Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

مالي جي موهيندڙ ماحول ۾

 

 

مالي جي موهيندڙ ماحول ۾

 

 روڊ جي ٻنهي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ هئي. هن پاسي کان آر- 7 روٽ جي بس اچي رهي هئي. هر شي نظم و ضبط سان هلي رهي هئي. مناسب جاين تي بس اسٽاپ جا نشان لڳل هيا. ماڻهو اتي ئي بس اسٽاپ تي بيٺا هيا. ڪنهن به ٻي جاءِ تي نه بس بيٺي ۽ نه ئي وري ڪٿي ماڻهو بس اسٽاپ کان علاوه بيٺل نظر آيا. ڪمال جي پلاننگ هئي. ساوڪ، ساواڻ، ڇٻر، وڻ ٽڻ ٻوٽا، پارڪ، شاپنگ سينٽرن، دڪانن ۾ شاندار صفائي. صفائي اڌ ايمان آهي. انهن تي هنن ماڻهن ئي عمل ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي وڏا خوبصورت پارڪ نظر آيا.

هاڻي اسان سمونڊ ڪناري، ايئرپورٽ جي پاسي تان لنگهي رهيا آهيون. سمونڊ جون زوردار ڇوليون، پٿرن سان ٽڪرائجن پيون. ڇولين جو شور ڪنين پئي ٿو. روڊ جي ٻنهي پاسن کان سولر جون پليٽون لڳل آهن. ڪلو ميٽرن تائين سولر جو لڳل هجڻ اسان لاءِ حيرت جي ڳالهه آهي. اڳيان زبردست پل آهي. پل تي ٿوري گهڻي ٽريفڪ جام ٿئي پئي. جنهن جو سبب ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ روستي ۾ سگنل لڳل آهي. روڊ تي ڪارون، اسڪوٽيون، سزوڪيون، بسون، ٽيڪسيون هلي رهيون آهن. روڊ جي پاسن کان کجين جا ۽ ناريلن جا ڊگها ڊگها وڻ جهڙالي موسم جو ڪارڻ بڻجي ٻاهرين موسم کان علاوه اندر جي موسم ۾ پڻ بهار ۽ ملهار بڻجي اچي رهيون آهن.

اڳيان وري به سامونڊي ڪنارو هيو، ٻيڙيون، جهاز، ڪروز، فاسٽ بوٽ تمام گهڻي انگ ۾ نظر آيا. ماڻهن جو انبوهه پڻ نظر آيو، شايد بندرگاهه هيو يا ڪو منهوڙو وغيره. سامونڊي ڪناري تي تمام وڏا پٿر رکيل هيا، جن تي مختلف نمبر سفيد رنگ سان پينٽ ٿيل ٿيا. هاڻي اسان Marry brown shop, 5-G on Kolla Bus Terminal تي بيٺا آهيون. پر هي آخري اسٽاپ نه آهي. بس کي اڃان اڳتي هلڻو آهي. هي Pick Post Station آهي. هتي بس پنجن منٽن جو اسٽاپ ڪيو آهي. هن کان اڳتي Male fire station 118 به نظر آئي. ان کان بس کاٻي پاسي مڙي پئي. اسان مالي شهر پهچي چڪا هياسين. مالي شهر ۾ هر ٿوري مفاصلي تي سائن بورڊن تي قرآن پاڪ جون آيتون لکيل آهن. هن بورڊ تي سبحان الله بحمده جو بورڊ لڳل آهي. هتي ناريل جا ڪيترائي وڻ نظر اچن ٿا. هڪڙي فيملي ڪورٽ به سامهون نظر آئي.

هي اسان جي بس جو آخري اسٽاپ آهي. هتي سڀ لهڻ لڳا. ڪنڊيڪٽر ٻڌايو ته هي ئي آخري اسٽاپ آهي مالي جو. اسان اتان پنڌ هلڻ لڳاسين. اسان جي ڪا به منزل نه هئي. ڪو به شيڊيول نه هيو ته هلڻو ڪاڏي آهي. ڪرڻو ڇا آهي. ڪو به هوم ورڪ ٿيل نه هيو. سڄو اسان جنيد تي انحصار ڪيون پيا، پر هن وٽ به ڪو روڊ ميپ نه هيو. سامهون کان پوليس اسٽيشن هيو. جنهن جو نالو Maafannie Police Station Shaheed Hussain Adam Building نظر آئي. هن جي اڳيان مالديپ جو خوبصورت جهنڊو ڦڙڪي رهيو هيو. اسان جي دوست سائين مختيار سمون صاحب ان پوليس اسٽيشن جي اڳيان ڪجهه ڦوٽو ڪڍرايا ته جيئن هو پنهنجي ڀاءُ عرفان سمون صاحب کي موڪلي سگهي.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more