اچ ته پيار پڄايون ...... امر جليل




اچ ته پيار پڄايون ......
امر جليل

هميشه چوندي هئي. ”ديپو، اچ ته پيار پڄايون، ڏسون ته ڪير ڏاڍو.“
هل ڙي ککي.“  کيس چوٽيءَ کان وٺندي چوندو هوس، ”تون ماڪوڙيءَ جيتري، مان مهان، مونسان آئي آهين پيار پڄائڻ!“
نرد ئي ڇڏ منهنجا وار.“
منهنجي دل ۾ آهن خار، نه ڇڏيندو مانءِ.“
نيٺ به ته بن مانس آهين نه.“ روڻهارڪي ٿي چوندي هئي.
مان بن مانس!“
ها ها، تون،“ منهنجي ويڻن ۾ مٺيون کپائي چوندي هئي. ”جانور ته آهين. پنهنجن ٻانهن جا وار ته ڏس، جهڙا ڊڀ، پنهنجا سخت کهرا هٿ ته ڏس، جهڙا ريگ مال.“
پنهنجون گابي جهڙيون اکيون ڏٺيون اٿئي؟
واهه! وڙهين ته چئين گابي جهڙيون، ٺهين ته چئين هرڻيءَ جهڙيون.“
ڀلا مون کي بن مانس ڇو ٿي چئين؟
پنهنجي انتر آتما به ته سڏيندي آهيانءِ.“ شرمائيندي چوندي هئي. ٻئي کلي پوندا هئاسين. آڪاش جا ستارا مرڪڻ لڳندا هئا.
هاڻ ته منهنجا وار ڇڏ.“
اچي وٺ.“ سندس چوٽي ڇڏي ڏيندو هئس.


هڪ ڏينهن چيو هئائين. ”ديپو، اچ ته پيار پڄايون، ڏسون ته ڪير ڏاڍو.“
مان ته توکي چاهيان ئي نٿو.“
ڇو ٿو منهنجي دل ٽوڙين.“
سچ ٿو چوانءِ چري، مان ته توکي چاهيان ئي ڪين.“
نيٺ به ته مرد آهين نه، ڪوڙو ۽ فريبي.“
تڏهن به شڪر ٿو ڪريان ته عورت ناهيان.“
ڇو، عورتون مردن کان به ويون؟
مرد عورتن وانگر بيوفا ناهن.“
اهي سيکڙاٽ ليکڪن جا خيال آهن، ديپو
پر سئو في صدي سچ آهن.“
شرط لڳايون؟“ پڇيو هئائين.
ڀلي.“
ته ٻڌ.“ فيصلو ڪندي چيائين، ”مان تو کانسواءِ جوالا جيان جلي وينديس.“
خوب!“ ٽهڪ ڏنو هئم. ”اهي ڳالهيون لکندي سونهن، چوندي نه.“
منهنجي پيار جو اپمان نه ڪر ديپو.“ اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئس.
تنهنجي پيار جو اپمان!“
ها ديپو، ڇڏيندين ته مِٽجي وينديس.“
ته پوءِ مان به توکي چاهيندس.“
مرڻ کان پوءِ چاهيهءِ، ته ڇا ڪيهءِ.“
مان توکي مرڻ ٿورو ئي ڏيندس.“ سندس هٿ جهليندي چيو هئم.
ديپو.“
سچ ٿو چوانءِ چري، مان توکي چاهيندو رهندس!“
۽ پنهنجي هار به مڃيندين.“ خوشيءَ وچان پڇيو هئائين.
ها.“
پوءِ مان به چوڻ ڇڏي ڏيندس.“
ڇا؟
اهو ئي. اچ ته پيار پڄايون، ڏسون ته ڪير ڏاڍو.“
ڳهيلي!“ هٿ چمندي چيومانس، ”مان توکان سواءِ ڪيئن جي سگهندس.“

انهن ڳالهين کي ڳچ سال گذري ويا آهن.
اڄ جو قصو آهي. آفيس کان موٽيو هئس.
موهن کي کنگهه ۽ بخار آهي، اڄ ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريونس.“
هلڻو اٿئي ته جلد ڪر.“ وقت ڏسندي چيم. ”دير ٿيندي ته ڊاڪٽر اٿي ويندو.“
سج لٿي گهر اچو، ۽ جلديءَ لاءِ مون کي پيا چئو.“
اهي ڳالهيون رستي ۾ ڪنداسون، وقت نه وڃاءِ.“

ڊاڪٽر وٽ اڃا ڪجهه مريض موجود هئا.
موهن کي ماڻس جي هنج ۾ ويهاري مان اچي بالڪونيءَ ۾ بيٺس. بالڪونيءَ ۾ اوندهه هئي. ان رات چنڊ چريو ڪٿي لڪي پيو هو. تارن رکي رکي ڊڪ پي پاتي. ڪنبندڙ ستارو ڏسي رهيو هئس جو شانتيءَ سڏ ڪيو.
اچو، ڊاڪٽر وٽ فقط هڪ مريض آهي.
ڪمري ۾ قدم رکيم، اک وڃي سامهون ويٺل هڪ عورت تي پيئي. کيس اڇي ساڙهي پيل هئي. نٻل، ڪمزور ۽ ٿڪل ٿي ڏٺي. ڊاڪٽر کيس اسٽيٿسڪوپ سان تپاسي رهيو هو. پاڻ کي اوندهه ۾ لڪائي، کيس جاچڻ لڳس. ڊاڪٽر سندس ايڪس ري ڏسي رهيو هو. اوچتو هوءَ هڪ هٿ سان وات تي رومال رکي، ٻي سان سيني کي زور ڏيئي کنگهڻ لڳي. تڪليف کان جهور ٿي ويئي، ۽ اوچتو منهنجي ذهن ۾ ماضيءَ جو پڙلاءُِ گونجي اٿيو.
ديپو، اچ ته پيار پڄايون، ڏسون ته ڪير ڏاڍو.“
شانتي موهن کي کڻي بالڪونيءَ ۾ هلي آئي. چيائين، ”هن عورت کي شايد سلهه آهي.“
ها شانتي، مون هارايو، مون هارايو.“
ڇا ٿا چئو؟“ شانتي حيرت مان منهنجو منهن تڪڻ لڳي.
ڪجهه به نه، ڪجهه به نه.“
مون منهن اوندهه طرف ڪري ڇڏيو، هڪ روشن تارو آسمان مان ٽٽندو اوندهه ۾ گم ٿي ويو.

1964


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت