رُڃ ۽ محبت جو روح - چندر ڪيسواڻي


رُڃ ۽ محبت جو روح
(بلوچ صحبت)

چندر ڪيسواڻي


ڪراچي جي سڀ کان وڏي ادبي نرسري ”سنڌي ادبي سنگت“ جي منچ تي جن نون شاعرن اٿندي ئي پنهنجي شخصيت /شاعراڻي اڏام ۽ ورتاءُ جو ڌاڪو ويهاريو، انهن ۾ بلوچ صحبت جو نانءَ به شامل آهي. 


گذر سفر جي معاشي دٻاءُ ۽ حد کان وڌيڪ کنيل ذميوارين، توڙي جو صحبت جي شاعري جي سفر ۾ رڪاروٽ جي شڪل وٺي رکي  آهي، پر هن خوبصورت ۽ حوصلي ڀرئي سنگتي پنهنجي شاعراڻي سفر جي هر گس تي فڪري سگهه ۽ مشق وسيلي شاعري جي سونهين جيان انهن رڪاوٽن کي عبور ڪيو آهي. سندس شڪل شبيهه ۽ چپن جي ٻيڪڙيل ڪنارن ۾ ورتل سگريٽ ڦوڪڻ جو انداز کيس اپ کنڊ جي من موجي ۽ نرالي شاعر ”ساحر لڌيانوي“ سان برميچجي ٿو. ساحر جيان صحبت به پنهنجي شاعري جي شروعات غزل جهڙي ڏکئي صنف سان ڪئي، هڪ اهڙي صنف جنهن هر دور ۾ نون ۽ سيکڙاٽ شاعرن جي شاعراڻي مان مريادا جو بچاءُ ڪيو آهي. سيکڙاٽ شاعرن جي شاعراڻي شوق جي پوئواري ۾ غزل اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪندي کين حوصلو ڏنو آهي، صحبت کي به غزل سان گڏ سفر ڪندي پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي پڌري ڪرڻ جا چڱا خاصا موقعا نصيب ٿيا آهن. پر صحبت اوچتو دڳ مٽائي نثر جي انداز ۾ لکيل سهنجي ۽ سولي صنف نظم طرف ڪهي آيو آهي. صحبت جو ڪتاب ”تو کان پوءِ“ سندس نظمن جو ڳٽڪو آهي، پر صحبت اڳ غزل، وائي  ۽ بيت کي به نهيات سهڻي انداز ۾ تخليق ڪيو آهي ان حوالي سان ڏسجي ته صحبت شاعري جي اظهار واري مامري ۾ ڪنهن خاص صنف يا ان جي اثر ۾ قيد نه آهي. خيال جنهن سٽاءُ ۽ صنف ۾ نازل ٿئي هون به شاعر جي موزون طبيعت، لاڙي ۽ مزاج جو ڏيک هجي ٿو ۽ خاص طور تي اهڙن شاعرن جو جيڪي پنهنجي شاعري ۾ اڃان لائن آف ايڪشن مقرر ڪري نه سگهيا آهن، اسان لاءِ اهو سٺو سنوڻ آهي ته اسان جو دوست صحبت پنهنجي اندر جي هورا کورا، اڻ تڻ ۽ بياباني کي اظهار جو آزاداڻو موقع ڏيئي ٿو. صحبت جي نئين ڪتاب ”من صحرا صحرا“ ، صنف،  موضوع توڻي فارم جي حوالي سان اسان لاءِ اهو فيصلو آسان ڪري ڇڏيو آهي ته صحبت نظم جي ڀيٽ ۾ گيت ۽ غزل جو وڌيڪ سٺو  ۽ پختو شاعر آهي:
تنهنجا نيڻ ڪٽورا ساجن،
منهنجو من آ صحرا صحرا.
پورن ماسي ۾ ڪيئين ملبو،
چنڊ جا توتي پهرا پهرا.
ستل سور جاڳائي ويئڙا،
ڪنهن جي بين جا لهرا لهرا.
هڪڙي ڊگهي جاڳ پڄاڻان،
نيڻ هي ”صحبت“ ڳهرا ڳهرا

 صحبت جي شاعري بنيادي طور تي سئولي اظهار ۽ سادگي جو ڀرجهلو آهي،  پر شاعري زندگي جي جنهن پراسرار محويت جي ڳولائو رهي ٿي ، ڪٿي ڪٿي ان جا چِٽ به هن جي شاعري ۾ نظر اچن ٿا. دراصل هي ئي  اهو هنر آهي جنهن وسيلي صحبت جي شاعري ۾ نون امڪانن جي اميد برقرار رهي ٿي. هن شاعري ۾ جتي رومانوي گهڙيل جذبا پسجن ٿا،  تِتي سندس اندر جي سٻاجهڙائپ ۽ خلوص به بيحد چٽو ۽ نمايان نظر اچي ٿو. سندس اکين جي ڍنڍ ۾ لهرن ورتل خواب ساڀيان جي ڪناري لڳن ٿا، جڏهن هو محبت جو اڻميو ونجهه کولي ڇڏي ٿو؛
 
سون سارو بدن رُڳي آهي،
هوءَ ته موتين جي ڄڻ ڇُڳي آهي،
باک آ ۾ پُسيل بدن هن جو،
چنڊ جي چاهه هن چُڳي آهي.
پاڻ خانه بدوش ٿي ويا هون،
پنهنجي ڪاٿي نه ڪا جُهڳي آهي.

ڳرين مشينن جو شور، شهري رويا ۽ اڻوڻندڙ شهري قدورن کڻي زندگيءَ جي ڪيڏي به شڪل مٽائي ڇڏين ، حياتي ۽ ڪائنات جا مسئلا به کڻي اڻڳڻيا ۽ ڪا رُکي  شڪل  اختيار به ڪن ، پر هن جهان جي وجود ۾ صحبت لاءِ بهرحال  مُک حيثيت وري به ”محبتي مونجهارن ۽ دل جي اٽڪڻ“ کي حاصل رهي آهي. صحبت تابڪاري جي هن عهد ۾ ڇيهون ڇيهون ٿيندي به ڄڻ اڃا هڪ مثالي محبت جي تڪميل جو گهرجائو نظر اچي ٿو:
تنهنجو ماڻي شباب آياسين،
ڄڻ ڪمائي ثواب آياسين.
تنهنجي پاڙي ۾ پيرڙا پائي،
ڀوڳي ڪيڏا عذاب آياسين.
پاڻ تي تهمتون مڙهيون دنيا،
ان ڪري ٿي خراب آياسين.
اسانجي دور جو هڪ الميو يا  مشڪري هي به آهي ته جيترا شاعر هن وقت سنڌ جي منظرنامي تي موجود آهن، انهن جي اڪثريت شاعري کي محض ڪم ٽپائڻ ، وقتي دلپشوري ۽ شوق جو وهنوار سمجهن ٿا. انهن شاعرن کي ڪنهن به قسم جي محنت، سکيا ۽ شاعري جا گُر سمجهڻ جي گهرج محسوس نه ٿي ٿئي، جڏهن ته بيٺل،  پختو ۽ شاعراڻي صلاحيتن جو ڪلاڪار ڪو شخص سڀ کان پهرين استاد/رهنما جو ڳولائو ٿئي ٿو ته جيئن کيس صلاحيت کي صاحب نظر گُرو کان جلا ملي. هو ته  شاعري کي علم سمجهي ٿو ۽ علم رڳو استاد جي صحبت ۾ ئي پوراڻتا ماڻي ٿو. صحبت شاعري کي پورو وقت ته نه ٿو ڏيئي پر اها کيس ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته گرو جي صحبت ۽ سکيا بنان شاعري جو فيض ماڻي  نه ٿو سگهجي. صحبت جو گرو  محترم ”بشير سيتائي“ پاڻ به شاعري جو ڌڻي ۽ لائق شخص هو، جنهن نه رڳو صحبت جي سڀاءُ کي  رنڱي، رچائي کيس شاعراڻي گس تي لاتو، پر سندس مزاج ۽  خيالن کي به ٺپي سهڻو ۽ دلڪش بڻايو. اهو شايد بشير سيتائي جي اثر  ۽ فڪر جو ڪمال آهي جو صحبت رواني سان اردو لفظن جو  به بيجا واهپو ڪندي پنهنجي شاعري ۾ گهڻو تڻو استعمال ڪيو آهي، کيس سُڌ رهي آهي يا نه ته هن غزل جي ڪيترن ئي قافين ۾ ٺيٺ اردو لفظن کي کَپايو ۽ کُپايو آهي. هن جي شاعري ۾ مونجهارو آهي، نه ئي وري ڪو فلسفياڻي اوڀار ۽ لنهوار پر سماجي حقيقتن، ڏيکن ۽ لقاءُ جا ڪي مهڙ ضرور آهن. ڏاڍ ۽ جبر جا ڪيئي چِٽ به  صحبت جي ذهن جا بکيا اُڍيڙين ٿا. يادگيرين جي شدت کيس سوالن ۽ وسوسي جي آڏو آڻي ٿي، هن جو اندر اُکلجي ٿو. زندگي خوف جو شڪار ڇو آهي، ۽ سچ  ان خوف هيٺيان ڇو ڦتڪي ٿو، شهر ڏک ۾ ورتل ڇو آهن، ڏک ٽري ڇو نه ٿو، ٻالڪپڻي لاءِ سِڪجي ڇو ٿو، ماحول دونهون دونهون ٿي ويو آهي، زندگي ۾ ايڏي ڪوڙاڻ ڇو ٿي وئي آهي. اهو سڀ صحبت اندر ئي اندر ۾ سوچي ٿو، لوچي ٿو، ۽ مسلسل سوچيندي سندس سڀاءَ ڪٿي ڪٿي ترش ۽ تکو ٿيندي به پسجي ٿو. تکائپ جو اعتراف به هو کليل ۽ چٽو ڪري ٿو:
اڙي آمر! اڙي آمر!، اسان سان تون وڙهي سگهندين،
اسان جي جوش جذبن کي ڀلا آخر پڙهي سگهيندين.
اسان ٻارڻ ٿي ٻرياهون، وڪاڙها ٿي ڪڙهيا هون،
اچي هن قيد ڪوٽن ۾، اسان جيان تون ڪڙهي سگهندين.
هي عجب شاعر آهي،  محبت جي ڪوڙاڻ ۽ ڊوهه کي مڪمل گهرائي پروڙي به ٿو، پر  محبت جي بدصورتي ۽ ڏکاين تي احتجاج کان پاسيرو به نه ٿو ٿيئي، هو زندگي جي ظاهري ڏيک ۽ بگاڙ ۽ ان جي بي ترتيب ٿيندڙن منظرن ۾ وچڙي پرين کي نه ٿو وساري پر محبت جي گُهر کي  پاڻ اڃان وڌيڪ گهرائي ۽ شاعراڻي انگن اکرن سان ڪوري پيش ڪري ٿو. هن شاعري ۾ محبوب کي ٻاڏائڻ، محبت جي اڻهوند ۽ پاڻ ماري مڃائڻ وارو لاڙو حاوي آهي. پرين سان هجت ۽  پيار جا پنڌ به فنا جي ڏس  ۾  جهڙوڪر  صحبت جي شاعراڻي سفر جو ليکو چوکو آهن. مايوسي جو انبار ۽ ٽڙيل پکڙيل خواهشن جو هڪ جهنگ آهي، جيڪو پري پري تائين پڌرو ٿيندي نظر اچي ٿو . هن جي شاعري ۾ بلاشڪ  اُها پختگي به نه ٿي ملي جيڪا رومانوي شاعرن جو هنر وکر ليکجي ٿو. انهي جو سبب شايد اُن پسگردائي  ۽ ماحول جي اڻهوند آهي جيڪا هوند اعليٰ رومانوي شاعري جي احساسن ۽ خيالن کي نوان ويس ۽ نيون معنائون اوڙاهي ٿي.  صحبت جي هن ڪتاب ۾ سندس خيال جي گهرائي ۽ ڪٿي ڪٿي  ته وري بنهه نڪور خيال پڙهڻ لاءِ ملن ٿا.
توڙي جو سندس نظم بيانيه ۽ موضوعاتي آهن پر آءُ کيس صلاح ڏيندس ته هو محسوساتي ۽ ڇهندڙ  آزاد نظم ڏانهن به ڌيان ڏيئي. سندس نظم ”اکين جا پر“ ، ”وجود جا ڇُرا“ ، ۽” اجنبيت جي ڀاڪر ۾“ اهو ڏسين ٿا ته جيڪر هو ان طرف ڪهي آيو ته تخليق جا  شاهڪار  سندس نانءُ سان نشانبر ٿي سگهن ٿا.

صحبت کي مطالعي جو به بيحد شوق آهي. مطالعو ئي سندس شاعري ۾ مددگار بڻجي ٿو. صحبت اعليٰ شاعري تخليق ڪرڻ جي دعويٰ به نه ٿو ڪري، نه ئي کيس ڪو شاعر هجڻ جو تڪبر آهي، پر سندس اندر کي اورڻ جي صلاحيت ۽ فن جيڪو نصيب ٿيو آهي، ان کي اظهارڻ ۾ هو سيبتو، بيحد سنجيده ۽ سلڇڻو آهي. سندس ڪوشش آهي ته هو جيڪڏهن شاعري جو ڪو وڏو تخليقي ڪم نه به ڪري سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ هن  کي هڪ شاعر جي حوالي سان ضرور ڌيان ۾ آڻي.
8.12.2018 تي دادو ۾ ڪتاب جي مهورت واري ميڙ ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ پڙهيو ويو.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت