Legendary Sindhi Actor Gulab Chandio passes away



گلاب چانڊيو
ويٺي وَر نه پَوَن ، سُتي مِلَن نه سُپِرِين
ليجنڊ اداڪار؛ گلاب چانڊئي جو وڇوڙو

بلوچ صحبت علي
alisuhbat@yahoo.co.uk



سنڌي اداڪار ڪنهن به ريت، اردو، پشتو، پنجابي، سرائڪي، بلوچي ۽ براهوي ٻولي جي اداڪارن کان گھٽ نه آهن. اسان جي سنڌي ڊرامن ۾  جن اداڪارن پاڻ مڃايو، انهن ۾ مصطفيٰ قريشي، نور محمد لاشاري، محمد يوست، فريد بلوچ، منصور بلوچ، صلاح الدين تنيو، شفيع محمد شاهه، انور سولنگي، قيصر نظاماڻي ۽ فهد مصطفيٰ ۽ ٻيا ڪيترائي بهترين اداڪار پنهنجو پاڻ ملهائي ۽ مڃائي چڪا آهن. انهن ۾ محترم گلاب چانڊيو به پنهنجي اداڪاري جي ڪري تمام گهڻي شهرت ماڻي. 


گلاب چانڊئي جو تعلق نوابشاهه ضلعي سان آهي.هن ڳوٺ شهمير چانڊئي ۾  جنوري 1958ع ۾ هڪ غريب هاري جي گهر ۾ جنم ورتو هو.  شروعاتي تعليم به هن پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي هُئي. ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ هن گورنمينٽ نوابشاهه ڪاليج مان حاصل ڪئي هئي. گلاب چانڊيو 1976ع ۾ ڳوٺ کي خداحافظ چئي ، ڪراچي هليو آيو هو. جتي هن کي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي هئي.  پر پوءِ وري جنرل ضيا جي دور ۾ هن کان اها نوڪري به کسي وئي هئي. پر پوءِ هن محنتي ماڻهو مختلف خانگي ادارن ۾ ڪم ڪيو. ۽ آخري هو وري 1978ع ۾ نوابشاهه واپس اچي ويو. هي اهي ڏينهن هيا جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو جنرل ضياالحق اونڌو ڪري ڇڏيو هو. مارشل لا جو دور هو. جلسن جلوسن تي پابندي مڙهيل هئي. انهي دوران گلاب کي نوابشاهه مان گرفتار ڪري نوابشاهه جيل وڌيو ويو، جنهن کان پوءِ هن کي ڏنڊ ڀرڻ جي عيوض  فوجي عدالتن آزاد ڪري ڇڏيو هو. آزادي کان پوءِ هو وري هن دفعو ٻيهر ڪراچي جو رخ ڪيو. هن دفعي هن جو شوق اداڪاري ڪرڻ هو، ان ڪري هن مختلف اسٽيج  ۽ ٽي وي  ڊراما ڪيا  ،  هن آدمي آڊوٽوريم ۾ ، رشيد صابر جو لکيل ڊرامو پڻ ڪيو هو،  انهن ڊرامن،  ۾ ننڍڙا ننڍڙا رول ڪندو رهيو،  پر 1982ع ۾  ڪيهر شوڪت جي ڊرامي “ٻيو شخص“ ۾ اهم سڪينه سمون جي سامهون مين ڪردار ادا ڪيو، ۽ انهن ۾ هن  فن جي دنيا ۾ پاڻ کي مڃايو، هن اداڪاري جو ڪم پنهنجي دل ۽ روح سان ڪيو. هن جا ڊراما خاص ڪري، تلاش، سام، جهنگل، جياپو، مٽيءَ جا ماڻهو، نور ڄام تماچي، غلام گردش، چنڊ گرهڻ ۽ ماروي تمام گهڻو مشهور ٿيا. چنڊ گرهڻ ۾ هن جو وڏيري وارو ڪردار، عام ماڻهن جي دلچسپي جو ڪارڻ بڻيو.  هن جي اداڪاري جو اسٽائل بلڪل ٻين اداڪارن کان مختلف هو. هن جي ڊائلگن جو انداز انتهائي اثراتو ۽ من موهيندڙ هو.

ان کان علاوه گلاب چانڊئي اردو ڊرامن ۾ پڻ لاتعدا ڪردار ادا ڪيا. هن جا اردو ڊراما سچائيان، بيوفائيان، سائن لي آئي زنگي،  صحر بعد پڻ انتهائي مقبول ويا.  ان کان علاوه جو نه مل سکي (پيي ٽي وي هوم)، (سورج گرهن) هم ٽي وي، ۽ يادين  پڻ هن جي شهرت جو ڪارڻ بڻيا.

هي 2015غ ۾ شاهه جي ڪردار۾، 1994ع ۾ ڏٺو ويندو، ۽ 1994ع ۾ ٽيپو سلطان ، ۽ ان کان علاوه 1997 ع ۾ ٽائگر لارڊ ۾ شاندار اداڪاري جي ڪري پاڻ مڃايو.گلاب چانڊئي صاحب کي سڀ کان اول پي ٽي وي  متعارف ڪرايو  ۽ ان کان پوءِ ته هن جا ڊرامه ڪيترن ئي چينلن جي زينت بڻيا.  حالانڪ هن ڪيترا ئي هيرو جا ڪردار ڪيا پر هن کي جيڪا ولين  واري ڪردار ۾ مڃتا ملي اها بلڪل هن جي طبيعت ۽ عام زندگي ۾ بلڪل الڳ لڳن ٿا.  هن هڪ فلم ”دشمن“ ۾ به هن هيرو جو ڪردار ادا ڪيو.  ان کان علاوه سيد نور جي مشهور فلم ”سرگم“ ۾ پڻ ڪم ڪيو، جنهن ۾ هن سان گڏ پاڪستان فلم انڊسٽري جي وڏن اداڪارن، نديم، زيبا بختيار، ۽ عدنان سميع سان ڪم ڪيو.

گلاب چانڊيو کي سياست سان پڻ دلچسپي هئي،  هن ٻه دفعا ڪراچي ۽ نواب شاهه کان جنرل اليڪشن ۾ حصو ورتو پر، قسمت سندن ساٿ نه ڏنو ۽ هو هارائي ويو، ۽ هو هتان جي سياسي پارٽين کان نااميد ٿي چڪو هو، ان ڪري هو آخري ڏينهن ۾ آخري ڏينهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو هو.

گلاب چانڊيو شگر ۽ دل جي آرزو ۾ متلا هو، جنهن هن کي بيمار ڪري وڌو هن جا پٽ هن کي ڪراچي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ اعلاج لاءِ داخل پڻ ڪرايو پر،بي  زندگي هن جي وفا نه ڪئي ۽ هو ننڍي عمر 61 سالن جي ڄمار ۾ اسان سڀني مداحن کي الوداع چئي، اڻ ڏٺي سفر ڏي اُسهي ويا. هن جي اولاد ۾، هن کي چار ڌيئرون ۽ ٻه پٽ آهن. 

گلاب چانڊئي سان منهنجي پهرين ملاقات ڪراچي جي آرٽس ڪائونس ۾ ٿي. اهو سال 2012 جو پويو حصو هو. سنهڙو، قداور، بهترين شيخصيت جو مالڪ هو. هن جي ملڻ جو انداز ڏاڍو سهڻو هو. هو کلندي کلندي مليو هو. هن جو ملڻ اچ به ٿو وسري.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت