نذرانه عقيدت بحضور قلندر لعل شهباز - معصوم بُخاري
انهيءَ کي
ڇاجي پو ٻڏتر قلندر!
مليو جنهن دل
کي، تنهنجو در قلندر!
ڪرين هر من
کي ٿو منوّر قلندر!
گنوائين پل ۾
ٿو گوندر قلندر!
گهراڻي
مصطفيٰ جو شان آهين،
زماني تي وڏو
احسان آهين.
تون مستن جو
پڪو ايمان آهين
سراسر عشق جو
اعلان آهين.
تنهنجو رتبو
آ بالا تر قلندر!
سڀن جو جهول
خالي ڀر قلندر!
حسيني آل،
نجف جو ناز آهين،
صدائي عشق جو
آواز آهين،
تون زينب عه
جي دُعا جو راز آهين
دُنيا ۾ تون
رڳو شهباز آهين،
خدا توکي ڏنو
آ پَرُ قلندر!
جتي ڪاٿي ٿون
جلوه گر قلندر!
حقيقت، معرفت
جو واسطو آن،
خدا ۽ دل جي
وچ ۾ رابطو آن،
مڪي کان
ڪربلا جو قافلو آن،
نبيءَ کان پو
وليءَ جو سلسلو آن،
تون حق جي
راهه جو رهبر قلندر!
عَلمُ تنهنجو
ٿيو گهر گهر قلندر!
ڪيو ٿا قرب
جنهن تي ڀي نظر جو،
اهو آڪاس ٿي
ٿو پئي اندر جو،
سخاوت ۾ نه
ثاني تنهنجي گهر جو،
ولي ٿئي ٿو
گداگر تنهنجي در جو،
ڇُلي ٿو فيض
جو ساگر قلندر!
نوازي هي
ڇڏيو نوڪر قلندر!
نه جن آ پير
کنيو ڪو زندگيءَ ۾،
اهي تو وٽ
نچن ٿيون بي خوديءَ ۾،
دليون جيڪي
پچن ٿيون عاشقيءَ ۾
اهي ئي بس
رهن ٿيون آگهيءَ ۾،
تون مستيءَ،
هوش جو منظر قلندر!
تون محبت
پيار جو محور قلندر!
کڻي هڪ عرض آ
معصوم آيو،
مهابي مرتضيٰ
جي سو اگهايو.
وڇوڙي واري
هر دل کي ملايو،
رُئندڙ جا به
اک آهي کلايو.
اميدن جا
وسايو ٿر قلندر!
ڪيو سرسبز
سارو تر قلندر!
Comments
Post a Comment