ابو نصر فارابي

مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون

سنڌيڪار: جوھر بروھي






ابو نصر فارابي

ابو نصر فارابي 870ع فاراب ترڪستان ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جرنيل ھو ھن ابتدائي تعليم فاراب ۽ بخارا ۾ حاصل ڪئي. پوءِ اعليٰ تعليم جي لاءِ بغداد ويو. جتي ھو 901ع کان 942ع تائين رھيو. اتي عربي زبان تي عبور حاصل ڪيو. مختلف علمن ۽ فنن ۾ قابليت حاصل ڪئي. حياتي جا پويان ڏينھن سيف الدوله وٽ دمشق ۾ گذاريا، اسي سالن جي ڄمار ۾ 950ع سال وفات ڪئي فارابي صوفي طيعت انسان ھو. ڏيکاءَ ۽ دولت يا رتبي سان کيس خاص چاھ نه ھو. بادشاھ سيف الدولھ سندس ڪافي عزت ڪندو ھو. ان فارابي تي گھڻو زور ڀريو ته خزاني مان روزانو خرچ وغيرھ لاءِ ڪجھ وڌيڪ رقم حاصل ڪندو رھ. پر ھن روزانه چار درھم ورتا.

فارابي فلسفي، طب، رياضي ۽ موسيقي تي ڪافي مھارت رکندو ھو ان جون گھڻيون تصنيفون ضائع ٿي ويون. جيڪي تصنيفون موجود رھيون سي 117 آھن. جن منجھان منطق تي 43 تعليمي طريقي تي 11، طبعيات تي 10، اخلاقيات بابت 7 ۽ سياست تي 7 ڪتاب آھن. سندس ڪيترا قلمي نسخا اڄ به دنيا جي وڏن ڪتب خانن ۾ موجود آھن. 1890 ۾ ان جي ٻارھن ڪتابن جو جرمن ٻولي ۾ ترجمو ٿيو. جيڪي گھڻو ڪري سائنس جي موضوع تي آھن. فارابي پنھنجي لافاني تصنيف (رساله في آراء اھل المدين. الفاضلي. ذريعي علم عمرانيات (ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي جي اصولن جي علم (Sociology) ۾ وڏو واڌارو آندو.

تعليمي طريقي بابت فارابي جا ٻه ڪتاب (التعليم الثاني) ۽ (احصائ العلوم) ڪافي مشھور ٿيا. جن يورپي مصنفن کي متاثر ڪيو. (التعليم الثاني) اصل ۾ ارسطو جي تعليمات جو خلاصو آھي، علمن بابت فارابي جو نظريو ھن ريت آھي.

جيڪو شخص علم حڪمت (علم جو تمام مٿاھون درجو) حاصل ڪرڻ گھري ته سڀ کان اڳ کيس قران ۽ حديث جو علم حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ ان کي ذھين ۽ نيڪ ماڻھن جي اخلاق جو پابند ٿيڻ گھرجي. کيس روزگار بابت به اطمينان ھجڻ گھرجي. جنھن شخص جو علم ان جي اخلاقي اصلاح نه ٿو ڪري اھو آخرت جي سعادت حاصل نه ٿو ڪري سگھي. سعادت جي تڪميل سھڻن اخلاقن سان ٿيندي آھي) فارابي جو ھڪ وڏو ڪارنامو ھي به آھي ته ھن منطق کي سولو ڪري ڇڏيو. ھن منطق کي ٻن حصن ھڪ تخيل ۽ ٻيو ثبوت ۾ ورھايو. ھڪ قول مطابق فارابي منطق جي سلسلي ۾ پاڻ کان اڳين فلسفين کي مات ڏئي ڇڏي. ھن ڪيترن مذھبي مسئلن جي فلسفياڻي تشريح ڪئي آھي. پيغمبري، وحي، جنت، تقدير ۽ عرش معليٰ کي مضبوط دليلن سان ثابت ڪيو آھي.

فارابي کان پوءِ سڀني فلسفين ھن جو اثر قبوليو، پنھنجي عقلي فلسفي جي بنياد تي فارابي جرمن فلسفي (ڪانٽ) جو به رھنما آھي. وڏن ماڻھن بابت، جنھن نظريي کي انگريز فلسفي (اسپنسر) پيش ڪيو سو به فارابي جو ڏنل نظريو ھو. ان ريت (روسو) کان ڪيترا سو سال اڳ فارابي معاشرتي معاھدي (Social Contract) جو نظريو پيش ڪيو. مشرق ۾ بو علي سينا، ابن رشد، ابن خلدون، فخر الدين رازي، جلال الدين رومي ۽ امام غزالي پارا فرابي کان متاثر ھئا.




Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت