روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ رضہ عَنِ النَّبِیّ صلى الله عليه وسلم اَنَّہٗ قَالَ یُغۡفَرُ لِاُمَّتِہٖ فِیۡ آخِرِ لَیۡلَۃٍ فِیۡ رَمَضَانَ قِیۡل ۔ یَا رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم اَھِیَ لَیۡلَۃُ الۡقَدۡرِ قَالَ ولٰکِنَّ الۡعَامِلَ اِنَّمَا یُوَفّی اَجۡرَہٗ اِذَا قَضٰی عَمَلَہٗ رواہ احمد۔ (مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم الفعل الثالث ج 1 ص 174
(
حضرت ابو هريرة ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته 


انهن جي (يعني منهنجي) امت (جي روزيدار ماڻهن) جي رمضان شريف جي آخري رات ۾ بخشش ڪئي ويندي آهي، عَرض ڪيو ويو ته اي الله جا رسول ﷺ ڇا اها رات ليلة القدر جي آهي؟ (جنهن ۾ بخشش ڪئي وڃي ٿي) پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته نه بلڪه ڪم ڪرڻ وارو جڏهن پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيندو آهي ته ان کي انهيءَ وقت ان جي پوري مزدوري ڏني ويندي آهي.

هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن روزيدار جي مغفرت جو تذڪرو فرمايو آهي اها مغفرت جي سعادت ليلة القدر جي ڪري عطا نه ٿيندي آهي بلڪه انهيءَ عظيم فرض جي تڪميل ۽ پوري ٿيڻ تي ملندي آهي جنهن جي ادائگيءَ جو حڪم الله پاڪ پنهنجن ٻانهن کي ڏنو آهي ڇو جو مزدور کي مزدوري ڪم جي پڄاڻيءَ تي ڏني ويندي آهي. لهذا روزيدار کي به رمضان شريف جي آخري رات ۾ پوري پوري مزدوري ضرور ملڻ گهرجي انهيءَ شئي کي پاڻ ڪريم ﷺ جن هن حديث شريف ۾ بيان فرمايو آهي.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت