ڪلاس ريپٽيليا (Reptilia)

ڪلاس ريپٽيليا (Reptilia)
ريپٽيليا مان مراد ريڙھيون پائي ھلندڙ جانور آھن. جن جي کل خشڪ ڇلرن سان ڍڪيل آھي. ھي ڪرنگي وارا جانور آھن ھنن مان اڪثر خشڪيءَ تي جڏھن ته ڪجھ پاڻيءَ ۾ رھن ٿا. ھي خشڪي تي آنا لاھين ٿا. ھي ڦڦڙن وسيلي ساھ کڻن ٿا. ھي ٿڌي رت وارا جانور آھن. ھنن جي وات ۾ ٻنھي ڄاڙين ۾ ڏند ٿيندا آھن. ابتدائ ۾ ريپٽائلس کي ڊائنوسارس (Dinosaurs) چيو ويندو ھو جيڪي تمام وڏا ھوندا ھئا پر ھينئر موجود نه آھن. ھن وقت ريپٽيليا جا عام مثال ڪرڙي، نانگ، واڳون سانڊو وغيرھ آھن.

نانگ
نانگ بنا پيرن جي ريڙھيون پائيندڙ آھي نانگ جا مختلف قسم آھن جن مان ڪاريھر نانگ پنھنجي موت مار زھر ھئڻ جي ڪري تمام گھڻو مشھور آھي. ڪاريھر جو زھر وينم (Venom) سڏبو آھي جيڪو نانگ جي مٿئين ڄاڙيءَ ۾ موجود غدودن (Glands) ۾ پيدا ٿيندو آھي. نانگ پنھنجي شڪار ۾ زھر ھڪ خاص ڏند فئنگس (Fangs) وسيلي داخل ڪري ٿو. اھو ڏند ڀڄي پوڻ بعد ٻيھر ڦٽندو آھي. ٻين ڏندن جو زھر سان تعلق نه ھوندو آھي. اھا ڳالھھ به سمجھڻ ضروري آھي ته سڀئي نانگ زھريلا ڪونه ھوندا آھن.

ڪلاس ريپٽيليا (Reptillia) جون خاصيتون
(1)           ھي پٽ ريڙھيون پائي ھلن ٿا.
(2)           ھنن جي کل خشڪ ڇلرن سان ڍڪيل ھوندي آھي.
(3)           ھي خشڪيءَ تي آنا لاھين ٿا.
(4)           ھنن جي ٻنھي ڄاڙين ۾ ڏند آھن.
(5)           ھي ٿڌي رت وارا جانور آھن
(6)           ڦڦڙن سان ساھ کڻن ٿا.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت