Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات

  

ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات

 

اسان جي دوست جاني منصور جي ڀيڻيوي ڊاڪٽر ظفر الله بروهي جيڪو ڪافي سالن کان آمريڪا ۾ پنهنجي فيملي سان رهائش پذير آهي. جاني جي ڪري، هن سان منهنجي به گهڻي نيازمندي ٿي ويئي آهي. هو آمريڪا ۾ رهندو آهي. هن کي محمد حسنين، فاطمه ۽ زينب جو اولاد آهي. ڊاڪٽر ظفرالله بروهي پاڻ آمريڪا ۾ دل جو مشهور ڊاڪٽر آهي. هو انتهائي کل مک، ماٺيڻو، خوش طبيعت ۽ پيارو دوست آهي. هن جي ڪري ئي هن جو دوست ڊاڪٽر عبدالستار بروهي، جيڪو اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ اڪثر ڪري سال جو سٺو عرصو ٻاهرئين ملڪ رهندو آهي. جتي هو ڊيلي سوين اکين جا آپريشن ڪندو آهي. ان منهنجي ابراهيم اسپتال ۾ ڏاڍي گهڻي مدد ڪئي هئي. ان سان گڏ اسان جي ايڊووڪيٽ دوست نياز حسين پنهور جي نياڻي ڊاڪٽر فاخرا پنهور به ساڳي اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي، ان به منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي هئي. مان ڊاڪٽر ستار بروهي ۽ ڊاڪٽر فاخره پنهور جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان.

سو جڏهن ڊاڪٽر ظفرالله کي خبر پئي ته اسان مالديپ ۾ آهيون ته هن پنهنجي دوست ڊاڪٽر شعيب کي فون ڪري اسان جي باري ۾ ٻڌايو. مون سان ڊاڪٽر شعيب واٽس اپ تي رابطو ڪيو هو. هن ٻڌايو هو ته مالي شهر ۾ آهي ۽ consultant Neuro physician Senior Registrar Neurology جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ان ڪري جڏهن به ڪو ڪم ڪار هجيو، يا ائين به ملاقات جي بهاني سان هن سان ملي وٺجو. مون ڊاڪٽر سان فون تي هيلو هاءِ ڪئي هئي. پر پوءِ اسان جي ٽائمنگس جي ميچنگ نه ٿي سگهي. جيڏي مهل اسان فارغ هياسين ته ڊاڪٽر صاحب ڊيوٽي تي مصروف هيو ۽ جڏهن ڊاڪٽر فري هيو ته اسان رولاڪين جي پٺيان مالي کان پري نڪتل هياسين. ان سبب جي ڪري ئي ڊاڪٽر سان ملاقات نه ٿي سگهي. هن سان واٽس اپ تي هيلو هاءِ ٿي هئي. بس. سو ارمان دل ئي دل ۾ رهجي ويو. ڇا ڪجي. ميلا به نصيبن جا ئي هوندا آهن.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more