Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...

  

هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...

 

سو هوٽل کان پنڌ ڪندا، گرائيدو ٻيٽ جي گهٽين کي گهمندا، ڪچهري ڪندا، سامونڊي ڪناري، جتي سرڪاري فيري جي لنگر انداز ٿيڻ واري سامونڊي ڪناري ڏانهن وڌندا رهياسين.

يار ڪيڏو نه خوبصورت ٻيٽ آهي پرتاب“. مون گهٽيءُ جي ڪنارن کان پوکيل ٻوٽن، انهن تي ڦٽي آيل رنگين گلن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

واقعي ئي رهائش لاءِ خوبصورت، پرسڪون ۽ آئيڊيل ٻيٽ آهي. پرتاب جواب ڏنو.

يار ڏس ته سهي، ڪشاديون، ويڪريون، صاف سٿريون گهٽيون، جتي نه کليل نالي، نه نالي اٿڻ جو گندو پاڻي، نه گٽر جو بند ٿي وڃڻ، نه بجلي جو تنبو، نه ڪرنٽ جو خطرو، نه گئس جو پائپ، سڀ ڪجهه انڊرگرائونڊ آهي. هتي ڪيڏو سڪون ۽ شانتي جو راڄ آهي. اسان وٽ سنڌ جا اهڙا شهر ڪڏهن ٿيندا”.

جڏهن سنڌ جو هر ڌرتي ڌڻي ڌرتي سان سچو ٿيندو. هتي واقع ئي وڏو سڪون آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي. هن کان وڌيڪ دنيا جو ٻيو ڪهڙو خوبصورت ماڳ ٿي سگهي ٿو، واقعي بهترين جڳهه آهي، واقعي پريمي جوڙا، گهوٽ ڪنوار هن ئي شهر ۾ هني مون ملهائڻ اچن ٿا، هي شهر ان جي لائق به آهي“. پرتاب مسڪرائي چيو.

سائين ٿورو تڪڙا اچو، ٽائيم ڪونهي، فيري نه نڪري وڃي. ستين وڳي هن Guraidhoo ٻيٽ کان فيري نڪري ويندي آهي“. جنيد رڙ ڪري چيو.

سو اسان ڪوشش ڪري تڪڙيون وکون کڻي هلڻ لڳاسين. سمونڊ جي ڪناري يا فيري جي اسٽاپ يا بندرگاهه تائين تقريبن پنج کان ڏهن منٽن جو پنڌ هيو. اڄ اسان گريدو ٻيٽ کان مافوشي ٻيٽ گهمڻ وڃون پيا.

مافوشي ٻيٽ اسان واري ٻيٽ کان وڌيڪ سهڻو ۽ ماڊرن طرز تي ٺهيل هيو. سو ان ڪري سڀني پرين پيارن جو اهو خيال هو ۽ انهن جي اها خواهش هئي ته مافوشي ٻيٽ گهمي اچجي. اسان گريدو ڳوٺ جون گهٽيون، روڊ رستا، دڪان، گهر، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، ڏسندا رلندا رلندا جڏهن اسٽاپ تي پهتاسين ته اسان جي سامهون، اسان جي اکين اڳيان، فيري ڪنارو ڇڏي، پرتي وڃي رهي هئي.اسان کان هو 200 سو ٽي سو کن ڦوٽ پري هئي. اسان ڪناري تي پهچي مايوس نظرن سان ٻيڙي کي تڪي رهيا هياسين. جنهن کي روڪڻ يا ورائڻ اسان جي وس ۾ نه هيو. جنيد اتان ٻيڙي واري کي رڙ ڪري بيهڻ جو يا موٽي اچڻ جو هٿ مٿي ڪري لوڏي اشارو به ڪيو پر هو نه بيٺي. خير اسان سڀ مايوس ٿي وياسين. هن وقت پورا ست لڳي هڪ منٽ ٿيا هيا. اسان پوري ٽائيم مطابق پهتا هياسين. پر فيري پوءِ به هڪ منٽ اسان کان اڳ ۾ نڪري ويئي. ان تي سڀني کي ڏاڍو افسوس ٿيو. اٿياسين به سوير، پهتاسين به، پر هڪڙي منٽ جي تاخير جي ڪري ٻيڙي ڪنهن جو به انتظار نه ڪيو. جوڳي نه ڪنهن جا مٽ.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more