روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم رَبَّ صَاءِمٍ لَیۡسَ لَہٗ مِنۡ صِیَامِہٖ اِلاَّ الۡجُوۡعُ وَرُبَّ قَاءِمٍ لَیۡسَ لَہٗ مِنۡ قِیَامِہٖ اِلاَّ الشَّھۡرُ۔ (سنن ابن ماجۃ کتاب الصیام باب ماجاء فی الغیبۃ والرفث للصاءم ص 122(

حضرت ابو هريرة رضھ کان روايت آهي ته 


پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته گهڻائي روزيدار اهڙا آهن جو انهن کي روزي جي ثمرات مان بکي رهڻ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي ۽ گهڻائي شب بيداري ڪرڻ وارا ۽ رات جو عبادت ڪرڻ وارا اهڙا به آهن جو انهن کي رات جي جاڳن (جي تڪليف ۽ مشقت) کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي.

اهلِ علم حضرات هن حديث شريف جي وضاحت ۽ شرح ۾ چند قول ذڪر ڪيا آهن انهن مان ڪجهه کي ذڪر ڪريون ٿا.

(1)         هڪ قول هي آهي ته اهو شخص روزي ۾ گناهه وغيره کان پرهيز نه ڪندو هجي ته ان کي به بکي ۽ اڃي رهڻ کان علاوه ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
(2)         ٻيو قول هي آهي ته ان مان مراد اهو شخص آهي جيڪو پورو ڏينهن روزو رکي ڪري حرام مال سان افطار ڪري ته جيتري قدر روزي جو اجر و ثواب مليو هيو ان کان به وڌيڪ گناهه حرام مال جي کائڻ جو ٿي ويو ته ان شخص کي پوري ڏينهن بکي رهڻ کان علاوه ڪجهه به نه ملندو.
(3)         ٽيون قول هي آهي ته ان مان اهو شخص مراد آهي جيڪو روزو رکندو هجي ليڪن روزي جي حالت ۾ غيبت ۾ به مبتلا رهندو هجي ته انهيءَ شخص کي به بکي رهڻ کان علاوه ڪجهه حاصل نه ٿيندو. لهذا اسان کي گهرجي ته روزي جي حالت ۾ گناهن ۽ نافرمانين کان پرهيز ڪريون، ته جيئن روزي جو اجر و ثواب حاصل ٿي سگهي.

خلاصو هي آهي ته ڪهڙي به قسم جي عبادت هجي جيستائين اخلاص نيت، حضوريءَ قلب، صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنوديءَ جو جذبو ان ۾ ميسر نه هوندو ته اها عبادت بغير روح جي هوندي آهي. جنهن سان نه قرب الاهي جي سعادت ميسر ايندي آهي ۽ نه وري اجر ۽ ثواب جي دولت حاصل ٿيندي آهي.

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت