سخي لعل شهباز قلندر : همراز ڀٽي



سخي لعل شهباز قادر قلندر،
لڳي تنهنجو نعرو ٿو جهر جهنگ قلندر!

نبي جو به دلبر علي جو به دلبر،
حسيني ۽ حسني برابر قلندر!

جهان ۾ بڻيا ڪل قلندر اڍائي،
مليو سنڌڙيءَ کي سراسر قلندر!

مڪان لا مڪان تي آ پرواز تنهنجو،
تون آلِ پيغمبر قلندر قلندر!

اُتر، لاڙ، ڪاڇي سڄي سنڌ وارن،
سڀن تي ڪرم جي نظر ڌر قلندر!

سنڌوءَ کي سڪائڻ جا سعيا ٿين پيا،
هلي آ اچي ڪر ڪا واهر قلندر!

هجي سنڌ سائي ٿين ڊيم رد سڀ،
صدائون هي پوريون سگهو ڪر قلندر!

ستارن جي جهرمر به شرمائجي ٿي،
ڏسي تنهنجي ميلي جا منظر قلندر!

الائي ته ڪهڙي جهٽيو باز بڇڙي،
اڏايم امن جو ڪبوتر قلندر!

هي همراز تو سان سلي سور ڪهڙا؟
تون ڄاڻين ٿو بهتر کان بهتر قلندر!

همراز ڀٽي

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت