ايڊز ڇا آهي ؟



ايڊز ڇا آهي ؟
ايڊز / ايڇ آئي وي ذميوار ڪير؟

ايڊز ڇا آهي:
·      ايڊز هڪ وائرس جي ڪري ٿيندي آهي جنهن کي HIV (Human Immunodeficiency Virus) چئبو آهي.
·      ايڊز انهيء وائرس جو تسلسل آهي جيڪو انساني دفاعي نظام(Immune System)   کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي.
·      جڏهن دفائي نظام ڪمزور  ٿي ويندو آهي ته ماڻهونء کي مختلف بيماريون وڪوڙي وينديون آهن ان کي پو۽ ايڊز چئبو آهي.
·      AIDS (Acquired Immunodeficiency Syndrome)
·      هڪ ماڻهون کي HIV ٿي سگهي ٿو پر ضروري ناهي ته ايڊز هجي.
·      HIV  معني جسم ۾ وائرس جو موجود هجڻ.
·      ۽ AIDS معني جڏهن اهو وائرس دفاعي نظام تباھ ڪري  ڇڏي.


ايڊزڪيئين ٿي پکڙجي:
ايڊز / ايڇ آئي وي خاص طور تي رت ۽ جنسي تعلقات سان پکڙجي ٿي.

رت سان پکڙجڻ :
·      ٻئي ماڻهون جو ريزر يا بليڊ استعمال ڪرڻ.
·      هڪ ٻئي جي انجيڪشن استعمال ڪرڻ ، جئين هيروني ڪندا آهن.
·      حجم  کان ڏاڙهي لهرائڻ.
·      ساڳيو ئي ڏاڙهي وارو برش استعمال ڪرڻ، جئين اسان جا سڀ حجم ڪندا آهن.
ياد رکو ڊيٽول جا ٻه ڦڙا ته ڇا پر سڄي بوتل به HIV وائرس کي ڪجھ نه ڪندي .
·      ساڳيو ئي ٽوال/رومال استعمال ڪرڻ ، جئين سيلون ته سڀ حجم ڪندا  آهن.
·      عطائي ۽ جڳاڙي ڊاڪٽرن کان سئي / انجيڪشن لڳرائڻ (اهو هڪ اهم سبب آ ايڊز جو)
·      ڏند واري ڊاڪٽر جا اوزار جيڪڏهن چڱي ريت صاف (Sterilized) ناهن.

رت جي بوتل لڳرائڻ  سان:
خاص خيال ڪجي ته رت ڪنهن چڱي ليبارٽري مان چيڪ ٿيل هجي ايڇ آئي وي ۽ ڪاري ڪامڻ لا۽.

جنسي لاڳاپن سان:
·      هميشه پاڻ کي پنهنجي شريڪ حيات تائين محدود رکو. ناجائز تعلقات ايڊز جو هڪ اهم سبب آهي.
·      چپن تي مٺي (Kiss)ڏيڻ سان به ايڊز ٿي سگهي جيڪڏهن چپ فاٽل هجن يا  پچيل هجن. (Ulcers) جيڪڏهن کل (Skin) تي رهڙيون (Abrasions) ته ان سان به بيماري وچڙي سگهي ٿي .

بچاءُ ڪئين ڪجي
اهي سڀ شيون جن سان ايڊز ٿئي (جيڪي مان مٿي بيان ڪيون آهن) انهن کان بچو جيڪو بلڪل سولو ۽ ممڪن ڪم آهي.

ايڊز جو علاج:
·      ايڊز جو علاج خاص قسم جا ڊاڪٽر ڪندا آهن جن  کي  (Infectious Diseases) جو ماهر چئبو آهي.
·      بنا علاج جي نوي سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهون اٺ کان ڏهن سالن ۾  مري ويندا آهن.
·      اڄڪلھ جي جديد دور ۾ ايڊز جو علاج ممڪن  آهي. جنهن سان هن بيماري جو وائرس بلڪل  ختم ته نه ٿي ويندو آ پر ڪنٽرول ۾ ضرور اچي ويندو آهي ۽ ماڻهون تقريبن نارمل زندگي گذاري  سگهي ٿو.
·      منهنجي خيال ۾ ايڊز جي مرض جي پکڙجڻ جو گهڻي حد تائين ماڻهون شعوري يا لاشعوري طرح ذميوار پاڻ به آهن ته حڪومت   به آهي ڇو ته اسان وٽ ڪائي قانون سازي ناهي. هر گهٽي ۾ عطائي ڊاڪٽر ويٺو آهي.





Source: Whatsapp Group

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت