شبِ قدر جي خاص دعا


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
شبِ قدر جي خاص دعا
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَائِشَۃَ  رضہ قَالتۡ قُلۡتُ یَا رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم اَرَأیۡتَ اِنۡ عَلِمۡتُ اَیُّ لَیۡلَۃٍ الۡقَدۡرِ مَا اَقُوۡلُ فیۡھَا قَالَ قُوۡلِیۡ اَللّٰھُمَّ اِنَّکَ عَفُوٌّ کَرِیۡمٌ تُحِبُّ الۡعَفۡوَ فَاعۡفُ عَنِّیۡ۔
(مسند احمد بن حنبل ج 6 ص 171 و 172 و 173۔ سنن ابن ماجۃ رقم الحدیث 385۔ کنز العمال رقم الحدیث 3716۔ 24282)
”حضرت عائشة رضھ کان روايت آهي ته مون پاڻ ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيو ته مون کي ٻڌايو ته اگر مون کي معلوم ٿي وڃي ته اڄ شبِ قدر آهي ته آءُ انهيءَ رات الله پاڪ کان ڇا گهران ۽ ڪهڙي دعاء ڪريان؟ ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هي دعاء گهرو:
اَللّٰھُمَّ اِنَّکَ عَفُوٌّ کَرِیۡمٌ تُحِبُّ الۡعَفۡوَ فَاعۡفُ عَنِّیۡ“
”اي منهنجا پروردگار تون گهڻون معاف ڪرڻ وارو آهين ۽ تون وڏو ڪرم ڪرڻ وارو آهين ۽ معاف ڪرڻ توکي پسند آهي تنهن ڪري تون منهنجون غلطيون به معاف فرماءِ.



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت