سنڌ جي مٽي سلام - اياز جاني



سنڌ جي مٽي سلام
اياز جاني

سنڌ جي مٽي سلام!
آسمان جنهن کي سڏيو،
سو پيمَبر ٿي ويو ؛
سو قلندر ٿي ويو ؛
تو ڪيو جنهن سان ڪلام!
سنڌ جي مٽَي سلام!


تنهنجي خوشبو جو سوڳنڌُ،
جنهن به پيتو تنهنجو منڌُ،
تنهن جهڪايو ڪنڌ کي،
تنهن مٽايو انڌ کي،
تو ڏنو ان پنڌ کي
اُڀ کان اوچو مقام!
سو قلندر ٿي ويو،
تو ڪيو جنهن سان ڪلام!
سنڌ جي مٽيَ سلام!

ڀونءِ کان آڪاش ڏي ؛
تو سُهائيءَ کي ڏٺو،
وحدت الوجود جي؛
آشنائيءَ کي ڏٺو،
تو ڏٺو هو نور کي،
علم جي ڪوهنور کي،
مروندي منصور کي،
خاڪ جنهن جي ٿو چُمي،
پنهنجي اکين سان عوام!
سو قلندر ٿي ويو،
تو ڪيو جنهن سان ڪلام!
سنڌ جي مٽَي سلام!

تو ڏٺي هستي هئي،
جنهن ۾ سرمستي هئي،
تو ڏٺو تنهن رقص کي،
شمس” “رومي” هِڪ هئا؛
تو ڏٺو ان عڪس کي،
جو ڪري پرواز پيو،
تو ڏٺو ان شخص کي
جنهن جو فطرت پئي ڪري
پاڻ ئي خود احترام!
سو قلندر ٿي ويو،
تو ڪيو جنهن سان ڪلام!
سنڌ جي مٽَي سلام!

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت