مولانا عبدالغفور قاسمي - حافظ محمد سليم عاطف


مولانا عبدالغفور قاسمي
Molana Abdul Ghafor Qasmi
(تعارف ۽ خدمتون)


----------------------
حافظ محمد سليم عاطف
 ----------------------
 سائين قاسمي رحه جي وفات سان
سنڌ مان علم جو هڪ باب بند ٿي ويو
ضلع ٺٽه سنڌ جي تاريخي ورقن کي اٿلائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي ٻين خطن وانڱر سنڌ سونهاريءَ به وڏن وڏن صوفين ــ بزرگن ۽ عالمن سڳورن کي جنم ڏنو آهي وري سنڌ ۾ ٺٽي جي پنهنجي هڪ انوکي تاريخي حيثيت آهي . جيڪو ماضي ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي

جنهن جون سرحدون اتر ۾ ڪيچ مڪران ــ ڏکڻ ۾ بمبئي ۽ اوڀر ۾ ملتان تائين پهچي چڪيون هيون. ٺٽو معاشي ۽ معاشرتي طور تي معدني وسيلن تهذيب ۽ تمدن جي خزانن سان مالا مال هو ــ علم عرفان جو به مرڪز هو ــ جتي پري کان عرب ۽ عجم جا واسي علم جا اڃايل ٺٽي ۾ اچي پنهنجي علمي ۽ روحاني اڃ وسائيندا هئا. فقط ٺٽي شهر ۾ به تقريبن چار سؤ ديني دارالعلوم هئا جن مان علم ۽ فيض جا طالب سيراب ۽ فيضاب ٿيندا هئا ــ هي ٺٽو اهو آهي جنهن ملا مسڪين رحه علامه ابو الحسن سنڌي رحه ۽ علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه جهڙين جڳ مشهور علمي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي ــ جن جا فقهي ۽ صحاح سته جي ڪتابن تي حاشيا ۽ بين السطور موجود آهي. جن مختلف فنن ۾ وڏيون وڏيون تصنيفون علمي ۽ روحاني دنيا ۾ پنهنجا اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن. باطل قوتن جي غلط عقيدن ۽ نظرين جي بنياد کان پاڙ پٽي لکين انسانن جي هدايت جو ذريعو بڻيا ــ پر جڏهن حالات پاسو ورايو ته پوءِ زماني جي انقلابن سبب ٺٽو پنهنجي جاگيرافيائي سرحدن کي به باقي نه رکي سگهيو ۽ نه وري پنهنجي علمي مقام کي سنڀالي سگهيو، متحده هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ ٺٽو ڪجهه عرصي تائين ڪراچي جو حصو رهيو، بعد ۾ ٺٽي کي ضلعي جو درجو ڏئي نون تعلقن تي مشتمل رکيو ويو. هن حڪومت سجاول کي ضلعي جو درجو ڏئي. ٺٽي کي به ٽڪرا ڪيو ويو آهي، جهڙي ريت ٺٽو ضلعو پنهنجي عروج ۽ زوال کي عبور ڪندي ٻه ٽڪرا ٿي ويو آهي، اهڙي ريت ٺٽي جو عوام به زماني جي تبديلي سان اهل علم عالمن جي آهستي آهستي روح پرواز ڪري وڃڻ سان جهالت ۽ بدعت جو شڪار ٿيڻ لڳو. لالچي لوڀي ۽ جاهل قسم جا ماڻهو خضر جي لباس ۾ عالمن جي مسند تي ويهڻ لڳا، جنهن ڪري ٺٽي جو عوام شرڪ، بدعت ۽ باطل فرقن جي ڄار ۾ جڪڙجي ويو، ان انڌوهناڪ حالات ۾ سجاول کان 5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي جاتي واري روڊ تي ولهار (گجو محمد شاهه) ۾ مولانا محمد قاسم ميمڻ جي گهر ۾ 1942ع بمطابق 1361هه ۾ هڪ خوبصورت ٻچو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو عبدالغفور رکيو ويو، جيڪو اڳيان هلي شيخ الحديث مولانا عبدالغفور قاسمي رحه جي نالي سان مشهور ٿيو، سائين قاسمي رحه جو والد غريب گهراڻي جو سخت مزدوري سان گڏوگڏ وڻج واپار به ڪندو هو، پوءِ واپار جي ئي سانگي گجو کي هميشه لاءِ خدا حافظ چئي مستقل طور سجاول شهر ۾ رهائش اختار ڪري ورتي.

جامعه دار الفيوض الهاشميه سجاول جو قيام:
جامعه دار الفيوض الهاشميه جو قيام هن ريت عمل ۾ آيو ته بخاري سادات جي خاندان مان حاجي هاشم شاهه بخاري هو، جيڪو سيد حاجي عبدالرحيم شاهه جو ڀاءُ هو، تنهن پنهنجي لاءِ بهترين بنگلو ٺهرايو، جڏهن ته بنگلو ٺهي راس ٿيو ته ان ئي دوران شاهه صاحب جو لاڏاڻو ٿي ويو، شاهه صاحب جو اولاد نه هو، جنهن ڪري سندس ڀاءُ حاجي عبدالرحيم شاهه اهو بنگلو پنهنجي ڀاءُ جي ايصال ثواب لاءِ 1921ع ۾ مدرسي جي نالي وقف ڪري ڇڏيو ۽ مدرسه جو نالو دارالفيوض الهاشميه رکيو ويو، مدرسه ۾ حفظ ناظره سان گڏوگڏ شعبه عربي ۾ درس نظامي جو پڻ سلسلو شروع ڪيو ويو، حاجي عبدالرحيم شاهه صاحب وڏو سخي مالدار ۽ نهايت ئي نيڪ انسان هو، سجاول شهر جا تقريبن اڌ دڪان سندس هئا ۽ وڏو زميندار به هو پر سندس اولاد نه هو، پاڻ ديني ڪمن ۾ وڏو حصو وٺندا هئا، سجاول جي جامع مسجد به پاڻ تعمير ڪرائي هئي، استاد ۽ شاگردن جي رهڻ لاءِ ڪجهه جايون به ڏنيون هيون ۽ مدرسه جي نظام کي هلائڻ لاءِ ڪجهه دڪان به وقف ڪيا هئا ۽ چند سو ايڪڙ زرعي زمين جا به وقف ڪيا هئا پر اها زمين ۽ دڪان وغيره جنرل ايوب خان پنهنجي دور حڪومت ۾ سرڪاري تحويل ۾ وٺي وقف جي ملڪيت ۾ شامل ڪري ڇڏيا.

مدرسه هاشميه جا مهتمم حضرات:
سيد حاجي عبدالرحيم شاهه صاحب، مولانا نور محمد سجاولي صاحب، مولانا عبدالغفور قاسمي صاحب، مولانا محمد صالح الحداد صاحب.

مدرسه هاشميه جا استاد صاحبان:
مدرسه هاشميه جي استادن جو هونءَ ته وڏو انگ آهي پر شروع کان هيل تائين چند مشهور استادن جا نالا ڏنا وڃن ٿا، مولانا شمس الحق افغاني، مولانا احمد الله رحه پاني پتي، شاگرد حضرت شيخ الهند رحه، مولانا محمد خليل رحه، رحيم يار خان، مولانا حامد الله ميمڻ ٻيلائي رحه، مولانا محمد يعقوب ميمڻ رحه سجاولي، مولانا محمد اڪرم رحه هالائي، مولانا محمد نور ميان والي رحه، مولانا نور محمد سجاولي، مولانا فتح علي جتوئي رحه چوهڙ جمالي، مولانا عبدالله ميمڻ سجاولي رحه، شيخ الحديث حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي رحه، مولانا حبيب الله سمون صاحب، پير ڳوٺ ٺٽو، قاري عبدالله خشڪ، گيل موري ٺٽو، سيخ الحديث مولانا محمد ابراهيم ميمڻ صاحب ٺٽو، مفتي حبيب الله راڄڙ صاحب حيدرآباد، مولانا محمد موسيٰ درس، گيل موري، مولانا محمد سليمان رحه، دڙو، مولانا محمد سومرو جنهاڻ، مولانا محمد عمر رحه مگسي ٽنڊو محمد خان، حافظ محمد عمر رحه ڪڇي والد حضرت استاد نور محمد سجاولي، سائين حافظ احمد رحه مندرو، حافظ محمد هاشم صاحب ڪڇي. مولانا محمد صالح الحداد سجاولي، مفتي نظير احمد عمراڻي صاحب سجاولي، مولانا عبدالله صاحب ٿهيم جاتي، مولانا علي احمد مگسي صاحب ٽنڊو محمد خان، مولانا عبدالرئوف قريشي رحه ٽنڊو محمد خان، مولانا غلام محمد سومرو صاحب، مولانا عبدالوهاب بلوچ صاحب ساڪرو، مولانا محمد اسماعيل ميمڻ صاحب سجاولي، مولانا غلام حسين ميمڻ صاحب سجاولي، مولانا عبيدالله نهڙي صاحب عمر ڪوٽ، مفتي محمد رمضان سومرو صاحب ٽنڊو محمد خان، مولانا محمد قاسم ميمڻ صاحب سجاولي، مولانا محمد نعيم لاسي صاحب بلوچستان، مولانا جمال الدين زئور صاحب ٽنڊو محمد خان. حافظ محمد ابراهيم ڪڇي.

سائين قاسمي رحه جي مدرسه هاشميه ۾ داخلا:
هڪ ڀيرو استاد مولانا نور محمد سجاولي رحه صاحب سائين قاسمي رحه جي والد بزرگوار مولانا محمد قاسم ميمڻ صاحب کي فرمايو ته پنهنجن فرزندن مان هڪ فرزند منهنجي حوالي ڪريو ته هو عالم دين بڻجي، مولانا محمد قاسم صاحب پنهنجي ننڍڙي صاحبزادي عبدالغفور کي وقت جي ابوذر، علامه شبير احمد عثماني رحه جي لائق شاگرد ۽ سيد حضرت مدني رحه سان بيعت يافته حضرت استاد مولانا نور محمد سجاولي رحه جي حوالي ڪري ڇڏيو، ان ننڍڙي ٻالڪ سگهو ئي ناظره ۽ بنيادي اسلامي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ شعبه عربي ۾ داخلا ورتي.

سائين قاسمي رحه ڪٿي ڪٿي علم پرايو:
سائين قاسمي رحه گهڻي ڀاڱي علم خاص ڪري صرف، نحو، معاني ادب ۽ منطق پنهنجي مربي ۽ شفيق استاد مولانا نور محمد سجاولي رحه وٽ مدرسه هاشميه سجاول ۾ پڙهيو جنهن بابت سائين قاسمي رحه پنهنجي شاگردن کي اڪثر وقتن ۾ فرمائيندا هئا، ته ڪاش توهان منهنجي استاد محترم کي ڏسو ها، مدرسه هاشميه کان علاوه پاڻ ڪبير والا طاهر والي پنجاب، سائين مولانا عبدالغني جاجرويءَ وٽ ۽ جامع بنوري ٽائون علامه محمد يوسف بنوري رحه وٽ دوره حديث پڙهيا ۽ ساليانه وفاق المدارس جي امتحان ۾ پوري ملڪ جي سمورن شاگردن ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي ۽ فارسيءَ جو علم ڪجهه وقت لاءِ ٽنڊي قيصر جي مدرسه ۾ ميان محمد ٽالپر وٽ به حاصل ڪيو ۽ اتي کيس استاد مولانا عبدالله ميمڻ صاحب رحه سجاولي پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا ۽ استاد عبدالله ميمڻ صاحب جن ان وقت ٽنڊي قيصر جي مدرسه ۾ مدرس هئا، پوءِ سال ٻن کان واپس مدرسه هاشميه سجاول ۾  آيا.

سائين قاسمي رحه جا استاد صاحبان:
سائين قاسمي رحه جا هونءَ ته کوڙ استاد آهن، پر چند مشهور استادن جا نالا ڏنا وڃن ٿا، مولانا نور محمد سجاولي رحه، مولانا عبدالله ميمڻ سجاولي رحه، علامه محمد يوسف بنوري رحه، مولانا محمد ادريس ميرٺي، مولانا فضل محمد سواتي، مولانا فيض علي رحه شاهه، مولانا محمد نور ميان رحه والي، مولانا عبدالمتين هزاروي رحه، مولانا لطافت الرحمان، مولانا سيد مصباح الله شاهه صاحب، مولانا عبدالمالڪ، مولانا عبدالخالق کڙبوئي رحه ڪبير والا، مولانا محمد منظور نعماني رحه طاهر والي، مولانا حبيب الله سمون صاحب، پير ڳوٺ، ميان محمد بخش ٽالپر ٽنڊو قيصر وغيره.

سائين قاسمي رحه جا هم عنصر:
مولانا قائم الدين اوٺو، چوهڙ جمالي، مولانا محمد اسماعيل پنهور، مولانا عبيدالله چانڊيو، ڪنري ، شيخ الحديث مولانا محمد ابراهيم ميمڻ باب الاسلام ٺٽو، مولانا يعقوب نظاماڻي ماتلي، مولانا غلام محمد سومرو جنهاڻ، مولانا محمد سومرو جنهاڻ، مولانا عبدالقيوم جاڙيجه واپڊا ڪالوني حيدرآباد، مولانا عبدالله شاهه بخاري رحه بچل شاهه مياڻي سکر، مولانا عبدالغفور جتوئي ام القريٰ مڪته المڪرمه، مولانا شفيع محمد نظاماڻي ماتلي، مولانا محمد قاسم ڪلوئي بدين وغيره.

تدريسي خدمتون:
سائين قاسمي رحه جامعة العلوم الاسلاميه علامه بنوري ٽائون ۾ 1965ع ۾ دوره حديث مڪمل ڪري جامع بنوري ٽائون جي فضلاء ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرايو، پاڻ نهايت ئي ذهين انسان هئا، سندن علمي صلاحيت کي سامهون رکندي محدث العصر مولانا محمد يوسف صاحب بنوري رحه کين پنهنجي مدرسه ۾ رکڻ لاءِ حضرت استاد نور محمد رحه کان سائين قاسميءَ جي گُهر ڪئي، اهڙي ريت جامعه فاروقيه شاهه فيصل ڪالوني ڪراچي ۾ رکڻ لاءِ مولانا سليم الله خان صاحب به حضرت استاد نور محمد رحه کان سائين قاسمي رحه جي گُهر ڪئي هئي، پر استاد نور محمد رحه فرمايو ته قاسمي رحه کي مون خاص پنهنجي مدرسه هاشميه جي لاءِ تيار ڪيو آهي. درس نظامي جي فراغت کان پوءِ سائين قاسمي رحه  پنهنجي شيق استاد حضرت استاد نور محمد صاحب رحه جي سرپرستي هيٺ مدرسه هاشميه سجاول ۾ ئي پنهنجون تدريسي خدمتون شروع ڪري ڏنيون، تقريبن اڌ صدي تائين نقلي عقلي علوم ۽ فتنن ۾ وڏي جا نفشائي سان پڙهائيندا رهيا، سائين قاسمي رحه کي تدريس تي وڏو عبور ۽ قدرتي ملڪو حاصل هو، ڪنهن به درسي ڪتاب جو ڇو نه ڪيڏو به مشڪل مقام هجي پر سندس ڏائي هٿ جو کيل هو، پاڻ ان کي چپٽيءَ ۾ حل ڪري وٺندا هئا ۽ شاگردن کي محسوس به نه ٿيندو هو ته هي ڪو مقام مشڪل هو، سندن زبان ۾ نهايت ئي فصاحت ۽ بلاغت هئي، سندن حافظو ماشاء الله بلا جو هو، کيس تقريبن درسي ڪتاب عبارتين سميت از برياد هئا، سبق پڙهائيندي جڏهن وجد ۾ اچي ويندا هئا ته صفحن جا صفحا عبارت سميت پڙهندا هئا ۽ سبق جي تشريح ڪندا ويندا هئا، طالبن تي وڏا شفيق ۽ مهربان هوندا هئا پر سبق ۾ ناغو ڪرڻ تي سخت ناراض ٿيندا هئا، پاڻ واديءَ سنڌ جا عظيم مبلغ هئڻ سبب راتين جون راتيون وڏن وڏن جلسن ۾ اسٽيج جي زينت بڻجي پنهنجي ايمان افروز بيانن سان حاضرين جلسه کي مستفيض فرمائيندا هئا ته وري صبح جو تعليمي ميدان ۾ تدريسي مسند تي ويهي شاگردن آڏو علمي موتي وکيريندا هئا، الله تعاليٰ کين ايڏي ته وڏي علمي صلاحيت ۽ للاهيت عطا ڪئي هئي جيڪا هيٺ ڏنل واقعي مان پڌري ٿئي ٿي.

واقعو نمبر 1:
هڪ ڀيرو حضرت سائين قاسمي رحه جن مدرسه هاشميه سجاول جي دارالحديث ۾ سبق پڙهائي رهيا هئا ته عين ان وقت وادي مهراڻ جي عظيم علمي روحاني ۽ انقلابي شخصيت حضرت سائين مولانا عبدالڪريم قدس سرهه ٻير شريف وارا تشريف فرما ٿيا، سائين قاسمي رحه ادب خاطر سبق پڙهائڻ بند ڪيو، سائين ٻير وارن فرمايو ته سبق پڙهائڻ جاري رکو، سائين جن هدايت ڪئي ته سائين قاسمي رحه جڏهن سبق پڙهائي فارغ ٿيا ته سائين ٻير وارن اٿي سائين قاسميءَ جي پيشانيءَ تي چُمي ڏني ۽ فرمايائون ته الحمدلله اڃا اسان جي سنڌ ۾ علم موجود آهي ويو ڪونهي.

واقعو نمبر 2: 
سائين قاسمي رحه حج ۽ عمره جي سفر جي دوران ٻين عملن سان گڏوگڏ حرمين شريفين ۾ الله وارن ۽ ابدالن جي ڳولا ڦولا به سندن معمولات ۾ شامل هوندي هئي، مسجد نبوي رحه جي رياض الجنه وٽ سائين قاسمي رحه کي هڪ الله وارو خاموش ۽ فڪر مند نظر آيو ۽ لڳاتار ان ئي جڳهه تي نظر ايندو هو، پر هو ڪنهن سان به ڳالهائيندو ڪونه هو، سائين قاسمي رحه صاحب آهستي آهستي ان جي ويجهو ٿيڻ لڳو ۽ گفتگو ڪرڻ لڳو پوءِ انهن بزرگن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق ٿي ويو، پوءِ جڏهن به سائين قاسمي رحه سعودي ويندا هئا ته ان ساڳي جڳهه تي ان بزرگ سان ضرور ملاقات ڪندا هئا، جڏهن سائين قاسمي جو انتقال پُر ملال ٿي ويو ته سائين قاسمي رحه جو خاص مريد ۽ عقيدت مند حاجي ولي الله نظاماڻي صاحب جي بقول مون کي طبيعت ۾ بيچيني ٿيڻ لڳي، مون ارادو ڪيو ته عمري تي وڃان ۽ سائين واري بزرگ جي زيارت ڪريان، حاجي صاحب فرمايو ته آئون عمري تي ويس ۽ مسجد نبوي رحه سائين قاسمي رحه واري بزرگ سان به ملاقات ٿي، بزرگ پڇيو ته مون وارو بزرگ ڪئي؟ حاجي صاحب فرمايو ته مون ٻڌايو ته ان جو انتقال ٿي ويو آهي، جنهن تي بزرگ پاڻ تي ضبط نه ڪري سگهيو ۽ زارو قطار روئڻ لڳو، ڪافي دير کان پوءِ اهو بزرگ چوڻ لڳو ته آئون به هتي ڪافي عرصي کان رهان پيو ۽ آئون چند علمي ۽ شرعي مسئلن ۾ منجهيل هئس ۽ هتي به مختلف اسلامي ملڪن کان وڏا وڏا عالم اچن ٿا انهن آڏو به اهي مسئلا مون شيخ عبدالغفور قاسمي رحه کان پڇيا ته فورن اطمينان بخش جوابات ڏنا ۽ مون کي به تشفي ٿي وئي، اهو بزرگ دارالعلوم ديوبند جو فاضل آهي ۽ هزاري جو رهائشي آهي.

واقعو نمبر 3: 
اهڙي ريت هڪ دفعو سائين قاسمي رحه ۽ سائين غلام محمد سومرو رحه انڊيا دارالعلوم ديوبند ويا، ديوبند جي اڪابر بزرگن خواب آڌر ڀاءُ ڪيو، مهمان خاني ۾ آرام جو انتظام ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته فلاڻي ٽائيم تي مهمان خاني جو گيٽ بند ٿي ويندو، سائين قاسمي رحه مهمان خاني مان ٻاهر نڪري فرمايو ته غلام محمد اٿي مدرسو هلي گهمون اهو ٽائيم رات جو عشاء نماز کان پوءِ جو هو، جڏهن مدرسو گُهمي گُهمي ٿڪي پياسين ته سائين قاسمي رحه چيو ته هلون ديوبند جي ڇته جي مسجد ۾ نفل پڙهون، بقول سائين غلام محمد سومرو جي جڏهن نفل پڙهي ٿڪي پياسين ته ننڊ به لڳي ۽ ٿوري ٿوري بک به لڳي، مهمان خاني جو دروازو به بند ٿي چڪو هو، مسجد ۾ دارالعلوم ديوبند جا شاگرد ٽولين جي صورت ۾ سبق جو تڪرار ڪري رهيا هئا، هڪڙو ٽولو شرح عقائد نسفي جو تڪرار ڪري رهيو هو، جڏهن هڪڙي شاگرد سبق جو ڀيرو ساٿين کي ٻڌائي دنگ ڪيو ته سائين قاسمي رحه فرمايو ته توهان غلط بيان ڪيو آهي وري ٻي دفعي شاگرد پنهنجو ڀيرو دهرايو سائين قاسمي رحح فرمايو ته توهان غلط بيان ڪيو آهي، شاگردن سائين قاسمي رحه کي درخواست ڪئي ته پوءِ توهان صحيح سمجهايو، جڏهن سائين قاسمي رحه ڪتاب وٺي، شاگردن کي سبق سمجهايو ته سمورا شاگرد هش هش ٿي ويا، ڪي ويا هنڌ کڻي آيا، ڪي ويا فروٽ کڻي آيا ڪي ويا چانهه کڻي آيا، ڪي ويا کيرڻي کڻي آيا “ ڪمرو حوالي ڪيائون ته توهان آرام ڪريو، جنهن تي سائين قاسمي رحه سائين غلام محمد سومرو کي مذاق ۾ فرمايو ته غلام محمد شڪر جو علم جا ٻه اکر اچن ٿا جو هر جڳهه تي ڪجهه نه ڪجهه قدر ٿئي ٿو، ٻي صورت ۾ پاڻ ته ڪر بک ئي مري وڃون ها.

مدرسه هاشميه ۾ دوره حديث جو آغاز:
حضرت قاسمي رحه جن پنهنجي استاد مولانا نور محمد سجاولي جي زندگي ۾ ئي صدر مدرسيء سان گڏوگڏ شيخ الحديث جي مسند تي به فائز ٿيا ۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين دورة حديث پڙهائيند رهيا. تقريبن زندگي جي 73 سالن مان 40ــ50 سال علم حديث پڙهائيندا رهيا. سائين جن جو علمي مقام ايڏو ته بلند هو جو جنهن به مجلس ۾ ويندا ته سمورن ماڻهن ۾ ڇانيل هوندا هئا وفاق المدارس جي عاملا ۽ شوريٰ جا رڪن هئا.

واقعو نمبر 4: 
هڪ ڀيرو وفاق المدار جي اجلاس ۾ ڪن عالمن جو خيال هو ته مدرسن جي نصاب مان ڪجهه منطق ۽ فلسفي وغيره جا ڪتاب خارج ڪيا وڃن ان موقعي سائين قاسمي رحه جن سختي سان ان تجويز کي رد ڪري ڇڏو ۽ مختلف درسي ڪتابن جون بر زبان عربي عبارتون پڙهي پنهنجو ٺوس موقف پيش ڪيو ۽ فرمايائون ته جنهن به مولوي صاحب کي جيڪو ڪتاب نٿو اچي اهو مطالبو ڪري ٿو ته ان کي نصاب مان ڪڍيو وڃي ان ۾ نصاب جو قصور ناهي بلڪه مولوي صاحب جو پنهنجو قصور آهي ان موقعي سائين قاسمي رحه جي علميت سمورن عالمن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اجلاس سائين جي راءِ جي مطابق فيصلو ڏنو مولانا سليم الله خان صاحب فرمايو صاحب الله اوهان جو ڀلو ڪري جو توهان اهم ڪتاب بچائي ورتا.
واقعو نمبر 5:  هڪ ڀيرو وفاق المدرس جي اجلاس ۾ ڪجهه مولوين کي وفاق جي ناظم اعليٰ قاري محمد حنيف جالنڌري تي تحفظات هئا ۽ قاري صاحب کي ان عهدي تان لاهڻ ٿي چاهيو، پر سائين قاسمي رحه ان اجلاس ۾ حيرت انگيز بيان ڪيو ۽ مولوين کي چيو ته ڪير به ڪنهن جون ٽنگون نه ڇڪي نظام جڏهن صحيح هلي رهيو آهي ته پوءِ تبديلي جو ڪوبه جواز نٿو بڻجي، ان موقعي تي به پوري وفاق جي هائوس سائين قاسمي رحه جي تائيد ڪندي قاري صاحب کي پنهنجي عهدي تي برقرار رکيو، ان ڳالهه جو قاري محمد حنيف صاحب خير المدارس ملتان جي پنهنجي ساليانه جلسي ۾ برملا اعتراف ڪندي سائين قاسمي رحه کي دعوت خطابت جي دوران چيائين ته هاڻي آئون دعوت خطاب ڏيان ٿو سنڌ جي ان مائيه ناز علمي شخصيت کي جنهن جي بدولت اڄ به آئون وفاق المدارس جي نظامت جي منصب تي برقرار آهيان، ان جلسي ۾ سائين جي ولوله انگيز خطاب اهل پنجاب کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.

سائين قاسمي رحه جا شاگرد
سائين قاسمي رحه جا هونءَ ته کوڙ شاگرد آهن پر چند مشهور شاگردن جا نالا پيش ڪجن ٿا، مولانا محمد عمر مگسي، مولانا محمد صالح الحداد، مفتي نذير احمد عمراني، مولانا محمد حسن ٿهيم، مولانا علي احمد مگسي، مولانا عبدالرئوف قريشي، مولانا محمد هاشم کٽي، مولانا محمد حسين شاهه، مولانا عبدالقادر شاهه، مولانا محمد رحيم چانڊيو، مولانا عبدالله ٿهيم، مولانا عبدالوهاب بلوچ، مولانا محمد سليم عاطف، مولانا محمد عباس نهڙي، مولانا محمد اسماعيل ميمڻ، مولانا محمد قاسم ميمڻ، مولانا محمد عيسيٰ سمون، مولانا تاج محمد ناهيون، مولانا غلام نبي خشڪ، مولانا خدا بخش خشڪ، مولانا طفيل احمد کٽي، مولانا زبير ميمڻ، مولانا محمد هاشم سومرو، مولانا عبدالرحمان نهڙي، مولانا محمد سليم ڪرمتي، مولانا نجيب الله ميمڻ، مولانا غلام حسين ميمڻ، مولانا محب الله جاڙيجا، مولانا محمد قاسم گلال،  مولانا عبدالغفار جمالي، مولانا منظور احمد گلال، مولانا جمال الدين زئور، مولانا عبدالستار چاوڙو رحه، مولانا محمد قاسم جمالي، مولانا گل حسن زئور، مولانا محمد ابراهيم سومرو، مفتي محمد رمضان سومرو، مولانا احمد سومرو، مولانا جميل الرحمان سومرو، مولانا عبدالحميد هنڱورو، مولانا عبدالمجيد هنڱورو، مولانا جلال ٿهيم، مولانا شڪيل احمد نظاماڻي، مولانا عبدالواجد چانڊيو، مولانا شاهه محمد جوڻو، مولانا محمد افضل جوڻو، مولانا يار محمد جوڻو مولانا غلام مجتبي جوڻو، مولانا خليق الزمان ڪورائي مفتي فيض محمد جوڻو مولانا سعيد احمد شاهه، بچل شاهه مياڻي (سکر) مولانا احسان الله چانڊيو، مفتي محمد شفيع هنڱورجو، مفتي ولي الله لغاري، مولانا حفيظ الرحمان سولنگي، مولانا محمد اسمعيل پتافي، مولانا الله بخش لاسي، مفتي نعيم لاسي، حڪيم مولانا محمد اسماعيل بروهي، مولانا ضياءُ الرحمان بلوچ، مولانا عبدالفتاح جاڙيجه، مولانا عبدالحق جاڙيجه، مولانا تاج محمد جتوئي، مولانا عبدالشڪور ٿيٻو، مولانا مسعود احمد سومرو، مولانا نور محمد بروهي، مولانا محمد الياس راهوڪڙو، مولانا فتح محمد مهيري، مولانا مولانا محد حسن لغاري، مولانا محمد صادق سومرو، مولانا محمد رمضان مهيري، مفتي خالد محمود جوڻو وغيره.

حضرت سائين قاسمي جن کي مناظر اسلام مولانا منظور احمد مينگل جو استاد چوڻ ۽ ان جي حقيقت:
سائين توهان مولانا عبدالغفور قاسمي صاحب رحه کي استاد چوندا آهيو، ڇا توهان ان وٽ پڙهيا آهيو، حقيقت ڇا آهي؟ مولانا منظور احمد مينگل صاحب جو جواب ته آئون سائين قاسمي صاحب وٽ مستقل پڙهيو ناهيان، پر حقيقت اها آهي ته آئون ڪتابن جو مطالعو ڪندو هيس ۽ ڪٿي ڪٿي ڏکيا مقام اچي ويندا هئا، جيڪي منهنجي سمجهه کان مٿي هوندا هئا ۽ آئون انهن کي نه سمجهي سگهندو هيس، پوءِ انهن تي نشان لڳائي ڇڏيندو هئس ته هي عبارت حل ٿيل نه آهي، پوءِ حضرت سائين قاسمي رحه جن جامع فاروقيه ڪراچي ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ آئون سائين جن کي عرض ڪندو هيس ته سائين هي مقام (عبارت) مون کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، براه ڪرم مون کي سمجهائيندا، نوازش ٿيندي، پوءِ سائين قاسمي رحه جن مون کي اهو ڏکيو مقام تمام آسان ۽ سولي نموني سان سمجهائيندا هئا ۽ آئون ان کي آسانيءَ سان سمجهي وٺندو هيس، پوءِ ان جڳهه تي نشان لڳائي ڇڏيندو هيس ته هي مقام حل ٿيل آهي، پوءِ وري مطالعي دوران ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته وري به ان مقام تي نشان لڳائي ڇڏيندو هيس ته هي مقام (عبارت) حل ٿيل ناهي ۽ آئون سائين قاسمي رحه صاحب جو انتظار ڪندو رهندو هيس ته سائين جن ڪڏهن تشريف فرما ٿين ٿا ته آئون پنهنجي علم جي اُڃ اجهائيان ۽ علم جي بحر مان مستفيض ٿيان، ان جي ڪري آئون سائين قاسمي رحه صاحب جن کي استاد چوندو آهيان ۽ سائين قاسمي رحه صاحب جن کان مستفيض ٿيڻ منهنجي لاءِ وڏي سعادت آهي.

جامعه قاسميه سجاول جو قيام:
جڏهن سجاول جي آبادي وڌڻ لڳي، گليون تنگ ٿيڻ لڳيون ۽ مدرسه هاشميه چونڪ آباديءَ جي وچ ۾ هئڻ مهمانن جي اچڻ وڃڻ، جلسي ۽ جلوس ۾ وڏي ڏکيائي محسوس ٿيڻ لڳي، ٻي طرف طالبن جو مدرسه هاشميه ڏانهن لاڙو وڌڻ ڪري مدرسه هاشميه پنهنجي زبان حال سان تنگ دامنيءَ جي شڪايت ڪرڻ لڳو، انهن سمورين مشڪلاتن کي آڏو رکندي سائين قاسمي رحه شهر کان ٻاهر ميرپور بٺورو روڊ تي مدرسو منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 4 ايڪڙ پلاٽ جيڪو شهر جي مرڪزي عيدگاهه ۾ مدرسه لاءِ مختص ڪيو ويو هو، ان پلاٽ تي جديد طرز جي وسيع عيدگاهه ۽ جامع مسجد تعمير ڪرائي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر سائين قاسمي رحه پاڻ پنهنجن هٿن مبارڪن سان رکيو هو.

سائين قاسمي رحه جي تقويٰ ۽ اخلاق:
پاڻ نهايت ئي خوش مزاج، خليق، غيور، حق گو، مخلص، هر دل عزيز، سامراج ۽ ان جي تهذيب کان سخت متنفر، بارعب، متقي حيادار ۽ متوڪل انسان هئا. آخري ڄمار ۾ لڳاتار مختلف بيمارين جي حلمن سبب مدرسه جا انتظامي معاملا مولانا محمد اسماعيل صاحب جي حوالن ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن به مدرسه لاءِ کيس ڪٿان کان ڪا رقم ملندي هئي، سا مولانا محمد اسماعيل صاحب کي ڏيڻ وقت فرمائيندا هئا، مولوي اسماعيل خيال ڪجان هي پئسا جهنم جي باهه آهن. آپريشن جي دوران ڊاڪٽرن ۽ دوستن کي سختيءَ سان منع ڪيائون ته منهنجي ڏاڙهي جو هڪ وار به زيان نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته سڄي زندگي حديث پڙهائي اٿم، پڇاڙيءَ ۾ ڏاڙهي ڪوڙائي پوءِ مران، پوءِ الله ۽ رسول ﷺ  کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس.

بيعت ارشاد:
سائين قاسمي رحه سڀ کان پهرين پنهنجي مهربان استاد مولانا نور محمد صاحب سجاوليءَ جي هٿ تي بيعت ارشاد ڪئي، استاد صاحب رحه جن جي وفات کان پوءِ حضرت مولانا سيد اسعد مدني رحه سان دست بيعت ٿيا، بقول سائين غلام محمد سومرو جي پاڻ فرمائيندا هئا ته حضرت استاد نور محمد رحه جي موجودگيءَ ۾ اسان کي نه ڪنهن جو علم مرعوب ڪري سگهيو ۽ نه وري ڪنهن جي بزرگي متاثر ڪري سگهي، سائين قاسمي رحه حضرت استاد نور محمد رحه جا وڏا شيدائي ۽ نهايت خدمت گذار هئا، حج دوران حضرت استاد صاحب کي پٺن تي کڻي طواف ڪرائيندا هئا، جنهن ڪري استاد نور محمد رحه به کين دعائون ڏيندي فرمائيندا هئا ته اي الله عبدالغفور قاسمي کي هر غم کان ائين بي غم ڪري ڇڏ،  جيئن هن مون کي مدرسه جي باري ۾ بي غم ڪري ڇڏيو آهي.

ٻاهرين ملڪن جا سفر:
سائين قاسمي رحه تقريبن 6 حج ڪيا  ۽ 20 عمرا ڪيا ۽ کين سعودي جو اقامو به مليل هو، سعودي کان سواءِ پاڻ افغانستان ، بنگلاديش، برطانيه، انڊيا، آفريقا ، نيروبي، ملائيشيا وغيره جا به سفر ڪيا.

سائين قاسمي رحه جون مذهبي ۽ سياسي خدمتون:
سائين قاسمي رحه سنڌ ۽ بلوچستان جي تقريبن 200 مدرسن جي جي سرپرستي فرمائيندا هئا، جڏهن ته لاڙ جي مدرسن جي نظام تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ کين سندن استاد مولانا نور محمد رحه سجاولي کان ورثي ۾ مليل تنظيم اصلاح المدارس جي به پاڻ قيادت سنڀاليندا هئا، جنهن ۾ حيدرآباد ڊويزن ۽ ميرپور خاص ڊويزن جا تقريبن 100 جي لڳ ڀڳ مدرسه شامل آهن، سائين قاسمي رحه جا چئني صوبن ۾ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هزارين شاگرد ۽ لکين عقيدت مند موجود آهن، پاڻ ٺٽي، بدين ۽ ٿر جي پٺتي پيل علائقن ۾ مسجدن ۽ مدرسن جو وسيع ڄار وڇايو هو، سماجي خدمتن ۾ سائين قاسمي رحه پنهنجو مٽ پاڻ هو، وڏو سخي ۽ فياض انسان هو، غربت ۽ پوءِ جي سٽيل ماڻهن جي امداد جي حوالي سان سندن پوشيده ۽ ظاهري خدمتون ناقابل فراموش آهن. جن جو تذڪرو پري کان آيل ماڻهو زارو قطارو روئي ڪري ٻڌائي رهيا آهن. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته سائين قاسمي رحه ڪيتري قدر همدرد ۽ غريب پرور انسان هو. سائين قاسمي رحه 10 ــ 12 غريب ۽ نادار عالمن کي حج ۽ عمرا به ڪرايا ۽ ڪيترن ئي بي پهچ ۽ بي سهارن کي شاديون پڻ ڪرايون، پاڻ بيخوف، بيباڪ ۽ حق چوندڙ عالم دين ۽ خطيب هئا، سندن رات ڏينهن وعظ ۽ نصيحت سان هزارين خدا جي ٻانهن جون زندگيون تبديل ٿي ويون، شرڪ ۽ بدعت کان توبه تائب ٿي توحيد ۽ سنت جا علمبردار بڻجي ويا. حرمت حج، ناموس رسالت ۽ عظمت صحابه رضه خاطر شينهن وانگر گجندي ميدان ۾ نڪري پوندا هئا، پوري جماعت کي متحرڪ ڪري ڇڏيندا هئا.

واقعه لواري:
لواري جي جُڙتو حج جي پراڻي فتني کي جنهن تي انگريزي دور کان پابندي پيل هئي تنهن کي جنرل ضياء الحق جي دور ۾ ٻيهر اٿارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، ان فتني کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ حضرت استاد نور محمد رحه سجاولي جي هدايت تي سائين قاسمي رحه بدين ۾ تاريخ ساز جلسو رکايو، لاڙ سنڌ جي تمام مدرسن جي ذميدارن جي يو آءِ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي حڪم ڪيو ته لواريءَ جي مسئلي تي ڀرپور مظاهرا ڪيا وڃن ۽ بدين واري رٿيل جلسي ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي پنهنجي غيرت ايمانيءَ جو ثبوت ڏيندا، سائين قاسمي رحه جي حڪم تي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هلچل مچي وئي سخت مظاهرا ڪيا ويا. بدين انتظاميا عوامي تاءُ ڏسندي بدين ۾ 144 جو قلم لاڳوُ ڪري ڇڏيو. پر سائين قاسمي رحه فرمايو ته پوري لاڙ جي جماعت کي هر حال ۾ بدين پهچڻو آهي، طئي ٿيل تاريخ تي بدين جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ بدين جي چئني طرفن کان قافلن جي صورت ۾ ماڻهو پتنگن وانگر اچڻ شروع ٿي ويا، بدين شهر الله اڪبر جي صدائن سان گونجڻ لڳو، سائين قاسمي رحه سميت تمام  ضلعن کان اهم عالم سڳورا پهچي ويا، زبردست جلسو ٿيو، عالمن ۽ خطيبن اڀ ڏاريندڙ تقريرون ڪيون، ان موقعي تي سائين قاسمي رحه سنڌ حڪومت ضياءُ آمريت ۽ بدين انتظاميا کي خبردار ڪندي للڪاريو ته لواري جي جُڙتو حج کي بند نه ڪيو ويو ته هاڻي هي غيرتمند مسلمان لواري جي طرف رخ ڪندا، ان موقعي ته مولانا خير محمد نظاماڻي، مولانا محمد سومرو، مولانا محمد قاسم جمالي، مولانا عبدالستار چاوڙو رحه، مولانا محمد عيسيٰ سمون ۽ ٻين خطاب ڪيو، جلسي جي اختتام تي بدين ۾ زبردست جلوس ڪڍيو ويو، شهر جي مختلف چوڪن تي تقريرون ڪيون وين، آخر ۾ بدين ضلعي جي ڊي سي ۽ ايس پي دفتر جو گهيرو ڪيو ويو،  انتظاميا مچريل ماڻهن آڏو بي قابو ٿي وئي، نيٺ ڳالهين جي لاءِ تيار ٿي وئي ۽ ڳالهين جي نتيجي ۾ لواري جي ڪوڙي حج تي پابندي وجهي لواري جي درگاهه کي بند ڪيو ويو، اڄ تائين پابندي لاڳو آهي.

مسئله ختم نبوت ﷺ :
سائين قاسمي رحه ختم نبوت ﷺ  جي ڪنهن به پروگرام کان نه لنوائيندا هئا، امت جي ساڌن ۽ اٻوجهه مسلمانن کي هر جلسي ۾ مرزائين ۽ قاديانين جي فتني کان آگاهه ڪندا رهندا هئا ۽ مسلمانن جي دلين ۾ سچي رسول مٺڙي محمد عربي ﷺ  جي محبت ۽ عقيدت اجاگر ڪندا رهندا هئا، ان سلسلي ۾ مٺيءَ ۾ ختم نبوت ﷺ  جي جلسي ۾ پهتا ته سجاول کان اطلاع مليو ته توهان جو وڏو ڀاءُ حاجي عبدالعليم جو انتقال ٿي ويو آهي، پر سائين قاسمي رحه فرمايو ته، ڀاءُ جي جنازي جو مسئلو فرض ڪفايه آهي پر ناموس رسالت ﷺ  ۽ ختم نبوت ﷺ  جو مسئلو فرض آهي، ان ڪري پوري اطمينان سان ختم نبوت جي مسئلي تي روشني وڌائون ۽ تفصيلي خطاب ڪيائون تنهن کان پوءِ سجاول روانا ٿي ويا.

مسئله عظمت صحابه رضه:
سائين قاسمي رحه عظمت صحابه رضه خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا هئا. ميرپور بٺورو شهر ۾ خواجا برادري جي هڪ ملعون حضرت فاروق رضه اعظم جي شان ۾ گستاخي ڪندي پتلو ٺاهيو، بٺوري جا خواجا سياسي اثر رسوخ جي ڪري بٺوري جا وڏا وڏا دادا سمجهايا ويندا هئا، سائين قاسمي رحه کي ان مسئلي جي خبر پئي ته سائين قاسمي رحه انتظاميا کي خبردار ڪيو ته ان گستاخ کي گرفتار ڪري امن امان جي مسئلي تي قابو پاتو وڃي، ٻي صورت ۾ حالات جي ذميوار انتظاميه تي هوندي، سائين قاسمي رحه بٺورو شهر ۾ هڪ تاريخي جلسي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اشتهار ڇپرايا، سائين غلام محمد سومرو کي ساڻ ڪيو ۽ سائين قاسميءَ وٽ موجود جيڪا به رقم هئي کيسي ۾ وڌي دوست کان گاڏي گهرائي لاڙ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ گهر گهر ۽ در در وڃي بٺوري جي مسئلي کان جماعت کي آگاهه ڪيو ۽ بٺوري جي طئه ٿيل جلسي ۾ شرڪت لاءِ ساٿين کي تاڪيد ڪيو، آخر ۾ سائين وٽ رقم مان باقي 5000 هزار رپيا وڃي بچيا. ايماني جوش ۾ اچي سائين قاسمي رحه فرمايو ته غلام محمد جيڪڏهن پئسا کٽي ويا ته آئون راڊو گهڙي به وڪڻي ناموس صحابه ۽ عظمت عمر فاروق رضه خاطر بٺورو  شهر ۾ هڪ لک ماڻهو گڏ ڪري گستاخي ڪندڙن تي بٺوري جي ڌرتي ٽامو بڻائي ڇڏيندس ۽ خواجن کي ٻڌائيندس ته حضرت عمر فاروق رضه جو شان ڇا آهي؟ سائين قاسمي رحه جي للڪار سان انتظاميه ۾ ٿرٿلو مچي ويو، نيٺ گستاخ گرفتار ٿيو، بٺوري جي جامع مسجد ۾ ڀري مجلس ۾ هٿ ٻڌي لکت ۾ معافي ورتي. سائين قاسمي رحه عالي ظرف مدبر ۽ سياستدان به هو، پاڻ جاگيراڻي ۽ وڏيراڻي سياست جا ڪٽر مخالف هئا، پنهنجي علمي بيانن ۾ ظالم حڪمرانن جي ٺيڪ ٺاڪ خبر وٺندا هئا، پاڻ جمعيت علماءِ اسلام جا صوبائي نائب امير ۽ سرپرست به رهي چڪا هئا، جمعيت سان سندن لاڳاپو ڇڙو سياسي نه پر اعتقادي حد تائين هو، جمعيت جي رڪنيت سازي جي بابت فرمائيندا هئا ته رڪنيت واري پرچيءَ کي آئون آخرت ۾ نجات جو ذريعو ٿو سمجهان، وفات کان ٻه هفتا اڳ ۾ رڪنيت فارم پر ڪري پوءِ آپريشن لاءِ اسپتال ويا، 1974ع جي تحريڪ ختم نبوت ﷺ  کان وٺي وفات تائين هر تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ملڪ جي هر ننڍي توڙي وڏي تحريڪ ۾ هميشه دسته اول جو ڪردار ادا ڪيو، سادي ۽ عوامي زبان ۾ خطاب جي ڪري عوام الناس ۽ علمي حلقن ۾ مقبول ترين خطيب هئا، عوام جي دلين جي ڌڙڪن هئا، حق چوڻ ۾ ڪنهن کان به نه ڊڄندا هئا، ظالمن ۽ لٽيرن کي هميشه للڪاريندا هئا، هڪ دفعو ٺٽي جي ايس پي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ علائقي جي بااثر ۽ چڱن مڙسن جو اجلاس گهرايو، جنهن ۾ تر جا وڏيرا، واپاري ۽ معزز شهري شريڪ ٿيا، سائين قاسمي رحه به شريڪ ٿيو، ايس پي چيو ته لُٽ مار ۽ بدامني وڌي وئي آهي، ان تي ڪيئن ڪنٽرل ڪجي؟ هر ڪنهن پنهنجي راءِ ڏني، ان موقعي تي سائين قاسمي رحه فرمايو ته چور غريب ڪونهي، بلڪه چور آفيسر هوندو آهي يا علائقي جو وڏيرو منهنجي راءِ اها آهي ته مون (قاسمي رحه) سميت علائقي جي سمورن وڏيرن ۽ ڀوتارن کي گرفتار ڪري ناقابل ضمانت جيل جي حوالي ڪيو، وڃي پوءِ ڏس ته امن ٿئي ٿو يا نه، جنهن تي شرم مان وڏيرا هڪ ٻئي جا منهن تڪڻ لڳا، سائين قاسمي رحه جمعيت علماءِ اسلام جو صوبائي نائب امير ۽ سرپرست به رهي چڪو هو، ٻه دفعا اين اي 238 ٺٽو 2 تي ۽ هڪ دفعو پي ايس 86 سجاول تي اليڪشن وڙهيا هئا ۽ هڪ ڀيرو بدين ضلعي ۾ اين اي 224 ماتلي ٽنڊو باگو واري سيٽ تي ۽ پي ايس 46 ماتلي تي به اليڪشن وڙهيا هئا.

آخرت جو سفر:
آخري ڄمار ۾ ايڪسيڊنٽ ۽ دائمي شوگر جي ڪري زياده تر سائين قاسمي رحه جي طبيعت ناچاق رهندي هئي خميس جي ڏينهن آپريشن لاءِ آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل ٿيا، ڇنڇر ڏينهن سائين جن جو ڪامياب آپريشن ٿو آپريشن کان پوءِ سائين جن هوش ۾ به اچي ويا، بيمار پرسي لاءِ آيل احبابن کي گواه بنائيندي زور سان بار بار ڪلمو شهادت ۽ ڪلمو توحيد به پڙهيو، ۽ ڪجهه طبعيت موافق کاڌو به تناول فرمايو، ان وقت بلڪل ٺيڪ محسوس ٿيڻ لڳا آيل دوستن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي ويئي، ڪافي دير تائين گفتگو ڪندا رهيا، پوءِ ساٿين کي فرمايائون ته توهان کي اجازت آهي آئون آرام ٿو ڪريان اوچتو رات جو تقريبن 12:30 وڳي سائين جي طبيعت خراب ٿي ويئي ۽ دماغ جو اٽيڪ ٿي ويو، پوءِ سائين جا خاص معالج ۽ عقيدتمند ڊاڪٽر محمد فاروق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر طفيل احمد ميمڻ جي مشوري سان سائين جن کي پنهنجي ذاتي ميمڻ اسپتال صفوران ڳوٺ ڪراچي ۾ کڻي آيا، ۽ سائين جن کي آئي سي يو وارڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيو، انهن ويچارن علاج ۾ پنهنجي وسان نه گهٽايو، پر مٿان ئي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا، نيٺ واديءَ سنڌ جو عظيم سپوت علم ۽ عرفان جو اونهون سمنڊ، جرئت همت ۽ استقامت جو مضبوط ڏونگر لاڙ سنڌ جو ناياب هيرو، درسء تدريس جو بادشاهه اخلاص ۽ تقويٰ جو پيڪر جامع المعقول والمنقول استادن جو استاد شيخ الحديث حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي رحه 73 سالن جي ڄمار ۾ سومر جي ڏينهن صبح 08:15 وڳي 25 نومبر 2013ع تي دنيا جي فاني گهر کان آخرت جي باقي گهر طرف هميشه لاءِ ڪوچ ڪري ويو.
انا للہ وانا الیہ راجعون
سائين قاسمي رحه جي وفات حسرت آيات جي خبر جهنگ جي باهه وانگر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ پهچي ويئي، سومر جي شام مغرب نماز کان پوءِ جامعه قاسميه سجاول ۾ استاد نور محمد سجاولي جي لائق فرزند استاد الحديث سائين مولانا محمد صالح الحداد صاحب دامت برڪاته العاليه نماز جنازه پڙهائي، سجاول جي تاريخ جو هي وڏو جنازو هو جامعه جو 4 ايڪڙ وارو پلاٽ به ناڪافي ٿي ويو جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهون مدرسه جي چودياري کان ٻاهر به صفون ٻڌي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي نهايت ئي رقت آميز منظر هو، هر اک آلي هئي، سائين جي وصيت مطابق کيس پنهنجي استاد نور محمد رحه جي قدمن ۾ ۽ سندس وڏي ڀاءُ حاجي عبدالعليم جي ڀر ۾ رات 10 وڳي مصري شاهه قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سائين ويندي ويندي خاموش زبان سان ڄڻ اسان کي هيئن چوندي ويو.

ہمارے بعد اندھیرا رہے گا محفل میں
بہت سے چراغ جلاؤ گی روشنی کے لئے
سائين قاسمي رحه جن جي شخصيت همه جهت ۽ جامع الصفات هئي پاڻ فقط عالم نه پر قابل فخر علمي ادارا هئا، سائين قاسمي رحه جي رحلت سان سنڌ مان علم جو هڪ باب بند ٿي ويو، اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين.
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جئي کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.


فهرست   Index

















Sindh Digital Readers


Comments

  1. سادات جي خاندان مان حاجي هاشم شاهه مٽياري هو، جيڪو سيد حاجي عبدالرحيم شاهه مٽياري جو ڀاءُ هو،

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت