ
ڇاڻ جو رواج وڌو. جيڪو بيحد ساراهه وارو قدم آهي. جنهن مان اسان گهڻو ڪجهه پِرايو
آهي. مان حميد سائينءَ ۽ ٻين عالمن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان، ته اهڙو ساڳيو دستور،
سَچَل سائين جي نون سرن لاءِ به دعوت فڪر ڏئي ته ڏاڍو ڀَلو ٿيندو. ڇو ته وقت
تيزيءَ سان هٿ جي وِٿين مان نڪرندو ۽ ڀڄندو ٿو وڃي ۽ پوءِ وارا عمر رسيده عالم
ڪونه ملندا. منهنجي لاءِ سڀ بزرگ هستيون آهن. ڪنهن جا نالا لکان.
اهڙا
استاد وري ڪرمين ملن ڪاپڙي ــ ڇو؟! اِها ضرورت آهي. لفظ ”ڪارايل“ جي پس منظر پيش ڪرڻ لاءِ ــ .. ! ــ او نوجوان
اديبؤ! نيئن سِنڌ کي اڏيندڙؤ ــ اسان جي ايندڙ وقت جا وارثؤ، ٿورو وقت اَٿوَ. ڪجهه
هِنن عالمن کان سکي وٺو ــ هِنن عالمن پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ڪينجهر ۾ ڪنُ ڪيئن
پيو؟ هنجن جي جاءِ ڪنگن ڪيئن والاري؟ اڇو ۽ پاڪ پاڻي لڙو ڪيئن ٿيو؟ ۽ اهي پاٽوندڙ
ڪير آهن، اهي ڪنگ ڪير آهي ۽ اهي پاڙهيري ڪير آهن؟ انهن جا استعارا، ڪِنايا،
تشبيهون ۽ اصطلاح اهي ئي عالم توهان کي ٻُڌائيندا. هيءُ سُر ”ڪارايل“ جيئن، قرآن
مجيد ۾ ننڍي ننڍي سورت ”ڪوثر“ آهي، تيئن لطيف جي ٽيهن ئي سُرن ۾ ننڍي ۾ ننڍو سُر
آهي.
هن
سُر ۾ ڪُل 24 بيتن کان مختلف رسالن موجب 57 بيت آهن ۽ هڪ وائي ــ هِن سُر ۾ ٻَه سؤ
لفظ نوان آهن. جيڪي پنهنجي پنهنجي سُڃاڻپ ۽ معنيٰ گُهرن ٿا.
هن
سُر ۾ لفظ (1) ڪينجهر (2) لفظ هَنجَ ۽ مور (3) ضد ۾ ڪنگ ۽ ٻَگهه (4) مڇي ۽ درڙا
(5) ڪوڏ ۽ موتي (6) شِڪاري ۽ مَاري ۽ ٻئي فَصل ۾ هِڪ ٻئي جي ضِد ۾ ناگن جا ٻه روپ
۽ هِڪ ماريندڙ نانگ کي ناس ڪندڙ گاروڙين جو اصطلاح طور ذڪر ٿيل آهي. اهي اهڙا چِٽا
اصطلاح آهن جن جي جڏهن شرح ٿي لکجي ته:
شرح
دردِ دل نويسم، گر بَروئي کاغذي،
بَاهه
جا اولا ڪندي، ڪاغذ سَڙي ويندو مگر.
3.
ضرورت آهي سڄيءَ دنيا جي فڪرن، عالمن، تاريخدانن
۽ سياستدانن کي لطيف جي هِن ”سُر“ جي شرحُ ٻڌائڻ جي.
اي
اديبؤ! عالمؤ!! حضرت لطيف هِن سُر ۾، سِنڌ جي تشريح پيش ڪئي آهي. (1) ڪينجهر سنڌ
جي سر زمين جي هڪ ڍنڍ آهي. ان مان مراد سِنڌ ڌرتي آ ــ (2) هِن ڪينجهر (سنڌ) جو
جَلَ آبِ حيات، آبِ ڪؤثر آهي. (3) اُن جَل تي پلجندڙ پکي هَنجَ، مور ۽ لَلاَ پُر
امن پکي يعني پُر امن، محبت وارا ماڻهو آهن. (4) ڪينجهر ۾ موتي ۽ پٿون پاڪ ۽ پوتر
خوراڪ (نعمتون) آهن. (5) ٻَگها ۽ ڪنگ بدنيت ۽ ڪِني مڇي کِکي کائيندڙ ۽ جَر کي ڪِنو
ڪندڙ، تخريبڪار ۽ تاڪائو پکي آهن.
لطيف
جي زماني ۾ ڌاريا، ارغونن ۽ ترخانن جي روپ ۾ سنڌ تي مغل قابض هئا. جيڪي ٻگهن ۽
ڪنگن جي عادتن وارا هئا. جَن سڄي ڪينجهر کي ڪنو ڪري ڇڏيو هيو. چوڌاري دهشتگردي
هئي. امن پسند پکي يعني هنج ۽ مور ٿوري وقت لاءِ ماڳ مَٽي ويا هئا. اهو ئي درد هيو
لطيف کي جنهن ”ڪارايل“ جو سُر سَرجِيو.
هاڻ
هِت سوال ٿو اُڀري ته، ٻِئي فصل ۾ حضرت لطيف اِنهن پاڙهيرين ۽ پاٽوندڙن خلاف زمين
اندر تحريڪ جو سڏ ڏئي ٿو. جيهر پاڙهيرين ۽ پاٽوندڙن خلاف زير زمين تحريڪ جو سَڏ
ڏنو ــ جيهر لوڪ جهپ ڪري. تيهر توکي اڏام ڪرڻي آ ۽ پوءِ مارِي ڪجهه نٿو ڪري سگهي.
هن
فصل ۾ نانگ ڪاريهرُ يعني اصيل جو ذڪر به آيل آ. اَصيل، اصل کي چئبو آ. جيڪو اصلوڪو
هجي ۽ ٻيو چُهڙي نانگ جو بيان آهي ــ اسان اڄ به اهڙي گڊي نَسل جي نانگ کي چُهڙو
يا بدخواه يا گڊو چوندا آهيون.
لطيف
سائين اهڙن چُهڙن جي سخت مذمت ۽ تنبيهه ٿو ڪري ــ فرمائي ٿو ته، اَصِيل سان ڇيڙ
ڇاڙ نه ڪريو ــ اَصيل خاموش آ ــ پر، جي هِن کي ڇيڙيو ويو، ته پوءِ هِن جو ڏنگ
ڏاڍو ڏکيو آ. اهو ڏنگ جنهن کي لڳو، سو. يا ته ٺُپ مرندو ــ يا سڄي زندگي صحت لاءِ
سڪندو.
4.
ڪنهن به قوم جو قومي شاعر اهو آ، جيڪو هر زماني
جو تَرجمان هجي ۽ هر وقت جي عڪاسي ڪري ــ
پاڻ
هِن وقت ۾، مان جڏهن سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگردي، مار ڌاڙ ڏسان ٿو ته مون کي حضرت لطيف
جو سُر ”ڪارايل“ ياد ٿو اچي.
اڇو
اجرو پاڻي لُڙو ۽ غليظ ٿي ويو. ڪِٿي آهن انسانيت جا هَڏَ ڏوکي؟! انهن لاءِ هِن
بَدامني، هِن وحشي صورتحال، هِن دهشتگرديءَ جي پيدا ڪندڙن کي سُڃاڻڻ ۽ اُن جو سدِ
باب ڪرڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي.
ڇو
ته هنج (پُر امن) ۽ ٻَگها تخريبڪار گڏ ناهن رهڻا ــ هيءَ ڌرتي (ڪينجهر) هَنجَن ۽
مورن جو ماڳ آ ــ لطيف جو رڳو هيءُ هڪ بيت:
هنجن
سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نِهارئين،
ته،
ٻَگهن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻَڌين ڪڏهين.
ضمير
کي ڪيڏو نه جهنجهوڙي ٿو ــ ڇا ضمير مَري چُڪو آ؟ ڪنگن يا ٻَگهن جي صفت منافِقيءَ
واري آــ
هي
ظاهر ۾ ڏاڍا درويش ۽ ڄوپڙا نظر ايندا،
پَر
اک ڇنڀ ۾ آڏو ايندڙ هر شئي چَٽ،
ٻيو
ته،
ڪنگ
ٿيئي ڪي سال، سدا جالِيندي جر ۾،
ٿيو
بَگا بَتال، مُڙيو موتين کان وڃين.
(ڪالاريو)
هي
سڀ سُر ”ڪارايل“ ۾ اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ ۾ لطيف سائين سورهيائي سان اسان کي
راهون ڏسي ويو.
اڄ
سموري ڪينجهر (سنڌ) جي صورتحال دنيا وارن جي اکين آڏو آ ۽ اڄ ــ ...
اڇو
پاڻي لُڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندي
لڄ مَرن، تنهن ”سَرَ“ مَٿي هَنجڙا.
هي
فڪر جون گهڙيون آهن.
اسان
کي لطيف کي سَلام ڪرڻو پَوندو. مڃڻو پَوَندو ۽ اُن سان گڏ، لطيف کي سلام ڪرڻو
پوندو. مڃڻو پوندو ۽ اُن سان گڏ، لطيف جي پيغام کي بين الاقوامي سَطح تائين سمجهڻو
پوندو ۽ گڏيل قومن واري حقن جي تحفظ واري چارٽ ۾، اِها ڳالهه منظور ڪرڻي پوندي، ته
دنيا جي مُلڪن جي ڪينجهر (ڌرتي) تان، ٻَگن ۽ ڪنگن کي ڪڍڻو پَوندو.
سڄيءَ
دنيا ۾ اها ڳالهه مڃي وڃي ٿي، ته هَنجَ ۽ مور شريف النفس ۽ پُر اَمن پکيئڙا آهن ــ
ٻئي پاسي، ڪنگ ۽ ٻگها حريص النفس ۽ تخريب ڪار پاٽوندڙ آهن. جن کان هن ”سَرَ“ کي
صاف ۽ پاڪ ڪرڻو آهي.
5.
انهيءَ لحاظ کان سُر ”ڪارايل“ جو پَس منظر ۽
توڙي پيش منظر هِن ريت سمجهڻ گهرجي ــ
(1)
ڪينجهر = پاڪ ۽ صاف ڌرتي،
(2)
جنهن جو پاڻي پَوَتر ۽ اڇو اجرو آهي.
(3)
جنهن ۾ موتي ۽ سچيون سِپون، موراکا ۽ ڏنڀرا آهن.
(4)
جنهن ۾ هَنجُ ۽ مور، پُر امن ۽ سهڻا پکي آهن.
(5)
جنهن سَرَ جتي، سَرَ ڇَر، ساوڪ ۽ سبز خوشهالي
آهي.
(6)
انهيءَ اَڇي اجري ماڳ تي ڪي پاٽوندڙ اچي پيا ــ
(7)
اهي پاٽوندڙ آهن، کِکي کائڪ، درڙن لاءِ دُٻن ۾
ديد رکڻ وارا ڪانئر، ڪنگ ۽ ٻَگها ــ
(8)
ڪنگن ۽ ٻَگهن ڪينجهر جو پاڪ پاڻي، ميرو ۽ ڪِنو
ڪري ڇڏيو آ.
(9)
اصطلاح ۾، ڪنگ ۽ ٻَگها، دهشتگرد، لُٽيرا ۽ ڌاڙيل
آهن.
(10)
هنج ۽ مور پُر امن ماڻهو آهن.
ٻئي
فصل ۾ ــ
(1)
کپر، چهڙا ۽ ڪَڇَرَ قسم جا گڊا نانگ نِڪري چُڪا
آهن.
(2)
اصيل ڪاريهر خاموش آهي.
(3)
گاروڙي اها صورتحال ويٺو ڏسي.
”نتيجو“
گاروڙي
آخر موزي جانورن جي مُنڍي مروڙيندو ۽ انهن جي ٻرڙ تي لت ڏيئي انهن کي ناس ڪري ڌرتي
صاف ڪندو. ٻئي پاسي، ڪو شهباز ايندو ۽ هي ڪانئر ۽ ڪنگ ۽ ٻَگها مات ٿيندا ۽ پوءِ
ساڳئي سَرَ کي مور ۽ هنج سَرَهو ڪندا ۽ ماڳ ماڻيندا ــ يعني هنج حضور پهچندا، جنهن
ويساهه ۾ هنج ڦاسي پيا هئا، اهي ڊٻيون ڊَهي وينديون ۽ دَلبا دؤرٿيندا.
6.
هنجن ۽ مورن کي حضرت لطيف حضوري سڏيو آ ــ پُر
امن اِنسان ئي ”حضور“ ماڻيندا.
7.
روحاني راز
(1)
سڀ کي اِنسان اندر ۾ جهات پائي، هَنجَن ۽ مورن
واري عادت اختيار ڪري.
(2)
ٻگهن سان ٻيلهه نه ٿئي ــ ٻگهه يا ڪنگ نجس کائڪ
آهن. نفسِ اماري کي مات ڪري، نفسِ مطمئن بڻائڻ آهي ــ هنج نفس مطمئن آهي.
اِنسان
”چِلُر“ ۾ (ڏوهن ۾) چهنب نه هڻي. ته جيئن لطيف جي هِن ڏوراپي کان بچي وڃي ته:
هَنج
وڃايئي حال، دڙن لاءِ دُٻن ۾،
مڇي
ڪهڙو مال؟ جنهن تي هنج هر کئين.
Comments
Post a Comment